خاص

پي آئي اي کي خانگائڻ کان روڪڻ لاءِ اڄ اجلاس ٿيندو

پي آئي اي جي خانگائڻ واري معاملي تي سي بي اي يونين پيپلز يونٽي اڄ ٻن پهرن جو 3 وڳي اجلاس طلب ڪيو آهي. هن حوالي سان پيپلز يونٽي جو چوڻ آهي ته اجلاس پي آئي اي هيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ سي بي اي آفيس ۾ ٿيندو. صدر پي آئي اي سي بي اي هدايت الله خان مطابق اجلاس ۾ خانگائڻ خلاف تحريڪ هلائڻ تي غور ٿيندو. سندس چوڻ آهي ته پي آئي اي اثاثن کي خانگائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اسين اهو ٿيڻ ڪونه ڏينداسين.