ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سموريون ليزون رد ڪرڻ جو حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سموريون ليزون 24 ڪلاڪن اندر رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. غيرقانوني ليز ڏيندڙن ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل 2 رڪني بينچ وڪيل شنڪر ميگهواڙ جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ جي سونهن ڪارونجهر مان پٿر جي ڪٽائي جو سلسلو اڃا جاري آهي. ڪارونجهر ۾ ڪيترائي آڳاٽا مندر، مسجدون ۽ ٻيون عبادتگاهون آهن، ثقافتي ورثو هئڻ سبب ڪارونجهر نيشنل هيريٽيج قرار ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. جسٽس محمد شفيع رمارڪس ۾ چيو ته غير قانوني طريقي سان ڪارونجهر جي ڪٽنگ ڪندڙن خلاف 24 ڪلاڪن اندر ڪيس داخل ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر کي 24 ڪلاڪن اندر سموريون ليزون رد ڪرڻ ۽ ڪٽائي روڪڻ جو حڪم، سڀاڻي رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي.