حڪومت قانون جي بالادستي لاءِ تاريخي جنگ وڙهي رهي آهي: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جون حالتون مشڪل آهن، ملڪ مٿان قرض آهي ۽ هن وقت حڪومت ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي تاريخي جنگ وڙهي رهي آهي. “ڪوبه بکيو نه سمهي” پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مرحليوار هن پروگرام کي شروع ڪيو ويندو. ڪچن ٽرڪ جو ڄار سموري ملڪ ۾ وڇايو ويندو.

