سولر ۽ ونڊ پاور لاءِ زمين 30 سالن لاءِ ليز تي الاٽ جي منظوري

سنڌ ڪابينا 10 نجي فرمن ۽ نيشنل ٽرانسميشن ۽ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) کي سپريم ڪورٽ جي رهمنائي تحت رنيوايبل پاور پلانٽس جي تنصيب ۽ نيشنل گرڊ اسٽيشن جي قيام جي لاءِ 30 سالن جي ليز تي 5801 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي. 5801 ايڪڙ زمين 10 پاور ڪمپنين بشمول اين ٽي ڊي سي کي الاٽ ڪئي ويندي، جنهن سان صوبائي خزاني کي 9.13 بلين رپيا حاصل ٿيندا. ان ڳالهه جو فيصلو وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪابينا رنيوايبل پاور پلانٽس جي پلانٽرس جي به اجازت ڏني ته اهي ٻيا پاور پلانٽس به نصب ڪري سگهن ٿا. صوبائي وزير انرجي امتياز شيخ ڪابينا کي ٻڌايو ته ونڊ ۽ سولر جي 10 رنيوايبل پاور ڪمپنين ۽ اين ٽي ڊي سي ٽن ضلعن ٺٽو، دادو ۽ ڄامشورو ۾ ونڊ ۽ سولر پراجيڪٽ لڳائڻ جي لاءِ 5801 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ جي لاءِ درخواست ڏني آهي