بلاگنئون

بارشون موسمياتي تبديلين جو هڪ خوفناڪ پيغام

پاڪستان ۾ گذريل اونهاري جي ٻوڏ هڪ واضح ۽ خوفناڪ پيغام ڏياريندڙ هئي ته تبديل ٿيندڙ موسم مستقبل ۾ وڌيڪ تباهي آڻيندي جنهن ۾ اسان جهڙي جيتامڙي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ گليشيئر پگهرجي سگهن ٿا، سامونڊي پاڻيءَ ۾ اوڌ ٿي سگهي ٿي، ٻوڏون وڌيڪ اچي سگهن ٿيون، جنهن ۾ موجوده نظام درهم برهم ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي جاري ڪيل رپورٽ به خبردار ڪيو هو ته نظام بهتر ڪيو ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ کي محفوظ بڻايو، جو عام ماڻهن جو گهڻي ۾ گهڻو نقصان بارشن ۽ قدرتي آفتن جي ڪري ٿئي ٿو. 2023 ۾ بارشن جي گهڻائي جي ڪري ڪجھه علائقا پاڻي هيٺ رهيا ۽ ڪجھه علائقا وري وڏي ٻوڏ واري صورتحال سبب تباهي جو شڪار ٿيا. آگسٽ 2023 ۾ قومي ايمرجنسي جو اعلان به ڪيو ويو هو، وڏي ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ مون سون برساتن جي ڪري ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ رهيو هو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا هئا، اقوام متحده 9 جنوري 2024 تي جنيوا ۾ موسمياتي ڏمرن تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي هئي، جنهن ۾ دنيا اندر تبديل ٿيندڙ موسميات جي نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف شين تي غور ڪيو ويو هو. ان دوران گڏيل قومن جي معاونت سان ڪيل مختلف مطالعاتي ۽ تحقيقي ڪمن جو حوالو ڏيندي ڪجھه شيون عام ماڻهن تائين پهچايون ويون هيون ته هيل ۽ ايندڙ بارشون ملڪ ۾ ڪيتري تباهي مچائي سگهن ٿيون. رپورٽ مطابق موسمياتي تبديليون ۽ مسلسل گرمي جي پد کي هڪ وڏو خطرو قرار ڏنو ويو هو. تحقيقي رپورٽن ۽ موسمياتي تبديلين جي وقتي تنبيهه جي باوجود به رياستن ڪي خاطر خواهه قدم نه کنيا، جنهن سبب وڏيون تباهيون ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي اڃان به وڌيڪ ٿيڻ جو انديشو ۽ امڪان آهي ته غريب ملڪ اڃان به وڌيڪ متاثر ٿيندا.

گڏيل قومن جي رپورٽ ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن (ڊبليو ايم او) جي هڪ تازي مطالعي جو حوالو پڻ ڏئي ٿي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته گرمي جي لهر 2060 جي ڏهاڪي ۾ وڌيڪ گهڻي ٿي ويندي. (ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن هڪ گڏيل قومن جي موسمياتي ايجنسي آهي) ان مطابق موسمن جي تبديلي سخت سردي ۽ سخت گرمي هوندي، جنهن جا سبب ترقي يافته ملڪن جي ترقي به آهي، جنهن جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۽ آباديءَ جي پيِھَه کي گهٽائڻو پوندو. بدلجندڙ آبهوا سرد ۽ گرم موسمن جي لاءِ سنگين خدشا وڌائي ٿي، جنهن جي لاءِ رپورٽ ۾ وڌيڪ خبردار ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي رپورٽ گرين هائوس گئسن جو به حوالو ڏئي ٿي، جنهن ۾ ٽن خاص گئسن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽرس آڪسائيڊ ۽ ميٿين جي رڪارڊ سطحن جو تفصيل ڏنل آهن، جنهن ۾ 40 سالن اندر هر سال انهن گئسن جي وڌاءُ ۾ وڏو اضافو ٿيندو رهيو آهي، جيڪو انساني زندگي سان گڏ پاڻي ۽ خشڪي جي جيوت لاءِ به وڏيون هاڃيڪار آهن. توڻي جو موسمي تبديلين جا اڻ ڳڻيا سبب آهن، جيڪي انساني روزمره جي زندگي، معاشي، معاشرتي سرگرمين ۽ تبديلين جا بنيادي عنصر مڃيا وڃن ٿا. ان ڪري انهن سڀني ثبوتن ۽ نتيجن کي ڏسي گهٽ ڪاربن واري معيشت ڏانهن هڪ شفٽ جي فوري ضرورت آهي.

دنيا جي وڏين معيشتن يوڪرين ۾ جنگ جي نتيجي ۾ توانائي جي بحرانن جو واضح ثبوت ڏنو آهي، جنهن ۾ رياستن جي لاءِ پراڻن پاور پلانٽس کي ٻيهر کولڻ ۽ نون تيل ۽ گئس فراهم ڪندڙن ذخيرن جي ڳولا ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي رپورٽ امير قومن کي ياد ڏياريو آهي ته جيڪڏهن اهي ماضيءَ ۾ توانائي ۾ سيڙپڪاري ڪن ها ته اهي تيل جي مارڪيٽ جي قيمت جي عدم استحڪام کان بچي سگهن ها، گهريلو مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ آبهوا جي عمل کي هڪ طرف رکڻ جو دليل به ڳرو آهي، ڇو ته صاف ۽ صحتمند ماحول تائين پهچ هڪ عالمي انساني حقن ۾ به شامل آهي. عام طور تي ماحولياتي ناانصافين کي گهٽائڻ، ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ماڻهن کي ماحولياتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ بااختيار بڻائڻ به سرڪاري فرضن ۾ شامل آهي. نومبر 2023 ۾ مصر ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس ۾ هڪ فنڊنگ ميڪينزم قائم ڪيو ويو هو ته جيئن ڪمزور قومن کي موسمياتي آفتن جي ڪري نقصان ۽ ان جي معاوضي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ڇو ته غريب ۽ معاشي طور ڪمزور قومون ڏهاڪن کان اهڙي تحفظ جي لاءِ بحث ڪنديون رهيون آهن. اهو پڻ نوٽ ڪيو ويو آهي ته ٻين اهم مسئلن سان گڏ دونهين کي ختم ڪرڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 درجا سينٽي گريڊ تائين گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڏيڻو پوندو.

ماضيءَ ۾ ملڪ جي وڏن حصن ۾ ٿيل برساتن ۽ نتيجي ۾ آيل ٻوڏن جي تباهي هڪ اهڙي ايمرجنسي جو اعليٰ مثال آهي، جنهن کي ڪو هڪ ادارو به منهن نٿي ڏئي سگهيو، ان ڪري ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سڄي قوم گڏ ٿئي، پر اسان جي اڳواڻن کي مختلف طرفن ڏانهن ڇڪجندي ڏسي افسوس ٿو ٿئي. مثال 2022 جي ٻوڏ ۾ ان وقت جي وزيراعظم کي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيلي ڪاپٽر مان کاڌي پيتي جا پارسل اڇلائيندي ڏٺو ويو. هڪ ٻي وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو شهباز شريف سان گڏ سکر ۾ قائم امدادي ڪيمپ ۾ وڃي رهيا هئا. سچ پڇو ته انهن ليڊرن ڪم ۾ دير ڪئي. ڇاڪاڻ ته ٽن چئن هفتن کان شديد برسات ٿي رهي هئي. انهن کي اها وضاحت ڪرڻي پوندي ته ايترن ڏينهن کانپوءِ فوج کي مدد لاءِ ڇو گهرايو ويو ۽ اڳ ۾ ڇو نه گهرايو ويو. ان سان گڏ جڏهن ته سڄي ملڪ اندر ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جهڙا ادارا ٺاهيا ويا آهن انهن کي وقت کان اڳ حالتن کي قابو ڪرڻ جي لاءِ ڇو تيار نه ڪيو ويو. جيڪڏهن اهڙن ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي سڄو سال عوام جي ٽيڪسن مان پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون ته انهن ماڻهن کي ڊزاسٽر جي وقت حڪمت عملي جوڙڻ ۽ وقت کان اڳ تياريون مڪمل ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏيڻ ڪنهن جو ڪم آهي. اسان ڏسي رهيا آهيون ته اسان وٽ ادارا ته ٺهن ٿا، پر انهن جي موجودگي يا ڪارڪردگي وقت تي نظر نٿي اچي. جنهن جي ڪري پوءِ ڏتڙيل عوام کي انفرادي طور تي امداد حاصل ڪرڻ جي لاءِ عام ماڻهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻو پوي ٿو، جيڪا انهن ماڻهن جي عزت نفس کي ڌڪ هڻي ٿي. اهو حڪومت جو ڪم آهي ته جيڪي امدادون حڪومت کي جنهن مقصد لاءِ ملن ٿيون انهن کي اهڙن موقعن تي جڏهن ملڪ ۾ ڪي به ڊزاسٽر واريون صورتحال پيدا ٿين ٿيون ان وقت استعمال ڪري.

ساڳي جاءِ تي سنڌ جي وڏي حصي وانگر، ڏکڻ پنجاب جا ڪيترائي ضلعا ٻڏي رهيا هئا، اتي ماڻهن کي شڪايت هئي ته اتي امدادي ڪم نه ٿي سگهيا. پنجاب اسيمبليءَ جي ضمني چونڊن ۾ پ پ کي شڪست ملڻ کانپوءِ اميد هئي ته مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ اتي سرگرم هوندا، پر مون مسلم ليگ (ن) جي ڪنهن به سينيئر اڳواڻ کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جو ڪو ثبوت نه ڏٺو. پنجاب ۾ به برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري ڪيترن ماڻهن جا گهر ڊهي پيا هئا ۽ جن پنهنجو سڀ ڪجھه وڃائي ڇڏيو هو. خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي تباهيءَ جي ڪهاڻي به هڪجهڙي هئي، اتي جي حڪومتن ان سنگين بحرانن کي منهن ڏيڻ ۾ سستي ڏيکاري هئي.

منصوبابندي واري وزارت ان وقت چيو هو ته 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جيڪي ڪنهن حد تائين حيران ڪندڙ انگ اکر هئا. ان جو مطلب اهو هيو ته اسان مان هر هڪ کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن فطرت طرفان متاثر ٿيل ماڻهن کي ڪجھه سُڪون حاصل ٿئي. هڪ اڌ ارب ڊالر جي مدد ان وقت بين الاقوامي تنظيمن پاران ڪيل مدد جي صورت ۾ ڪافي نه هئي. اهو صرف بچاءُ واري مرحلي ۾ خرچ ٿي پئي سگهيا. حڪومت جي ڪاٿي ۾ اهو به هو ته رڳو هڪ ڀيرو پاڻي گهٽجي ته بنيادي ڍانچي، فصلن ۽ جانورن جي نقصان جو صحيح اندازو واضح ٿي ويندو، پر اسان مان هر هڪ تي فرض هو ته اسين اڳتي وڌون ها ۽ ادارن جي بي حسي سبب انهن متاثرن جي مدد ڪيون ها.