ايڊيٽوريلنئون

حميرا اصغر جو موت پوري سماج جو موت آهي

اسان جو سماج بيحسيءَ طرف تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ انساني رابطا هڪٻئي سان ڪٽجندا ۽ گهٽ ٿيندا نظر اچي رهيا آهن. ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي جي هڪ فليٽ مان  حميرا اصغر جو لاش جيڪو ٻه ڏينهن اڳ مليو، اها دعويٰ ٿي ڪئي وئي ته هڪ مهينو پراڻو آهي، پر تازين خبرن موجب اهو لڳ ڀڳ آڪٽوبر 2024 جو آهي.

زندگي جتي ايتري تيزيءَ سان هلندي هجي گهر گهرن سان ڳنڍيل هجن، انساني رابطن جي لاءِ ٽيڪنالاجي مهيا هجي اهڙي وقت ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري جنهن جو تعلق شوبز جي دنيا سان آهي اها ايتري عرصي کان دنيا کان ڪٽيل هجي ۽ ان جي ڪير به پڇا ڳاڇا نه ڪري اها هڪ عجيب ڳالهه آهي.

حميرا اصغر اين سي اي ڪاليج لاهور جي گريجوئيٽ هئي، هڪ آرٽسٽ، هڪ پڙهيل لکيل نوجوان ڇوڪري جنهن ڪم ڪرڻ لاءِ شوبز جو شعبو چونڊيو ۽ پنجاب کان اچي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي سندس خاندان خاص طور تي سندس والد کانئس لاتعلق ٿي ويو ۽ هوءَ ستن سالن کان ڪراچيءَ ۾ پنهنجي والدين سان لاتعلق ٿي زندگي گذاريندي رهي. اسان جي سماج ۾ جڏهن ڪو حادثي جو شڪار يا ظلم ۽ ڏاڍ مان گذرندڙ شخص عوام جي آڏو اچي ٿو ته اسان جا رويا تمام توهين آميز هوندا آهن. جنهن مان اسان جي پوري سماج جي ذهني اوسر، اخلاقيات ۽ غير ذميدار رويي جو عڪس نظر اچي ٿو.

حميرا اصغر ڪا پهرين ڇوڪري يا عورت ناهي جيڪا ڪنهن ظلم جو شڪار ٿي هجي  ۽ سماج ان تي آڱر نه کنئي هجي. چاهي نور مقدم هجي يا ثنا يوسف يا وري پنهنجن ٻارن سان گڏ ڪا عورت جنهن جو هاءِ وي تي رات جو ڊرائيونگ ڪرڻ وقت گاڏي خراب ٿي وڃڻ جي ڪري ڪٿي بيهڻ جي ڪري ريپ ٿئي ٿو، سماج انهن عورتن کي ڏوهاري قرار ڏئي ٿو ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ جي بجاءِ انهن کان سوال ڪري ٿو ته انهن اهڙي زندگيءَ جي چونڊ ڇو ڪئي جنهن ۾ آزاديءَ جو عنصر شامل هجي. نه صرف اسان جو سماج، پر اسان جي رياست به عورت سان گڏ بيٺل نظر نٿي اچي.

وقت تبديل ٿي رهيو آهي، حالتون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ زندگيءَ جا طور طريقا به تبديل ٿي رهيا آهن. اسان مان هر انسان جيڪو هن وقت دنيا ۾ موجود آهي ان کي انهن سڀني شين جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ذهني ۽ جسماني طور تي تيار ڪرڻو پوندو ته اسان جو نئون نسل نون طور طريقن سان زندگي گذاريندو. ان جي چونڊ نئين هوندي، هو يقينن پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ان آزاد فطرت نوجوان جي تربيت ڪرڻ اسان جو فرض آهي. نه صرف انهن نوجوانن جي تربيت ڪرڻ بلڪه والدين جي تربيت ڪرڻ به رياست جو فرض آهي ته انهن کي به سيکاريو وڃي ته اهي پنهنجن ٻارن جي ڪهڙي طريقي سان پرورش ڪن ته جيئن اهي ٻار ايندڙ چئلينجن کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏئي سگهن نه ڪي بي موت ماريا وڃن.

هن وقت ضرورت آهي ته رياست، سماج ۽ فرد گڏجي هڪٻئي سان سهڪار ڪن ۽ هڪ اهڙو سماج جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جيڪو نئين دور جي نئين تقاضائن کي پورو ڪري سگهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسين پنهنجي سماجي لاڳاپن کي ڪمزور ٿيڻ کان بچايون، جيئن ماضيءَ ۾ پاڙيسرين جو ۽ مٽن مائٽن جو هڪٻئي سان ويجهو تعلق رهيو هو ان تعلق کي ٻيهر مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون، هڪٻئي سان حسد ۽ بغض رکڻ جي بجاءِ هڪٻئي جي اخلاقي ۽ سماجي مدد ڪيون ته جيئن ڪوبه پنهنجو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي.

شوبز جي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي به گهرجي ته اهي پنهنجو پاڻ کي هن دنيا جي چمڪ دمڪ کان متاثر ٿيڻ کان بچائين ۽ حقيقي دنيا ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پنهنجا اهڙا سڄڻ يا دوست ضرور ٺاهين جيڪي کين ڪڏهن به اڪيلو ٿيڻ نه ڏين ۽ ڪنهن به ساٿي يا دوست کي ڪنهن به نفسياتي مسئلي ۾ ڦاٿل ڏسن ته ان جي مدد ڪن. ڇو ته سڄي دنيا ۾ شوبز جي دنيا جا ماڻهو گهڻو ڪري نفسياتي مسئلن ۾ ڦاسي پون ٿا ۽ پوءِ ڪڏهن آپگهات ڪن ٿا يا وري تنهائي جو شڪار ٿي ذهني مريض بڻجي وڃن ٿا. اسان جي سماج مان همدرديءَ جو عنصر تمام تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي.

اسان هڪٻئي کان لاتعلق ٿيندي پنهنجو پاڻ کي اڪيلو ڪري سماجي لاڳاپن کان ڪٽي رهيا آهيون ۽ هن ڊجيٽلائيزيشن واري سماج ۾ صرف اسڪرين تي پنهنجون خوشيون ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اهو رويو هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو. ان کان اڳ جو اهڙي صورتحال پيدا ٿئي اسان سڀني کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. اسان کي ان ڳالهه جو به خيال رکڻو پوندو ته جڏهن سماج ۾ ڪوبه فرد خاص طور تي ڪا عورت جڏهن ڪنهن ظلم جو شڪار ٿئي ٿي يا پنهنجي زندگي وڃائي ويهي رهي ٿي ته ان تي سوال اٿارڻ بجاءِ سندس زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلن کي ڏسون ۽ ان جي باري ۾ درست تجزيو ڪري پيش ڪريون نه ڪي اسان ان کي ئي ڏوهاري بڻائي ڪهٽڙي ۾ ئي بيهاري ڇڏيون.

ڇو ته جڏهن ڪا عورت پنهنجي آزاد زندگيءَ جي چونڊ ڪري ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي ٿي ان جو سبب هي مرداڻو سماج ئي هوندو آهي، پر آڱريون عورت تي کڄن ٿيون ۽ سندس آزاديءَ تي سوال اٿاريا وڃن ٿا ۽ گهرن ۾ يا سماج ۾ عورت کي اڃان وڌيڪ قيد ڪرڻ جون تياريون وڌي وڃن ٿيون، عورت کي خوفزده ڪيو وڃي ٿو.

نه صرف مرد بلڪه ڪيتريون ئي عورتون به ان معاملي ۾ پيش پيش هونديون آهن ته عورت کي آزاد رهڻ جا نقصان ڀوڳڻا پون پيا ۽ اهو آواز جيڪو ڪنهن عورت جي وات مان نڪري رهيو هوندو آهي حقيقت ۾ مرداڻي سماج جو تمام پراڻو آواز آهي. اها سوچ تمام گهڻي خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي. ڇو ته اسان ڪنهن به عورت کي آزاد ۽ اڪيلو زندگي گذاريندي برداشت نٿا ڪري سگهون، اهڙين عورتن جي مٿان مختلف طريقن سان حملا ڪيا وڃن ٿا، انهن کي سماجي قيد ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ان جو جيئڻ مشڪل بڻايو وڃي ٿو.

اسان سڀني کي ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته چاهي مرد هجي يا عورت هر بالغ شخص کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو حق آهي، جيستائين هو ٻئي ڪنهن کي نقصان نٿو پهچائي ۽ جڏهن ڪو شخص آزاديءَ سان زندگي گذاريندي ڪنهن حادثي جو شڪار بڻجي وڃي ٿو ته ان شخص تي الزام تراشي ڪرڻ جي بجاءِ سماج پنهنجا ڏوهه قبول ڪري ۽ خود کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري. اسان جي سماج کي عورت کي محفوظ بنائڻ جي لاءِ پنهنجي سوچ کي مڪمل طور تي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان جي لاءِ اسان کي پدراڻي سماج کي تبديل ڪري هڪ انساني سماج تعمير ڪرڻو پوندو.