آرمي چيف ڪير؟
انسان جي تهذيبي تاريخ ۾ فوج جو اهم ڪردار رهيو آهي. مضبوط فوج هر دور جي ضرورت رهي آهي. دنيا جي وڏين طاقتن پنهنجي فوج ذريعي ئي دنيا تي حڪمراني قائم رکي آهي. دنيا ۾ جيڪي به وڏيون سلطنتون رهيون آهن انهن هميشه پنهنجي فوج کي مضبوط ڪيو، ڇو ته مضبوط فوج ئي انهن جي بقا جو سبب هئي. تاريخ ۾ صاف ظاهر آهي ته جڏهن به ڪنهن سلطنت جي فوج ورهائجي وئي يا ڪمزور ٿي ته ٻين طاقتن انهن تي حملو ڪري انهن جا ٽوٽا ٽوٽا ڪري ڇڏيا. مطلب ته انساني تاريخ ۾ ڪنهن رياست لاءِ فوج جو هجڻ ايئن آهي جيئن زنده رهڻ لاءِ ساھ جي ضرورت هجي ٿي. آڳاٽي دور ۾ هڪ بهادر دلير جنگجو جي ايئن شهرت هوندي هئي جيئن اڄ ڪنهن ڪرڪيٽر يا فلم ادڪار جي هوندي آهي. ان کان علاوه ان وقت جو هر سياستدان هڪ جنگجو هوندو هو، بلڪه فوجي مشقون ۽ جنگيون ئي سياست هوندي هئي. ان وقت اهو ممڪن ئي نه هو ته ڪو شخص رياستي معاملن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهري ۽ هو هڪ جنگجو نه هجي. بهرحال! وقت سان فوج جي طرز ۽ حڪمت عملي ۾ فرق آيو، ظاهر آهي ته هر ايندڙ وقت سان ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ايندي وئي ۽ جديد جنگي ساز و سامان فوجن ۾ ايندو ويو، تنهن کانسواءِ فوجي سوچ ۽ فلسفو به تبديل ٿيندو ويو، ان لاءِ اڄ جو فوجي نظام آڳاٽي نظام کان گهڻو تبديل ٿيل آهي. اڄ فوج بابت اهو نظريو ناهي رهيو جيڪو پهرين هو، آڳاٽي وقت ۾ جنگين ۽ فوج ڪشي کي بهادري ۽ شجاعت جو سبب سمجهيو ويندو هو ۽ هڪ جنگجو کي ليڊر طور مڃيو ويندو هو، پر هاڻي ايئن ناهي اڄ هڪ بهادر فوجي کي عزت ته ڏني وڃي ٿي، پر جنگين ۽ لشڪر ڪشي کي پسند نٿو ڪيو وڃي. اڄ دنيا ۾ فوج هڪ ضابطي ۽ قانون ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪري ٿي. جڏهن ته اڳي اهڙو طرز موجود نه هو اڄ جي انسان فوجي طرز عمل کي مڪمل تبديل ڪيو آهي. اڄ اصولي طور تي سياست ۽ فوج يا چئجي ته حڪومت ۽ فوج الڳ الڳ آهن، پر آڳاٽي دور ۾ ايئن نه هو ملڪ يا سلطنت جو سربراھ هڪ جنگجو ئي هوندو هو، پر وقت سان سوچ تبديل ٿي ۽ سياست جو دائرو وڌايو ويو، جنهن سان فوج کي حڪومت جي ماتحت آندو ويو ۽ اهڙا قانون ٺاهيا ويا جو فوج کي ملڪ جي سرحد ۽ ملڪ جي دفاع تائين محدود ڪيو ويو ۽ فوج کي ملڪ جو مالڪ نه، پر ٻين ادارن جيان هڪ ادارو ڪيو ويو، تنهن کانسواءِ فوج جي سربراھ کي قانوني طور پابند ڪيو ويو ته هو ملڪ جي آئيني سربراھ يعني وزيراعظم يا صدر اڳيان جوابده آهي ۽ هو ڪوبه وڏو فيصلو حڪومت جي مرضي کان بغير نٿو وٺي سگهي. اهي سڀ سڌارا هئا جيڪي وقت سان گڏ فوجن ۾ ڪيا ويا، تنهن سان اسان ڏسي سگهون ٿا دنيا ۾ فوج ۽ سياستدانن ۾ واضح فرق رکيو ويو آهي. جڏهن ته پهرين ايئن نه هو بلڪه ان وقت اهو ضروري هو ته ملڪ يا سلطنت جو والي يا ليڊر هڪ جنگجو هجي. مثال طور: سڪندر اعظم يعني اليگزينڊر جي استاد ارسطو ان کي جنگي مشقن جي به سکيا ڏني. ڇو ته ان وقت حڪمراني جو مطلب جنگ ڪرڻ هو، هر اهو شخص جنهن کي ليڊر ٿيڻو هوندو هو، اهو پهرين جنگجو ٿيندو هو. بهرحال! وقت سان گڏ فوج ۽ جنگ جي فلسفي ۾ تبديلي ايندي وئي.
فوج جو سربراھ، ڪمانڊر يا سپھ سالار پنهنجي فوج جي اڳواڻي ڪندو آهي ۽ فوج جي اندر اهو اصول آهي ته پنهنجي چيف جي هر حڪم کي مڃي. آرمي چيف کي پنهنجي فوج مٿان غير معمولي اختيار حاصل ٿين ٿا ۽ اهي اختيار قديم دور کان وٺي فوجي سربراھ کي حاصل آهن. ڇو ته فوج جو سپھ سالار ئي فوج کي منظم ڪري هلائيندو آهي، ڪنهن به فوج جو اتحاد ۽ اتفاق پنهنجي سپھ سالار جي ڪري ئي قائم هوندو آهي، جيڪڏهن فوج اندر پنهنجي سپھ سالار تي اعتماد ختم ٿي وڃي ته فوج ۾ بغاوت شروع ٿي ويندي آهي. فوج جو اتحاد ان جي سربراھ تي اعتماد جي ڪري ئي هوندو آهي. ماضي ۾ به ايئن ئي ٿيو آهي ته جڏهن به فوج اندر بغاوت ٿي آهي ان جو ڪارڻ پنهنجي ئي فوجي سربراھ تي عدم اعتماد پيدا ٿيو. تاريخ ۾ ۽ هاڻي عدم اعتماد کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو آهي. دشمن ڌر هميشه ان ڪوشش ۾ رهندي آهي ته سامهون واري فوج اندر اعتماد ۽ اتحاد کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ ان جو طريقو اهو هوندو آهي فوجي قيادت تي اعتماد کي گهٽ ڪيو وڃي.
هن وقت دنيا جي 195 ملڪن مان سواءِ 39 ملڪن جي هر ملڪ وٽ پنهنجي پنهنجي فوج آهي، پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان هڪ آهي جيڪي هڪ بهترين فوج رکن ٿا. پاڪستان جي دفاع جو نظام دنيا جي بهترين نظامن مان هڪ آهي، دنيا ۾ اهڙا گهٽ ئي ملڪ آهن، جن جو دفاعي نظام ايترو مضبوط هجي جيترو پاڪستان جو آهي. پاڪستان جي آرمي ۽ دفاع جو سڄو نظام ناقابل يقين حد تائين مضبوط آهي، هي ملڪ دنيا جي انهن وڏن ملڪن مان هڪ آهي جنهن وٽ ايٽمي هٿيار آهن. بھرحال! اڄ دنيا جو دفاع وارو نظام پهرين کان گهڻو منفرد ۽ تبديل ٿيل آهي، اڄ ملڪن وٽ دفاع جي شعبي ۾ مختلف قسمن جي فوج آهي جنهن ۾ فوج جيڪا سرحدن جو دفاع ڪرڻ تي مامور آهي ۽ نيوي جيڪا پاڻي جي سرحدن جي محافظ آهي. فضائي فوج (ايئر فورس) جيڪا ملڪ جي فضائي سرحدن جي حفاظت تي مامور هوندي آهي. ان کان علاوه اها فوج جيڪا سڀني کان وڌيڪ طاقتور ۽ اثرائتي آهي اها آهي خفيه فوج جيڪي يونيفارم جي بغير ۽ نظر نه ايندڙ جنگ وڙهن ٿا اها آهي انٽيليجنس ادارن جي فوج، اڄ دنيا ۾ روايتي جنگين جو فلسفو ختم ٿي چڪو آهي، اڄ خفيه ايجنسين ذريعي جنگ وڙهي وڃي ٿي ۽ اها جنگ معلومات جي بنياد تي وڙهي وڃي ٿي، ان لاءِ پاڪستان سميت دنيا جي سمورين انٽيليجنس ايجنسين جا فوجي ڏينهن رات پنهنجي ملڪ خاطر معلومات حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ جتي سافٽويئر ڊيٽا جو ڪم ۽ اهميت تمام وڌي وئي آهي اتي دنيا جا انٽيليجنس ادارا ڊجيٽل سطح تي به پنهنجي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪن ٿا.
پاڪستان جي آرمي هڪ طاقتور مضبوط ۽ منظم ادارو آهي. ان کان علاوه پاڪستان جي آرمي ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ اثرائتي ڌر آهي. بين الاقوامي سطح تي ڪو ملڪ جيڪڏهن پاڪستان سان ڪنهن اهم معاملي تي سنجيده ڳالھ ڪرڻ گهرندو آهي ته اهي پاڪستان جي سياستدانن کي ڇڏي فوجي قيادت سان معاملا طئي ڪندو آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ فوج سياستدانن کان وڌيڪ سنجيده ۽ طاقتور سمجهي ويندي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جي بقا ان جي فوج تي آهي، تنهن کانسواءِ ٻئي طرف پاڪستان جي فوج تي اعتراض ڪيو ويندو آهي ته اهي سياست سميت ملڪ جي هر اداري تي اثر انداز ٿين ٿا، پاڪستان جي فوج جو ان قسم جو ڪردار ادا ڪرڻ جو هڪ مضبوط پسمنظر آهي.
1948 کانپوءِ جڏهن پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي وفات ٿي ۽ ان جي بيماري بابت ڳالھيون سامهون آيون ته انگريز حڪومت جي اهم ڪارڪن بيان ڏنو ته جيڪڏهن اسان کي جناح جي بيماري بابت پهرين علم هجي ها ته اسان پاڪستان ٺاهڻ جي منظوري شايد نه ڏيئي سگهون ها. ڇو ته پاڪستان جناح سان ئي وابسته هو ۽ جيڪر پاڪستان جي مستقبل کي بهتر ڪرڻو آهي ۽ ان جي سياست جمهوريت قانون کي نافذ ڪرڻو آهي ته پوءِ جناح جو زنده رهڻ انتهائي ضروري آهي. بهرحال! جناح کانپوءِ جيڪي به سياسي ليڊر آيا جن پاڪستان جي حڪومت هلائي انهن ان سوچ ۽ فلسفي کي ڇڏي ڏنو جيڪو جناح پاڪستان لاءِ سوچي رکيو هو ۽ ايئن جناح کانپوءِ پاڪستان جي سياست ۽ سياستدان غير موثر ۽ ڪمزور ٿيندا ويا، نتيجي ۾ جنرل ايوب کانپوءِ پاڪستان جي فوجي قيادت سياست ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ انهن تي عوام جو اعتماد به وڌندو ويو. پوئين سالن ۾ جڏهن ذالفقار علي ڀٽي کي به موقعو مليو ته هو پاڪستان جي جمهوري ۽ سياسي قوتن کي مضبوط ڪري، پر ڀٽي صاحب الٽو پاڪستان جي فوج کي سياست ۾ آندو ۽ ان کي پنهنجي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪيو. نتيجي ۾ فوج نه چاهيندي به سياست ۾ ڪردار ادا ڪندي رهي. پاڪستان جي تاريخ جو جيڪڏهن اڀياس ڪجي ته اهو ظاهر ٿيندو ته ملڪ جي جمهوري حڪومت ۽ سياستدان ايترا ته ڪمزور ۽ مفاد پرست رهيا آهن جو انهن ڪڏهن اها سنجيده ڪوشش به نه ڪئي جو ملڪ ۾ فوج کان وڌيڪ جمهوري قوتن جو اثر هجي، بلڪه جڏهن فوج پاڻ به سياسي عمل کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سياستدانن اهڙا ته بحران پيدا ڪيا آهن جو مجبور ٿي فوج مداخلت ڪئي آهي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ جمهوري حڪومتن قانون ۽ آئين کي نظر انداز ڪندي ۽ ترميمون ڪندي اهڙي جنرلن کي آرمي چيف ٺاهيو جيڪي جونيئر هئا جيڪڏهن قانون مطابق ۽ ميرٽ ۽ حق جي بنياد تي آرمي چيف لڳايو وڃي ها ته اڄ سياسي عمل ۾ فوج پاڻ به مداخلت کان پري رهي ها، پر ايئن نه ٿيو سياستدانن هميشه فوج کي پنهنجي ذاتي ۽ سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهن جي ڪوشش رهي آهي ته من پسند ماڻهو کي چيف لڳايو وڃي، بلڪه اهڙي آفيسر کي لڳايو وڃي جيڪو اسان جي مرضي تي هلي، پر ظاهر آهي ته فوج هڪ منظم ادارو آهي هو ڪيئن ڪنهن جي مرضي تي هلي سگهي ٿو، ماڻهو فوج جي سياسي ڪردار تي تنقيد ڪندا آهن، پر ٻئي طرف سوال اهو به آهي ته ڇا پاڪستان ۾ جمهوري ۽ سياسي ڌر ايتري مضبوط آهي جو هو ملڪ اڪيلي هلائي سگهن؟ ڏسو فوج جو سياسي ڪردار صحيح آهي يا غلط اهو سوال بعد جو آهي اصل سوال اهو آهي ته ڇا هيءَ قوم ۽ انهن جا سياسي ليڊر ملڪ هلائي سگهن ٿا؟ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سياستدانن قابل تعريف ڪردار ادا نه ڪيو آهي ۽ نه انهن پنهنجي جمهوري ۽ سياسي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪه انهن پاڻ اها ڪوشش ڪئي آهي ته فوج اچي سياسي معاملا طئي ڪري. پوءِ جڏهن ايئن ٿيندو ته پوءِ ظاهر آهي ته ڪنهن ڌر کي ته ملڪ هلائڻو آهي نه! ياد ڪرڻ کپي ته 1971 ۾ جيڪڏهن سياسي ليڊر پنهنجي شڪست تسليم ڪري ها ته پاڪستان نه ٽٽي ها. ڇو ته 1971 ۾ به سياستدانن نالائقي ۽ ضد جو مظاهرو ڪيو هو ۽ پوءِ مجبور ٿي غير سياسي عمل ڪرڻو پيو، جنهن جو نتيجو خراب نڪتو.
پاڪستان آرمي جو سپھ سالار جنرل قمر جاويد باجوه 2022 نومبر ۾ رٽائرڊ ٿئي ٿو، چيف صاحب پنهنجو دور سٺو گذاريو، جنرل صاحب ملڪ جي طاقتور ترين عهدي تي رهي ڪري به پنهنجو وقت سنجيدگي سان گذاريو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران دور ۾ جتي سياست سميت پاڪستان جي هر اداري کي آلوده ڪيو ويو اتي چيف بابت به غلط ۽ غير سنجيده پروپيگنڊا ڪئي وئي ۽ عمران ڪوشش ڪئي ته هو فوج تي پريشر ڏيئي پنهنجي حق ۾ فيصلا ڪرائي سگهي، پر ايئن نه ٿي سگهيو باجوه صاحب جي قيادت ۾ فوج ملڪ جي خاطر سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو نه ته جيڪا زبان عمران فوج خلاف استعمال ڪرائي پيو ته گهڻو ڪجھ ڪري سگهجي پيو. بهرحال! هاڻي سوال اهو آهي ته نئون چيف ڪير ٿيندو؟
پاڪستان جي سياسي ڌر جي نالائقي ۽ ڪمزوريءَ سبب انهن لاءِ اهو تمام ڏکيو ڪم هوندو آهي ته هو ڪنهن کي نئون چيف مقرر ڪن؟ ڇو ته انهن کي اهڙو ماڻهو کپندو آهي جيڪو انهن جي مرضي تي هلي ۽ ٻئي طرف سياسي ڌر کي اهو به علم هوندو آهي ته اسان جي ڪمزورين سبب سياسي خلا موجود آهي ۽ سياسي ڌر کان وڌيڪ عسڪري ڌر طاقتور آهي ان لاءِ هو اهڙو چيف مقرر ڪرڻ گهرندا آهن جيڪو انهن جي مرضي مطابق هلي. ان لاءِ وزيراعظم سميت سڄي سياسي ڌر پريشان ۽ غير يقيني جو شڪار هوندي آهي ته ڪنهن کي چيف مقرر ڪجي ۽ پوءِ ماضي جيان ميرٽ کي لتاڙي ڪنهن جونيئر کي چيف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي يا ڪنهن اهڙي شخص کي چيف بڻايو ويندو آهي جنهن جا سياسي مقصد هجن جيئن عمران خان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو. تحريڪ عدم اعتماد کي ناڪام ڪرائڻ لاءِ عمران جنرل باجوه کي استعمال ڪرڻ پيو گهري. عمران جي مرضي ۽ مقصد هو ته عدم اعتماد کي ناڪام ڪرائي نومبر ۾ اهڙي شخص کي چيف لڳائي جيڪو سندس مرضي تي هلندو ۽ سندس اقتدار کي طول ڏيڻ ۾ مدد ڪندو. بهرحال! ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ هاڻي شهباز شريف حڪومت کي اهو چئلينج درپيش آهي ته هو ڪنهن کي ٿو آرمي جو چيف مقرر ڪري، آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو حتمي اختيار ملڪ جي وزير اعظم وٽ هوندو آهي، پر اداري جي مشاورت پڻ شامل هوندي آهي، ان لاءِ شهباز شريف پنهنجي ڪابينا سميت سياسي پارٽين ۽ اداري سان نئين چيف بابت مشاورت ۾ مصروف آهي. ٻئي طرف اپوزيشن ۾ ويٺل عمران احتجاج ۽ لانگ مارچ جي ڌمڪين ذريعي نئين چيف جي مقرري بابت مشاورت ۾ شريڪ ٿيڻ گهري ٿو. ان جو مقصد آهي ته پي ٽي آءِ کي نئين چيف بابت مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ انهن جي پسند نا پسند کي نظر ۾ رکيو وڃي. بهرحال! هاڻوڪي صورتحال ۾ اهو ممڪن ناهي ته آرمي چيف بابت عمران سان مشاورت ڪئي وڃي. آرمي چيف لاءِ هن وقت مشاورت لاءِ جنرل عاصم منير، جنرل ساحر شمشاد مرزا، جنرل اظهر عباس، جنرل نعمان محمود، جنرل فيض حميد ۽ جنرل محمد عامر جا نالا شامل آهن. منهنجي ذاتي راءِ ۾ جنرل فيض حميد کي ته شهباز حڪومت چيف نه ڪرڻ گهرندي، باقي ٻين نالن تي غور ڪيو ويندو. منهنجي پاڪستان جي عام شهري جي حيثيت سان حڪومت کي درخواست آهي ته پاڪ فوج پاڪستان جو اهم ادارو آهي جنهن سان پاڪستان جي بقا وابسته آهي ان لاءِ پنهنجي سياسي مقصدن کان بالاتر ٿي ڪري ان شخص کي آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي جيڪو سينيئر هجي ۽ جنهن جو حق هجي ۽ اها روايت ختم ٿيڻ گهرجي ته آرمي چيف جي مقرري وقت اداري کي سياست جي نظر ڪيو وڃي. ڇو ته ان عمل سان اداري سميت رياست جي ساک متاثر ٿيندي آهي، پر بدقسمتي سان اسان جا سياستدان اداري کي پنهنجي سياسي بقا لاءِ استعمال ڪرڻ گهرندا آهن. هن وقت پاڪستان ۾ جيڪو سياسي بحران آهي جنهن جي شروعات اپريل کان ٿي ان جو بنيادي سبب آرمي چيف جي مقرري هو ۽ هاڻي به اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اداري جي اهم فيصلي تي اثر انداز ٿي سگهجي ۽ مرضيءَ جا فيصلا ڪرايا وڃن.
***

