خاص

پنجاب ۾ مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري

پنجاب جي نگران حڪومت مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ ماهانه اجرت 32 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. گهٽ ۾ گهٽ اجرت بورڊ مزدورن جي اجرت 32 هزار رپيا ڪرڻ جو مسودو اپريل ۾ تجويز ۽ سفارشن لاءِ موڪليو هو. 26 آگسٽ تي نگران وزيراعليٰ پنجاب محسن نقوي مزدورن کي گهٽ ۾ گهٽ 32 هزار رپيا ڏيڻ جي تجويز ڪابينه جي اجلاس ۾ رکڻ جو فيصلو ڏنو. پنجاب جي نگران حڪومت اڄ سڄي صوبي ۾ سڀني رجسٽر ٿيل مزدورن ۽ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ماهانه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.