خاص

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

ذريعن موجب اجلاس ۾ هٿياربند فوج جي قيادت ۽ ٻيون اختياريون شرڪت ڪنديون جنهن ۾ ملڪي امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ  ٻنپهرن جو 3 وڳي ٿيندو. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ 9 مئي جي پرتشدد واقعن تي بريفنگ به ڏني ويندي. ان کان علاوه اجلاس ۾ فوجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو.