يوڪرين جنگ ۽ عالمي صورتحال جو جائزو
ھي مضمون گذريل مضمون ”روس يوڪرين جنگ ۽ سواليه نشان بڻيل عالمي امن“ جي تسلسل ۾ لکيل آھي.
گذريل مضمون ۾ اسان ذڪر ڪيو ھو ته يوڪرين جنھن جي فوج جو انگ محض 2 لک آھي ۽ آمريڪا، يورپ پلس نيٽو جي پٺڀرائي تي روس سان پنھنجا معاملا خراب ڪري ويٺو. ھتي اھا وضاحت به ضروري آھي ته روس دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آھي. روس جي پکيڙ جو اندازو ان ڳالھ مان لڳايو جو ھن ملڪ ۾ يارھنTime zones آھن. واضح رھي ته روس جي فوج 9 لک آھي، جڏھن ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ائٽمي اسلحو به ان وٽ آھي. روس بعد آمريڪا وٽ سڀ کان وڌيڪ ائٽمي اسلحو آھي. عالمي سطح تي امن تي تحقيق ڪرڻ واري سوئيڊن جي اداري اسٽاڪ ھوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (سِپرا) موجب ”دنيا جو 90 سيڪڙو ائٽمي اسلحو ھنن ٻن ملڪن وٽ آھي“ ڳڻتي جوڳي ڳالھ اھا آهي ته انھن ٻنھي ملڪن جا تعلقات گھڻا خراب ۽ ڇڪتاڻ وارا رھيا آھن، سو ھنن ملڪن ۾ سڌو ٽڪراءُ دنيا جي تباھي برابر ھوندو.
ايئن به ناھي ته رڳو يوڪرين واري معاملي سبب دنيا ۾ امن جو پکي زخمي ٿيو آھي، پر اوڀر ايشيا ۾ آمريڪي سامراج پاران اتر ڪوريا ۽ چين کيCounter ڪرڻ لاءِ اڳرائي جي ارادن کان ويندي نام نھاد يھودي رياست اسرائيل پاران وچ اوڀر ۾ فلسطيني گھرن کي مسمار ڪري غير قانوني يھودي وسندين جي اڏاوت، انڊيا ۾ اقليتن تي بي جي پي جي حڪومت پاران ظلمن جو اڻ کُٽ سلسلو به عالمي امن لاءِ سخت ھاڃيڪار ثابت ٿيو آھي. فلسطين جي 90 سيڪڙو علائقي ۽ اُتان جي 80 سيڪڙو پاڻي جي نئين سر چشمن تي قابض ٿي ويل اسرائيل، دنيا جھان جو اسلحو گڏ ڪري به سخت بيچيني ۾ رھي ٿو، جو ھو وري به ھر طرف کان عرب ملڪن جي گھيري ۾ آھي. حزب الله ۽ حماس سبب ان جا الڳ سُک ڦٽل آھن. يمن مسئلو به سنگين انساني الميي کي جنم ڏيئي رھيو آھي.
خير اسين پنھنجي اصل موضوع يوڪرين تي واپس ايندي اھا ٿوري وضاحت به ڪندا ھلون ته گذريل ڪالم ۾ اسان ذڪر ڪيو ھو ته يوڪرين دنيا جو ذرخيز ترين ملڪ آھي. يورپ ۾ ھن کي کاڌي جي ٽوڪريFood Basket Of Europe چيو وڃي ٿو ۽ دنيا جي ٿالھي ۾ سئو مانين مان نَوَ مانيون يوڪرين جون ھونديون آھن. سبب اهو آھي ته يوڪرين ۾ ڪڻڪ وڏي پيماني تي ٿئي ٿي، خود روس ۾ به وڏي پيماني تي ڪڻڪ ٿئي ٿي. يعني روس ۽ يوڪرين گڏيل طور تي دنيا ۾ 30 سيڪڙو ڪڻڪ پيدا ڪن ٿا. يعني ھنن ٻنھي ملڪن ۾ جنگ دنيا ۾ غذائي کوٽ جو انديشو پيدا ڪيو آهي، گڏيل قومون اڳ ۾ ئي وڏي ”عالمي بک جي بحران“ جي وارننگ ڏيئي چڪيون آھن. روسي حملي کانپوءِ وڌندڙ مھانگائي ۽ توانائي جي کوٽ سبب مغربي ملڪن کي سخت حالتن کيFace ڪرڻو پئجي رھيو آھي. واضح رھي ته يورپ جي 40 سيڪڙو گئس ۽ 26 سيڪڙو تيل جي ضرورت اڃان به روس پوري ڪري رھيو آھي. روس انھن کانPayment پنھنجي ڪرنسي روبيل ۾ وٺي پيو. جنھن عمل آمريڪي ڊالر جي اجاراداري کي چئلينج ڪيو آھي، پر يورپ آمريڪا جي ڏَسيل رستي تي ھلندي روس جي ھر معاملي ۾ بائيڪاٽ ڪري رھيو آھي. خيال ڪيو پيو وڃي ته آمريڪا يورپ کي پنھنجي گئس ۽ تيل وڪرو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، پر يورپ ان ٻڏتر ۾ به آھي ته آمريڪي تيل ۽ گئس کيس گھڻي مھانگي پوندي سا به جلد ملڻ واري ناھي. سو اگر ايندڙ سردين ۾ روس گئس جي بندش ڪئي ته يورپ ڪيڏانھن ٿو وڃي؟ عالمي ميڊيا ھن سال مئي جي شروعاتي ڏينھن ۾ خدشو ڏيکاري چڪي آھي ته اگر يورپ کي روسي تيل، گئس نه ملي ته يورپ ٽٽي ويندو.
آمريڪا ۽ يورپ روس تي پابندين ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي، پر عالمي ميڊيا موجب روس پنھنجو تيل، گئس ۽Military Hard wares وڪرو ڪرڻ ۽ موٽ ۾ پنھنجي ڪرنسي روبل ۾payment طلب ڪرڻ جي ڪري روبل جي قدر ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. اپريل بعد روسي ڪرنسي روبل، ڊالر ۽ يورو کي ٽڪر ڏيئي رھي آھي. روبل 2 سالن جي ھاءِ ليول تي پھچي ويو. روبل جي پوزيشن مضبوط ٿيڻ تي دنيا حيران آھي.
روس ۽ نيٽو ۾ وڌندڙ عداوتن جا جيڪي سبب آھن تن ۾ ھڪ سبب ھي به آھي ته روس ان ڳالھ تي به چڙيل آھي ته 90ع واري ڏھاڪي ۾ آمريڪا ۽ نيٽو سان ٿيل معاھدي جي نيٽو پاران خلاف ورزي ٿي رھي آھي ته ھو نيٽو کي روس جي سرحدن ۽ آسپاس جي ملڪن تائين توسيع نه ڏيندا يعني روس جي پاڙيسري ملڪن کي نيٽو اتحاد ميمبر نه بڻائيندو، پر يوڪرين معاملي ۾ نيٽو خلاف ورزي ڪئي. ان کي ٽريننگ ڏيڻ ۽ اتي ھٿيار ذخيرا ڪرڻ روس دشمني ته ھئي، پر امن دشمني به چئي سگھجي ٿي. ھوڏانھن ڪجھ مھينا اڳ روس جا پاڙيسري ملڪ سوئيڊن ۽ فن لينڊ نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جا اعلان ڪري چڪا آھن ۽ نيٽو اجلاسن ۾ شرڪت به ڪري چڪا آھن. نيٽو انھن جي آجيان ڪئي آھي، پر نيٽو جو ميمبر ٿيڻ لاءِ انھن کي ھڪ ڊگھيProcess مان گذرڻو پوندو. جنھن لاءِ انھن کي طويل انتظار ڪرڻو پوندو. روس مذڪورہ ٻنھي ملڪن يعني سوئيڊن ۽ فن لينڊ کي چتاءُ به ڏنو، پر ھو نيٽو ۾ وڃڻ لاءِ بضد رھيا. اطلاع آھن ته روس انھن ٻنھي ملڪن جي سرحدن تي اسڪندر ميزائيل ۽ ٻيا خطرناڪ ڏور مار بيلسٽڪ ميزائيل تعينات ڪري ڇڏيا آھن.
روس پنھنجو ايئر ڊفينس سسٽم ۽ ائٽمي اسلحو پنھنجي اتحادي ملڪ بيلا روس ۾ پھچائي ڇڏيو آھي، جتان جنگ جي صورت ۾ پولينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن کي آساني سانTarget ڪري سگھندو. اسان پھرين ئي ذڪر ڪيو ھو ته عالمي حالتون ان نھج تي پھچي چڪيون آھن جو ڪنھن به گھڙي ڪجھ به ممڪن آھي. حالتون ڏينھن ۾ نه پر ڪلاڪن ۾ تبديل پيون ٿين. اندازو ان مان لڳايو جو روسي صدر ته ھڪ ھنڌ اهو به چئي چڪو آھي ته ”ان دنيا جو ڪھڙو فائدو جنھن ۾ روس نه ھجي“ يعني روس پنھنجي سلامتي کي خطري ۾ محسوس ڪيو ته نيوڪلير ھٿيار استعمال ڪندو.
روس ۽ چين ٻئي ھائپر سونڪ ميزائيل تيار ڪرڻ ۾ مغرب کان ڪافي اڳتي آھن جيڪو آواز جي رفتار کان 5 دفعا تيز ۽ غير متوقع پرواز جي رستي تي پنھنجي هدف ڏانھن سفر ڪري سگھي ٿو، بلڪه روسي زرڪون ميزائيل ته آواز کان 9 دفعا تيز پرواز ڪري ٿو. روسيSurmat Missile جيڪو آواز کان 11 دفعا تيز آھي ۽ جنھن جو مختصر تفصيل گذريل مضمون ۾ ڏيئي چڪا آھيون، روس آمريڪا کي ان ميزائيل ذريعي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي به ڏيئي چڪو آھي ۽ ھن ميزائيل کي آمريڪا جو Patriot Defense System اسرائيل جوIron Dome ۽ جرمني جو MANTIS Air Defense System به ٽريڪ نٿا ڪري سگھن. يعني روسي ميزائيلن جو نيٽو وٽ ڪوبه ٽوڙ نه آھي. عالمي ميڊيا ۾ آيل رپورٽ موجب روسي خلائي مرڪز جي چيف تقريبن 2 مھينا اھڙا 50 Surmat Missiles تعينات ڪرڻ جو اعلان به ڪري چڪو آھي. واضح رھي ته روسي حملي جي ڌمڪين بعد ھن سال جولاءِ ۾ آمريڪي شھر نيويارڪ ۾ ائٽمي حملي کان بچاءُ جي شھرين کي سکيا به ڏني وئي. روس جو سوويت دور ۾ 1979ع ۾ ٺاھيلS-300 Air Defense اڄ به انھن ملڪن جي ڊفينس سسٽم کان ڪيترائي ڀيرا بھتر نتيجا ڏيندڙ ليکيو وڃي ٿو، پر 90ع جي ڏھاڪي ۾ روس جوS-300 سيريز جو اپگريڊ ڪيل دفاعي نظامS-400 اينٽي بيلسٽڪ ميزائيل دفاعي سسٽم جيڪو 2007ع کان باقائديService ۾ آھي، دنيا ۾ بھترين ليکيو وڃي ٿو.
برطانيا جي سينٽر فار اڪنامڪس اينڊ بزنس ريسرچ (سي اِي بيِ آر) موجب ”في الوقت جي وڌندڙ معاشي ۽ عسڪري اثر و رسوخ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ شڪست کاڌل واشنگٽن نوان عسڪري ۽ اقتصادي الائنس ٺاھڻ جي شدت سان ڪوشش ڪري رھيو آھي، جنھن سان چين جي معيشت 2028ع تائين آمريڪا کان اڳتي نڪرڻ جي توقع آھي“ ان ڪري آمريڪا انڊو پئسيفڪ ريجن ۾The Quadrilateral Security Dialogue between Australia, India, Japan and the United States يعني ڪواڊ جھڙو اتحاد تشڪيل ڏنو آھي. جنھن ۾ آمريڪا چين کيContain ڪرڻ لاءِ انڊيا، جاپان ۽ آسٽريليا کي ڪٺو ڪري چڪو آھي. جنھن بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته اھو فوجي ۽ اقتصادي نوعيت وغيرہ جو اتحاد آھي. روس ھن اتحاد کي ايشيا جو نيٽو قرار ڏيئي آمريڪا مخالف ملڪن کي ھوشيار ڪري چڪو آھي.
مستقبل قريب ۾ اھا ڳالھ به ڏسڻ جوڳي آھي ته زيادہ تر يورپي ملڪ جيڪي روسي گئس تي انحصار ڪن ٿا سي ڪھڙن ڏکيائين کي منھن ڏيندا؟ ڇو ته جنگ سبب نيٽو روسي گئس جي خريداري گھٽ کان گھٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ته ٻئي طرف روس به ھن گئس کي يورپ تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ ھڪ ھٿيار جي طور تي استعمال ڪري رھيو آھي. روس طرفان جرمني کي گئس سپلاءِ ۾ ڪمي جا اطلاع به آيا يعني ان جو پھريون اثر جرمني تي پيو آھي. جنھن کي گئس جي ڪمي کي منھن ڏيڻو پيو پوي. جرمني ۾ صنعتن لاءِ مسئلا پيدا پيا ٿين. ماڻھن کي گئس جو بنھ گھٽ استعمال ڪرڻ بابت ترغيب ڏني پئي وڃي. اسان جي خيال ۾ يورپ، روس تيل ۽ گئس جو بائيڪاٽ ڪري ايندڙ سردين ۾ ڏچي ۾ اچي ويندو ۽ گھڻي دير اھو بائيڪاٽAfford نه ڪري سگھندو. آمريڪا انھن کي وڙھندو ڏسي پَريان ويھي ”نيرو وانگر بانسري ئي وڄائيندو.“
توھان آمريڪا جو مزاج ٻي مھاڀاري لڙائي ۾ ڏسو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته آمريڪا ان جنگ ۾ سڌو شريڪ نه ٿيو. ھن يورپ کي ھٿيار ۽ غذائي شيون وڪڻي خوب ناڻو پئي ڪمايو ۽ جڏھن سڀئي ملڪ وڙھي تباھيون ڪري ٿڪا ته جاپان پاران پرل ھاربر واري آمريڪي بندرگاھ تي حملي جو جواز ملندي ئي آمريڪا ائٽمي ھٿيار استعمال ڪري فاتح بڻجي دنيا جو لٺ سردار ٿي ويھي رھيو. ھينئر به توھان کي آمريڪا جو ڪردار اھڙو ئي ڏسڻ لاءِ ملندو.
ھوڏانھن خود يورپي يونين ۽ نيٽو ۾ روس جي تيل ۽ گئس جي بائيڪاٽ تي اختلاف پيدا ٿي ويا آھن. ھنگري اڳ ئي ان معاملي تي يورپ کي جواب ڏيئي چڪو آھي ۽ خود نيوٽرل حيثيت اختيار ڪري چڪو آھي. سلواڪيا ۽ جمھوريه چيڪ ته ھنگري جيان روس جي ويجھو آھن. ڪروشيا جو صدر روسي حامي آھي. جڏھن ته ڪروشيا جو وزيراعظم مغرب کي ترجيح ڏئي ٿو. سربيا جا سياستدان روس سان گڏ آھن.
تجزئي نگارن روس-يوڪرين جھڳڙي کي مغرب لاءِ وڏو لوڏو قرار ڏنو آھي. نيٽو ملڪ روس کي يوڪرين تي ڪاھڻ کان روڪي نه سگھيا ۽ صرف پابندين سواءِ ڪجھ به نه ڪري سگھيا. البته يوڪرين کي ھٿيارن جي سپلاءِ تائين محدود آھن. واپار لاءِ مشھور ڪاري سمنڊ تي روس کي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۾ به نيٽو ناڪام ٿي.
بحيرہ اسود يا ڪاري سمنڊ تي روسي حاڪميت به نيٽو ملڪن کي ڪنڊو ٿي لڳي رھي آھي. مغربي ملڪن جي اتحاد نيٽو پاران روس سان سڌي ٽڪراءُ کان پاسو ڪيو ويو ۽ انھن ملڪن پاران روس کي پابندين سان جھڪائڻ واري سوچ جي خام خيالي ۽ ناڪامي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي پريشان ڪري رھي آھي.
معاشي بحران ۾ مبتلا جوھري ھٿيارن سان ليس آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس ھاڻي ان جنگ مان راھِ فرار اختيار ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن. يورپي يونين جي سڀ کان وڏي ملڪ جرمني کي روسي گئس جي بندش جو ته خوف ورائي ويو آھي.
***


