خاص

هڪ ارب رپين کان به مهانگو زهر ڪهڙو آهي ۽ ڇا ڪري ٿو؟

دنيا ۾ اهڙا ڌاتو موجود آهن، جيڪي وڏي اهميت جي ڪري مهانگا آهن. سون، چاندي، هيرا، موتي سڀ مهانگا آهن، پر هتي اسان اوهان کي ٻن مهانگن زهرن بابت ٻڌايون ٿا ته اهي ڇو مهانگا آهن. هڪڙو آهي وڇونءَ جو زهر Scorpion Venom، هي زهر دنيا جو سڀ کان مهانگو زهر آهي، جنهن جي قيمت في ليٽر هڪ ارب 74 ڪروڙ 16 لک رپين کان وڌيڪ آهي. وڇون جي زهر کي گڏ ڪرڻ خطرناڪ آهي، ڇو ته هن جو زهر هٿ ذريعي ڪڍجي ٿو ۽ ان کي هٿ ۾ کڻڻ ڏکيو عمل آهي. هن زهر ۾ موجود پروٽين کي هڪ کان وڌيڪ سڪليروسيس، ڳوڙهين ۽ آنڊن جي بيماري لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهو به سمجهيو وڃي ٿو ته جڏهن هن کي استعمال ڪجي ٿو ته ڪينسر وڌڻ بيهي وڃي ٿو. ٻيو آهي ڪنگ ڪوبرا جو زهر، ڪنگ ڪوبرا زهر هڪ منافعي بخش ڪاروبار لڳي ٿو، ڇو ته ڪنگ ڪوبرا جو زهر سڀ کان مهانگن زهرن ۾ ٻئين نمبر تي آهي، جنهن جي قيمت 66 لک رپيا في ليٽر آهي. هن زهر ۾ اها انوکي خاصيت آهي جنهن سان دماغ ۾ ناڪارا خلين کي ٻيهر تخليق ڪري سگهجي ٿو. هي زهر پارڪنسنز نالي هڪ دماغي بيماري ۾ مبتلا مريض کي هلڻ ڦرڻ ۽ پاڻ کي توازن برقرار رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.