پاڪستانخاصنيو‍‍ز

توشه خانه جعلسازي ڪيس پوليس بشريٰ بي بي جي گرفتاري طلب ڪري ورتي

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ توشه خانه جعلسازي ڪيس جي سماعت ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپره ڪئي، جنهن ۾ چيئرمين پي ٽي آئي جي اهليه بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت سامهون پيش ٿي. سماعت دوران پوليس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اهليه جي گرفتاري عدالت کان طلب ڪندي عدالت کي درخواست ڪئي ته توشه خانه جعلسازي ڪيس جي مقدمي ۾ تفتيش کي اڳيان وڌائڻ لاءِ بشريٰ بي بي جي گرفتاري ضروري آهي. تفتيشي آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته بشريٰ بي بي جي آڊيو ايف آئي اي فرانزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪلي ڇڏي آهي. وڪيل سلمان صفدر عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته تفتيش لاءِ 3، 3 ڪلاڪ گهرايو ٿو وڃي ۽ ويهاريو ٿو وڃي ۽ تفتيش دوران اهو ٻڌايو به ويو آهي ته آڊيو بشريٰ بي بي جي نه آهي. عدالت استفسار ڪيو ته معاملو رسيدن جو آهي ته ان ۾ آڊيو ڪٿان اچي وئي؟ عدالت هدايت ڪئي ته درج ايف آئي آر مطابق ڪيس کي اڳيان هلايو وڃي.