ايڊيٽوريلنئون

سنڌ جي ايندڙ مالي سال 26-2025 جي بجيٽ

سنڌ صوبي جي ترقياتي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي. 13 جون 2025 تي صوبي جي وزيراعليٰ سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي. بجيٽ تي اسيمبلي ۾ هاڻي بحث جو آغاز ٿيندو ۽ ڪٽوتي جون تحريڪون پيش ڪيون وينديون. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي دستاويز جي آجيان ڪجي ٿي. پيش ٿيل بجيٽ جي ماليت 3 هزار 450 ارب رپيا آهي. ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزير اعليٰ چيو ته هڪ هزار ارب رپين جو ترقياتي بجيٽ ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون. جيڪڏهن وفاق پورا پئسا ڏنا ته اهي انگ اکر اڃان به وڌي سگهن ٿا. وفاق گذريل سال جي ٽيڪسن جي رقم جي منتقلي به گهٽ ڪئي آهي. بجيٽ دستاويز کي جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته 2 هزار 150 ارب رپين جا موجوده مالي خرچ آهن. جاري خرچن ۾ سڀني کان وڏو حصو پگهارن ۽ پينشنن جو آهي.

سنڌ حڪومت ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي ۽ پينشرن کي پينشن ڏئي رهي آهي، اها به سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ۽ مدد آهي. نتيجي ۾ نوجوان پنهنجي صلاحيتن سان روزگار حاصل ڪري صوبي جي خدمت ڪري رهيا آهن. لڳي ٿو ته زراعت کي موجوده بجيٽ ۾ وڏي اهميت ڏني وئي آهي. ايندڙ سال زرعي اصلاحات تي توجهه ڏني ويندي. ٻن لکن کان وڌيڪ هارين کي سبسڊي ۽ جديد زرعي مشينري جي فراهمي لاءِ بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. ماحولياتي لحاظ کان محفوظ زراعت جي فروغ لاءِ ڊرپ ايريگيشن تي به سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نئين بجيٽ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت کنڀين ۽ ٻين کاڌي وارين زرعي پيداوارن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪلسٽر فارمنگ منصوبا شروع ڪيا ويندا. هارين کي بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪو آپريٽو بينڪ قائم ڪئي ويندي.

بجيٽ دستاويز مطابق سنڌ حڪومت زراعت ۾ بنيادي تبديليون ڪرڻ وڃي رهي آهي. ڊرپ ايريگيشن سسٽم کان وٺي ڪو آپريٽو بينڪ جي قيام سنڌ حڪومت جو زراعت لاءِ اهم قدم هوندا. ڊرپ ايريگيشن سسٽم جو فائدو اهو آهي ته انهيءَ ۾ پاڻي جي بچت آهي. انهيءَ نظام تحت گهربل پاڻي مان وڌيڪ زمين آباد ڪري سگهبي. ڪو آپريٽو بينڪ هارين کي زراعت ۾ سيڙپ لاءِ مالي مدد ڪندي. اهي ٻئي قدم زرعي پيداوار کي بهتر ڪندا. سنڌ جو 64 سيڪڙو ماڻهو زراعت سان لاڳاپيل آهي. جيڪڏهن سنڌ جي عوام جو وڏو تعداد زراعت مان فائدو حاصل ڪري ٿو ته انهيءَ مان حاصل ڪيل پئسن مان هو پنهنجي اولاد جي بهتر تعليم ۽ تربيت ڪري سگهي ٿو. صنعت ۽ واپار جي شعبن ۾ به داخل ٿي سگهي ٿو. صحت ۽ تعليم تي به وڏي توجهه ڏني وئي آهي. تعليم جي بجيٽ ۾ 12.4 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. بجيٽ دستاويز ۾ عام ماڻهن جي سهولت جي ڳالهه به ڪئي وئي آهي. جن ۾ ڪمرشل گاڏين تي ٽيڪس، جائيداد، انهن جي منتقلي جي فين ۾ گهٽتائي جي تجويز آهي. پرائمري تعليم تي توجهه ڏني پئي وڃي. انهيءَ ڪري ايندڙ بجيٽ ۾ پرائمري تعليم لاءِ رقم 156.2 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. جيڪا سنڌ حڪومت جي ڪنهن به مالي سال جي بجيٽ کان 20 ارب رپيا وڌيڪ آهي. روزگار جا موقعا به وڌائڻ جي بجيٽ ۾ ڳالهه ڪئي وئي آهي.

نئين مالي سال ۾ 4400 استادن ۽ عملي جي ڀرتي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بجيٽ ۾ چار آءِ بي اي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ڪميونٽي ڪاليجن جي قيام جو اعلان به ڪيو ويو آهي. جديد تعليم لاءِ انهيءَ قدم جي تحسين ڪجي ٿي. مالي سال 26-2025 جي بجيٽ ۾ 19 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ايندڙ بجيٽ جي دستاويز ۾ ايس آئي يو ٽي (سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن) لاءِ 19 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ايس آئي يو ٽي طب جي شعبي ۾ سنڌ صوبي جو اهم ادارو آهي، جو گردن جي ٽرانسپلانٽيشن کان وٺي ڪينسر تائين جي مرضن ۾ مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري ٿو. صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ٿيل مالي سال 26-2025 جي بجيٽ گهڻ طرفي آهي ۽ انهيءَ ۾ سنڌ جي عوام جي سڀني طبقن جو خيال رکيو ويو آهي. اهو دستاويز ٻڌائي ٿو ته اها متوازن بجيٽ آهي.