هن وقت سڄي دنيا ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جتي ان جو درست استعمال ڪندي دنيا ۾ تيزيءَ سان ترقي ٿي رهي آهي ته ساڳئي ئي وقت ٽيڪنالاجيءَ جو غلط استعمال ڪندي ڪيترائي ٺڳ ۽ فراڊ ڪرڻ وارا ٽولا ٽيڪنالاجيءَ جو فائدو وٺندي فردن، ملڪن يا وڏن وڏن ادارن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. وڌندڙ ٽيڪنالاجيءَ جي رجحان جي ڪري سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته ماڻهو ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ هر امير ۽ غريب کي انٽرنيٽ جي وڌندڙ رسائي حاصل آهي ۽ اسان جي زندگيءَ جي روزاني استعمال ۾ ان جو وهنوار وڌنڌو پيو وڃي، جنهن ۾ آن لائين ڪاروبار، شاپنگ، ڊجيٽل ادائگيون عام ٿي ويون آهن، پر ان سان گڏوگڏ اهي ماڻهو به گهات هڻي ويٺا آهن جيڪي عام طور تي ساڳئي قسم جون ٺڳيون ڊجيٽل دنيا جي سهولت کان پهرين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪندا رهندا هئا.
اهو هڪ قدرتي عمل آهي ته جڏهن به دنيا ۾ ڪا تبديلي ايندي آهي ته ان جي استعمال جا هميشه ٻه رخ واضح طور ڏسڻ ۾ ايندا آهن هڪڙو مثبت ٻيو منفي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي ماڻهو مثبت استعمال ڪري پنهنجو پاڻ کي ۽ هن دنيا کي فائدو پهچائي رهيا آهن اهي ساڳئي وقت ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ به آگاهي پيدا ڪن جن وٽ ان نئين ٽيڪنالاجي جي واقفيت گهٽ آهي ۽ ان سان لاڳاپيل خطرن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. ان ۾ سڀ کان وڏو ڪردار رياست، ان جا ادارا، ميڊيا ۽ بينڪون يا ايزي پئسا اڪائونٽ کولائيندڙ ادارا ڪري سگهن ٿا.
هن وقت فراڊ ڪرڻ جا نوان نوان طريقا ايجاد ٿي رهيا آهن، جيڪي بينڪن يا مختلف ڪمپنين جي نمبرن تان ڪال ڪري ماڻهن کان انهن جا پاسورڊ يا ڪوڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جنهن جي لاءِ سرڪار ۽ بينڪون مختلف دورن ۾ آگاهي مهم هلائينديون رهن ٿيون، پر ان جي باوجود به روزانو جي بنياد تي ماڻهو بيوقوف بڻجي ٺڳجي وڃن ٿا، ڪڏهن ڊپ ۾ ته ڪڏهن لالچ ۾.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ننڍن ننڍن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو جيڪي تمام گهٽ تعليم يافته آهن اهي اهڙا فراڊ ڪرڻ ۾ مصروف آهن جو انهن جي نتيجن کي ڏسي پڙهيل لکيل ماڻهو به حيران رهجي وڃن ٿا ۽ سوال ڪن ٿا ته آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي رهيو آهي. فراڊ ڪڏهن به يڪطرفه نه ٿيندو آهي، فراڊ ڪرڻ واري کي ان ڳالهه جي پڪ هوندي آهي ته هو جنهن ڌر سان فراڊ ڪرڻ جي لاءِ وڃي رهيو آهي ان جو مزاج لالچ وارو آهي يا نه.
جيڪڏهن هو هڪ دفعو رابطو ڪرڻ کانپوءِ اهو محسوس ڪري ٿو ته اهو ڪانٽيڪٽ لالچ سان ڀرپور آهي ته هو ننهن چوٽي جو زور لڳائي ان ماڻهو تائين رسائي حاصل ڪري ان کي ٺڳي ۽ ڦري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته، “جتي ٺوڳي هجن، اتي لوڀي بک نه مرن.” تازو ئي ٽنڊو جان محمد جي ڀرسان هڪ ڄاتل سڃاتل ڳوٺ بچل چانڊيو مان فراڊ ڪندڙ ماڻهن جو پورو ٽولو گرفتار ڪيو ويو آهي. ان گروهه ۾ 9 عورتن سميت 51 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن ڳوٺ جي ماڻهن پنهنجي ٺڳ ذهنيت کي استعمال ڪندي هڪ آن لائين ڪاروباري ڏيتي ليتي شروع ڪري ماڻهن کي ڪوڙا دلاسا ڏيئي انهن کان ڪروڙين رپين جي رقم فراڊ ڪري ڦٻائي ورتي آهي.
ان گروهه جا مکيه سرغنه علي محمد چانڊيو، ولي محمد چانڊيو، اشرف چانڊيو، رشيد چانڊيو، مهتاب چانڊيو، انور چانڊيو ۽ اعجاز عرف بابو ڌاندل آهن. عورتن ۾ انمول چانڊيو، سياڻي چانڊيو، پري چانڊيو، آسو چانڊيو ۽ شبيران ڌاندل تي پڻ ڪيس داخل ٿيا آهن. هي هڪ مڪمل فراڊ ڪندڙن جو گروهه آهي جنهن ۾ فراڊ ڪرڻ وارن سان گڏوگڏ انهن جا سهولتڪار به شامل آهن، جن ۾ ذيشان عرف شان آرائين، غفار عرف غفاريو قائمخاني، امجد جروار، بلال قائمخاني ۽ ڪامريڊ ممتاز جروار عرف پٽڪي شامل آھن.
افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هن ترقي يافته دور ۾ جتي سوشل ميڊيا تي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عوام کي آگاهي به ملندي رهي ٿي ۽ اهڙن فراڊن جي باري ۾ به هر پليٽ فارم تي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ، پر ان جي باوجود هن ٻهراڙي ۾ رهندڙ گينگ جيڪو گهٽ تعليم هجڻ باوجود 200 کان وڌيڪ ماڻهن سان فراڊ ڪري چڪو آهي.
يقينن اهي 200 ماڻهو لالچ ۾ اچي بنا سوچي سمجهي پنهنجي رقم وڃائي ويٺا آهن. ان قسم جا گينگ پنهنجي گروپن ۾ عورتن کي به شامل ڪري آساني سان ماڻهن جو شڪار ڪن ٿا ۽ عورتن جي شامل ٿيڻ سان ماڻهو هني ٽريپ ٿي وڃن ٿا. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته پوليس پنهنجي ڪارروائي ڪري ڳوٺ بچل چانڊيو جي ان گروهه کي گرفتار ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. اميد آهي ته انهن ماڻهن وٽان اڃان ٻين ڏوهارين جي باري ۾ به معلومات حاصل ٿي سگهندي. اسان سڀني کي ان ڳالهه جي اهميت کي سمجهڻو پوندو ته پنهنجي ذاتي معلومات ڪنهن به فرد سان نه ونڊيون.
ان کان علاوه جڏهن به اهڙا گروهه سامهون اچن جيڪي اوهان کي وڌيڪ منافعو ڏيڻ جي واعدي تي ڪاروبار ڪرڻ جي آڇ ڪن اهڙن گروهن جي اهڙين آڇن کان خبردار رهون يا ڪنهن به اهڙي سيڙپڪاري ۾ پنهنجي رقم نه سيڙائيون جيڪا آن لائين ٿي رهي آهي ۽ اسان کي ان بابت ڪابه معلومات حاصل نه آهي. صرف ڪنهن جي ويب سائيٽ ڏسي ۽ ان جو اشتهار ڏسي پنهنجو پاڻ کي نه ڦُرائجي.
ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هن وقت سماج ۾ تقريبن هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان آن لائين ڏيتي ليتي ڪري ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجا پاسپورڊ ۽ ڪوڊ انتهائي محفوظ طريقي سان استعمال ڪيون. لالچ کان پري رهون، ڇو ته اڄڪلهه ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهي ماڻهو هڪٻئي کي بيوقوف بنائڻ جي ڌنڌي ۾ سڄي دنيا ۾ ملوث نظر اچن ٿا. اسان کي گهرجي ته اسان آن لائين ڏيتي ليتي جي محفوظ استعمال کي سکون جيڪڏهن اسان مان ڪنهن به فرد کي اهو محسوس ٿو ٿئي ته هو محفوظ استعمال جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ حاصل نه ڪري سگهيو آهي ته ان کي پنهنجي گهر جي ڀاتين کان ۽ ڀروسي مند ڪنهن دوست کان اها معلومات حاصل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان مان ڪوبه ماڻهو انهن ٺڳن جو شڪار نه ٿي سگهي.
حڪومت نيشنل سائيبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) جهڙا ادارا جوڙيا آهن، جنهن جو مقصد سائيبر ڪرائيم کي ڏسڻ آهي ۽ انهن ٽولن جي مٿان هٿ وجهڻ آهي جيڪي سوشل ميڊيا تي ويهي يا آن لائين ڪنهن به طريقي سان مختلف ماڻهن کي حراس ڪري انهن کان وڏيون رقمون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا انهن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۾ ملوث آهن. اميد آهي ته اسان مان هر فرد هن بدلجندڙ دنيا ۾ رهڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪندو ۽ اهڙن ٺڳن کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندو.