نئون

مشرف جا نامزدگي جا ڪاغذ رد

اڳوڻي صدر ۽ رٽائرڊ آرمي چيف پرويز مشرف جا نامزدگي جا ڪاغذ اين اي-1 چترال مان رد ٿي ويا. جڏهن ته اي پي ايم ايل جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر امجد جي نامزدگي جا ڪاغذ اين اي-1 مان جمع ٿي ويا آهن. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اي پي ايم ايل جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر امجد چيو ته پرويز مشرف نااهل ٿيڻ ڪارڻ چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندو. جڏهن ته اسان چونڊن ۾ حصو وٺنداسين ۽ هن دفعي ڪوبه بائيڪاٽ نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته پرويز مشرف ملڪ اچڻ چاهي ٿو پر هن جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن. سندس شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ کي بلاڪ ڪرڻ به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. واضح رهي ته مشرف پنهنجي تاحيات نااهلي خلاف درخواست ڏني آهي جنهن جي ٻڌڻي دوران عدالت مشرف کي ڏيهه اچڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي. جڏهن ته مشرف ان بعد به عدالت آڏو پيش نه ٿيو هو، جنهن تي سپريم ڪورٽ هن بابت چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي فيصلي کي واپس وٺي ڇڏيو هو.