پاڪستانخاصنيو‍‍ز

جي 20 اجلاس: ڀارت جي مصنوعي چمڪ ڌمڪ جو ڍونگ ظاهر ٿي ويو

جي 20 اجلاس جي ميزبان ڀارت جو مصنوعي چهرو بي نقاب ٿي ويو. جي 20 جي سربراهي اجلاس کان اڳ مودي سرڪار دنيا کي سڀ ڪجهه سٺو ڏيکارڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ٿي ويو. انتظاميه نئين دهلي ۾ موجود ڪچين آبادين کي ڍڪي ڇڏيو ۽ سندن مٿان جي 20 اجلاس جا پوسٽر لڳائي ڇڏيا. ڀارتي ميڊيا ۾ ايندڙ رپورٽن ۾ ڍڪيل ڪچين آبادين ۽ ان جي پسمنظر ۾ نظر ايندڙ ٽٽل ڦُٽل عمارتن جون تصويرون ڏيکاريون ويون آهن. دهلي ۾ ڪچين آبادين جي رهاڪن جي اچ وڃ کي به محدود ڪيو ويو آهي ۽ اتان جي رهائشين کي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ انهن تي نظر رکڻ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. سينٽرل دهلي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ دڪان بند ڪيا ويا آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو پريشان آهن ۽ اها پريشاني آئنده چئن ڏينهن تائين جاري رهندي. ڀارتي حڪومت جي 20 اجلاس جي ميمبر ملڪن کان پنهنجي عوام جي غربت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ نمود و نمائش، پوسٽرن ۽ ڪلچرل پروگرام تي عوام جو تمام گهڻو پئسو بي دردي سان لٽايو آهي، جنهن ڪري مودي سرڪار تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.