سنڌي قومپرستيءَ جي ٽين ڪنڊ: جمن دربدر
9 آڪٽوبر 2017ع ڳوٺ احمد خان زئور، ميرپوربٺورو
جمن دربدر سان منهنجي سڃاڻپ ذري گهٽ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري سائين جي. ايم سيد ۽ آريسر صاحب سان آهي.
هڪڙو ماڻهو، جيڪو سنڌ کي ملڪ مڃي ٿو، ان جي الڳ حيثيت ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ انهيءَ ڳالهه تي اٽل آهي. پنهنجي اٽلتا ۽ اڏولپڻي ۾ کيرٿر وانگر اسٿر اهو ماڻهو تڪليفن، مصيبتن، مخالفتن ۽ قيد و بند جي ڪابه پرواهه نٿو ڪري. پنهنجي ڳالهه مٿان هن جو ڳَتُ سسئيءَ جي سفر جيان اڻموٽ آهي. اهو ماڻهو آهي جي. ايم سيد، سن جو سائين.
هڪڙو ماڻهو ڳالهائي ٿو ته برن کي باهه لڳي ٿي وڃي. هن جون ننڍڙيون اکيون جهنگ ۾ وسندڙ ويران مندر ۾ ٻرندڙ ٻن جهيڻن ڏيئن جهڙيون آهن، پر هن جي دل ”مُعبدِ ناهيد“ آهي، جنهن جي آڳ جا آلا ڪڏهن به نٿا اجهامن. هو جڏهن رنگ منچ جي آسڻ تي بيهي ڳالهائي ٿو ته اهو آڳ جو اُلاءُ سندس شبدن ۾ شعلا شعلا ٿي اڀري ٿو ۽ ٻڌندڙن کي پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو. اهو سنڌ جي سائي صحرا جو سانورو ماڻهو آهي عبدالواحد آريسر، دلڪش آواز جو ديوتا.
هڪڙو ماڻهو آهي، جيڪو سوزِ دل جي ساز تي ڳائي ٿو ته ٻڌندڙن جون دليون سندس سر جي زير و بم سان هيٺ مٿي ٿيڻ ۽ ان سان گڏجي ڌڙڪڻ لڳن ٿيون. هن وٽ نه سازيندا نه ساز، بس ماچس جو کوکو آهي، جيڪو سر جو پڙلاءُ پيدا ڪري ٿو. وڏي ڳالهه ته شاعري به هن جي پنهنجي آهي. سازيندڙ به پاڻ، ڳائيندڙ به پاڻ ته شاعري سرجيندڙ به پاڻ. شاعري به اهڙي، جيڪا هڪ ئي وقت جي. ايم سيد کي رئاري به سگهي ٿي ته زمان و مڪان کان بالاتر ٿي موت کان ماورا ڪري کلائي به سگهي ٿي. شاعري زندگيءَ جي لافانيت کي اڀاري، جنم جنم جي ڦيري ۾ وصال جي سرگذشت بڻجي گونجي ٿي ته سيد پاڻ کي ازلي ابدي سنڌ جي ٻانهن ۾ ٻکيل ڀانئين ٿو. هن جي شاعري ۾ معنائن جا انيڪ نوان ستارا جرڪن ٿا ۽ هر ماڻهو انهن کي پنهنجي سمجهه جي قُطبي ڦاڪن تان ڏسي ٿو، پر جيڪا ڳالهه اهم ڳالهه آهي اها آهي هيءَ ته هن جي شاعري ۽ ڳائڻ ۾ سنڌ جي تصوير اڀري ٿي. هن جو ڳلو جيڪا به گونج اڀاري ٿو، اها آزاديءَ ۽ سنڌ جي پنڌ تي سڏي ٿي. انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو آهي جمن دربدر، آزاديءَ جي الستي صدا.
جديد سنڌي قومپرستي پنهنجي فڪري اوسر جي بلنديءَ تي پهچي جيڪي ڪردار اڳتي آندا، انهن سنڌي سماج تي گهڻ طرفا ۽ گهرا اثر مرتب ڪيا. مٿيان ٽيئي ڪردار انهيءَ سڄي سٿ ۾ نهايت بلندي ۽ امتيازي حيثيت رکن ٿا. اهي گڏجي هڪڙو ٽڪنڊو ٺاهين ٿا.
جي. ايم سيد قومي سياست ۽ فڪر جي بلند چوٽي.
عبدالواحد آريسر قومي سياست ۽ فڪر جي تنظيمي پکيڙ.
جمن دربدر قومي سياست ۽ فڪر جي ثقافتي اڻت.
اهڙي ئي ڪنهن ترتيب ۽ سٽاءُ سان مون کي ٽنهي سان سڃاڻپ ٿي هئي. اڳتي هلي وقت انهيءَ سڃاڻپ کي ويجهڙائيءَ ۾ تبديل ڪيو. جنهن ڪري مون کي ٽنهي شخصيتن کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. مون جيئن جيئن کين ڏٺو ٿي، تيئن تيئن سندن محبت جي سڳي ۾ سلهاڙجندو ويس ۽ سندن عظمتن جي روشنين ۾ منور ٿيندو ويس.
امر ڪوٽ، پدمات جا پٽ ۽ روحل واءِ جي ڪنڌي تاريخي حيثيت رکندڙ علائقا آهن. سنڌ جي لوڪ ادب ۽ جديد شاعريءَ ۾ انهن جو تمام وڏو حصو آهي. هنن پڊن جي ذڪر سان ماڻهوءَ جي من ۾ موتين، مگرن ۽ نازبوئن جون سڳنڌون پکيڙجيو وڃن ۽ ماڻهوءَ جو هانءُ هٻڪارجيو وڃي. انهيءَ هٻڪار ۾ ڪن نالن يا شخصيتن جي خوشبو پڻ آهي؛ جن مان هڪ نالو جمن دربدر جو آهي. انهن سڳنڌيل پٽن تي عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ 12 مئي 1944 تي جنهن ٻارڙي جو ڄم ٿيو، انهيءَ جو نالو محمد جمن رکيو ويو. انهيءَ نئين ڄاول ٻارڙي کي اڳيان هلي وڏو ٿي سنڌ جا سڏ ورنائڻا هئا. سڏن ورنائڻ ۽ وچن پاڙڻ جي انهيءَ سفر ۾ کيس محمد جمن مان جمن دربدر بڻجڻو هو. جمن دربدر سنڌي قوم کي پنهنجو راڄ ڀاڳ ۽ گهر گهاٽ ڏيڻ لاءِ دربدريءَ جي انهيءَ رستي جي پاڻ شعوري چونڊ ڪئي. جنهن لاءِ يونان جي عظيم آزادي پسند ليکڪ ۽ ناول نگار ڪازان زاڪس چيو هو:
”رت ڪڏهن به اجايو نٿو وڃي، ڇا توکي اها ڄاڻ نه آهي ته آزادي ٻج وانگر ٿيندي آهي، اها پاڻي ڏيڻ سان نه ڦٽندي آهي، ان کي رت جو ريج ڏيڻو پوندو آهي. سو اسان هاڻي ٻج جي آبياري صحيح طريقي سان ڪري رهيا آهيون ۽ اهو ڪنهن وقت وڌي ٻوٽو ضرور ٿيڻو آهي.“
جمن دربدر آزاديءَ جي انهيءَ ٻج کي پنهنجي لازوال گيتن وسيلي آڪسيجن مهيا ڪئي. نتيجي ۾ هوريان هوريان اهو ٻج ڪنهن سلي وانگر موراڻو ۽ گل گئونچ ڪڍڻ لڳو.
جمن دربدر شروعاتي تعليم لاءِ امر ڪوٽ جي خاصخيلي پاڙي جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. پهريون درجو اتي پڙهيائين. ڪجهه وقت بعد سندس ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول ٺهي چڪو هو. تڏهن شهر واري اسڪول کي ڇڏي هو پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول ۾ اچي ويٺو. پرائمريءَ جا باقي چار درجا هن اتي پڙهيا. روحل واءِ بعد هن مئٽرڪ وري اچي امر ڪوٽ جي هاءِ اسڪول مان ڪئي.
هاڻي هو جواڻ جماڻ ڇوڪرو هو، جنهن کي نوڪريءَ جي ڳولا هئي. سرڪاري نوڪري جي ڳولا ۾ هن ميرپورخاص شهر جا وڻ اچي وسايا. انبن جي ٻور جي سرهاڻين ۾ واسيل هن شهر ۾ هن جواڻ جماڻ ڇوڪري کي نوڪري ته نه ملي، پر ڇوڪري ضرور ملي ويئي. اکيون اڙيون، دليون عشق جي ٻنڌڻن ۾ سوگهيون ٻڌاڻيون. اوچتو وڇوڙي جو واءُ وريو. پنجاپڻ ڇوڪري وڃي لاهور نڪتي ته هي به سندس پيرا کڻي داتا جي درٻار تي وڃي رساڻو. عشق وڇوڙو به آهي ته وسيلو به آهي. سو عشق ئي سندس وسيلو ٿيو ۽ لاهور جهڙي بي مروت شهر ۾ اتفاق سان ٻنهي عاشق ۽ معشوق وچ ۾ مکا ميلو ٿي ويو. وري نوان قول قرار ٿيا. هوءَ به واپس سنڌ موٽي آئي. بعد ۾ ٻنهي ڄڻن شاديءَ ڪرڻ جي رٿ رٿي. سٽاءُ موجب جنهن رات ڇوڪريءَ کي گهران نڪرڻو هو، هي وقت سر وڃي اتي پهتو، پر اوچتو ڇوڪريءَ جي ماءُ سجاڳ ٿي پئي. هن پوتي لاهي هن جي پيرن تي رکي ته کين ايئن رسوا نه ڪري ۽ هميشه لاءِ سندس ڇوڪريءَ جي زندگيءَ مان هليو وڃي. هن جي اندر جي سنڌوءَ ۾ موج اٿي، نديءَ جا بند ڀڳا ۽ هڪ ماءُ جي التجائن ۽ پوتيءَ جي پلاندن جي ٻوڏ ۾ هو ٻڏي ويو ۽ لڙهي ويو ڪيڏانهن ڏور؛ هن ڇوڪريءَ، جيڪا سندس پهريون مجاز هئي، کان هميشه لاءِ پري. زندگي جا ٻيا قطب تارا کيس پاڻ ڏانهن سڏي رهيا هئا.
ميرپورخاص ۽ امر ڪوٽ کي سندس زندگيءَ ۾ خاص معنيٰ رهي آهي. انهن ئي شهرن ۾ هو حياتيءَ جي نون رنگن کان واقف ٿيو ۽ اتي ئي سندس سياسي شعور ساماڻو. هن ڪميونسٽن جي قربت ۾ به وقت ڪاٽيو ته قومپرستن سان به سندس پرت جا پيچ اٽڪيا. مارڪسزم جي ڪن اصولن، دولت جي ورڇ جي نئين نظام ۽ جدلياتي ماديت کيس متاثر ضرور ڪيو، پر هو اتي مستقل ٽڪاڻو نه ڪري سگهيو. هن جي من ۾ اڃان ڪا ٻي لوري هئي، جيڪا کيس ڪوھِ ندا جيان سڏي رهي هئي. قومپرستي هن جي اندر ۾ لهندي وئي. پوءِ هو جي. ايم سيد ۽ عبدالواحد آريسر سان مليو. هو آريسر صاحب سان دوستيءَ جي رشتي ۾ ۽ سيد سائين سان پوئلڳيءَ ۾ پيوند ٿي ويو. هو سيد سان ڇا مِلاڻو، ماڻهو ئي ٻيو ٿي پيو، هڪ نئون ۽ نرالو ماڻهو.
”سوڍا، صبر تنهنجي، ماڙهو ڪئي مومل!“
هو پاڻ چئي ٿو: ”سائين جي. ايم سيد سان مليس ته مڪمل انسان ٿي پيس. وجود تان سموري ڪس لهي وئي.“
جي. ايم سيد ۽ مهاتما گانڌي سندس لاءِ مثالي انسان آهن.
هاڻي هو هڪ نئون نويلو انسان ٿي پيو هو ۽ سيد جي فڪر جي چيچ جهلي آريسر جي ساٿ ۾ قومي آزاديءَ جي سوڙهي رستي تي نڪري پيو هو. اسان لاءِ آزادي جو رستو اڃان به سوڙهو آهي، اهو شاهي سڙڪ نه بڻيو آهي، پر ان کي نيٺ شاهي سڙڪ تي چڙهڻو آهي ۽ هڪ آزاد قوم لاءِ ملڪي محلات جي تعمير ڪرڻي آهي.
جمن دربدر انهيءَ رستي جي شروعاتي مسافرن مان آهي. شروعاتي مسافر هميشه وڏن لوڏن لمن ۽ گهڻين تڪليفن مان گذرندا آهن. هو به گذريو آهي، پر هن پويان ايندڙن لاءِ گهڻا ڪنڊا چونڊي سفر کي ڪجهه وڌيڪ سولو بڻايو آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته عبدالواحد آريسر کي جن ماڻهن عبدالواحد آريسر بڻايو ۽ هڪ وڏي شخصيت ٺاهيو، انهن ۾ جمن دربدر جو تمام وڏو ڪردار آهي. جيڪڏهن جمن دربدر نه هجي ها ته آريسر جيڪو ڪجھ بڻجي سگهيو اهو نه بڻجي سگهي ها. آريسر تي هن کي جيڪا هُجت هئي ۽ جيڪو هُن تي سندس اثر هو، ان آريسر کي ڪن غلط سياسي ماڻهن جي هٿن ۾ وڃڻ ۽ غلط سياسي فيصلا ڪرڻ کان پڻ بچايو. ساڳيءَ ريت آريسر به هن کي ٺاهيو. آريسر ڌاران جمن دربدر اهو نه بڻجي سگهي ها، جيڪو هو بڻيو. آئون ڀانئيان ٿو ته ٻنهي جي سنگ ۽ ساٿ ٻنهي کي ٺاهيو. مٿان وري ٻنهي تي جي. ايم سيد ۽ سنڌ جي نينهن جو نسورو جڙاءُ. ڀٽائيءَ کي ڏٺي ڏينهن ٿي ويا هئا. هاڻي سنڌي هنن جي روپ ۾ نوان انسان ڏسي رهيا هئا.
مارشلا جا ڏينهن، بدترين آمريت جو جبر، سياسي جلسن جلوسن تي پابندي، هر آواز کي گهٽڻ جي ڪوشش، هر تحريڪ کي ماٺارڻ جا جتن، جيڪو ڪنڌ اُٿي اهو ڪٽڻ لاءِ وار، گهيرا، تلاشيون، گرفتاريون، دٻڙ دئونس، سماج مٿان هر سطح تي والار ڪرڻ، سازشون ۽ تشدد، پر اهڙي ڪل جڳ جهڙي صورتحال ۾ به ڪي ڪاپڙي هئا، جيڪي مست الست ٿي نڪري پوندا هئا ۽ پوءِ ڪٿان ڪو آواز اڀرندو هو، ڪو گيت هوا ۾ هڳاءُ ٿي ٻُرندو هو، مستقبل جا سپنا ڪر کڻي ساڀيائن کي گهوريندا هئا ۽ پرهه جي روشني جو ڪنوارو ڪرڻو ٻاٽ جو سينو چيري نروار ٿيندو هو. ڪافڪا چواڻي: ”ڪابه شيءِ آدرش کان وڌيڪ طاقتور نه آهي.“ فرانز ڪافڪا جي انهيءَ ڳالهه ۾ آئون هيترو اضافو ڪريان ته بيجا نه ٿيندو: ”ڪابه شيءِ آزاديءَ جي آدرش کان وڌيڪ طاقتور نه آهي.“ آزاديءَ جو عظيم آدرش غلامي، محڪومي ۽ جبر جي هر طاقت کي شڪست ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. اها آزادي جي آدرش جي بي پناهه طاقت هئي، جيڪا آمريت ۽ جبر جي قوتن کي للڪاري سگهندي هئي. انهيءَ للڪار ۾ عبدالواحد آريسر ۽ جمن دربدر جا آواز پڻ هوندا هئا.
عبدالواحد آريسر تقريرون ڪندو هو ۽ جمن دربدر جلسن ۾ ڳائيندو هو. آريسر جي آواز جي گداز ۽ جمن جي سر جي سوز تي ماڻهو پتنگن وانگر مڙي ايندا هئا. سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو مڌ رچي ريٽو ٿي رهيو هو.
جمن دربدر شاعر به آهي، فنڪار به آهي. جيتوڻيڪ هو پيشي جي لحاظ کان فنڪار نه آهي. پيشيور ڳائڻو نه آهي، پر ڳائي ٿو ته دليون موهي ٿو. انهيءَ جي ڪري محفلن جي جان هوندو آهي. تنهنڪري محفلن ۽ جلسن يا ٻين تقريبن ۾ ماڻهو کانئس ڪلام ٻڌڻ جي فرمائش ڪندا آهن. دنيا ۾ تمام ٿورڙا شاعر رهيا آهن، جن کي قدرت ڳائڻ جي خوبي پڻ بخشي آهي. جمن دربدر ۾ قدرت ٻئي خوبيون بدرجا اتم رکيون آهن. جهڙي سندس شاعري لاجواب ۽ شاندار آهي، اهڙو ئي سندس ڳائڻ جو انداز ۽ آواز وڻندڙ ۽ من موهيندڙ آهي. جن به کيس ٻڌو سُئو آهي، اهي کانئس متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيا آهن.
هن پنهنجي سموري زندگي بي لوث، سچار ۽ مستقل مزاج قومي ڪارڪن وانگر گذاري آهي. جنهن ڳالهه سندس سڃاڻپ ۽ اهميت توڙي ڪردار کي وڌيڪ ڊيگهه ويڪر، بلندي ۽ پختائي ڏني آهي. نتيجي ۾ هو هڪڙو اتساهه پيدا ڪندڙ ماڻهو ٿي پيو آهي. کيس ٻڌي، ساڻس ملي، ڪچهري ڪري، ماڻهو ڄڻ تازو توانو ۽ نئوبنو ٿي پوي ٿو.
اسين مقرر آهيون. ان ڪري ڪنهن جي به تقرير کي خطابت جي فن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندا آهيون. ان جي آڌار تي ڪنهن جي مقرر هجڻ يا نه هجڻ يا ڪنهن جي ننڍي وڏي مقرر هجڻ جو تعين ڪندا آهيون، پر ان سلسلي ۾ مون جيڪو ڏٺو آهي ۽ جنهن نتيجي تي پهتو آهيان، اهو هيءُ آهي ته هر صورت ۾ اهو فن خطابت نه آهي، جيڪو ٻڌندڙن کي متاثر ڪري ٿو ۽ نه وري هر صورت ۾ اهو مواد ئي هجي ٿو. منهنجي خيال ۾ فن ۽ مواد جي وچ ۾ هڪڙي ٻي شيءِ به آهي، جيڪا آهي سچائي، پر خلوص ۽ بي لوثي. هڪڙو بي لوث، پر خلوص ۽ سچو مقرر ڀل ته تقريري فن جي مقرر معيارن ۽ حدن کان ڪجهه پرانهون ڇو نه هليو وڃي، پر ٻڌندڙن تي دائمي اثر ڇڏي ٿو. ڀلو مقرر، لاجواب، شعلا بيان مقرر به ڪٿي ڪٿي رڳو وقتي اثر ڇڏيندو آهي، پر هڪ ٻيو مقرر عام پيرائي ۾ ڳالهائي به ان خاص ساعت ۾ دائمي اثر پيدا ڪندو آهي.
جمن دربدر هڪڙي ئي لَههَ ۾ تقرير ڪندو آهي. سندس تقرير ۾ نه اتار چڙهاءُ، نه عورتن جي دلڪش بدن جون دلفريب تشبيهون ۽ نه شاعراڻا استعارا ۽ ترڪيبون. شاعر هجڻ جي باوجود سندس تقرير ايئن سادي هوندي آهي جيئن ٻني کيڙيندڙ هاري. شاعر هوندي به هن جي تقرير هار سينگار کان ايئن پري هجي ٿي جيئن پاڻيءَ جا دلا مٿي تي کڻي ايندڙ پاڻياري. هن جي تقرير ڪاڄ يا وهانءُ تي سنبري ۽ ٺهي ٺڪي نڪرندڙ ناريءَ جهڙي نه هوندي آهي، پر ان ۾ پنهنجو هڪ فطري حسن هوندو آهي. سچائي خلوص، بي لوثي ۽ بيباڪيءَ جو حسن، جيڪو هن جي سادي پيرايي واري اندازِ بيان جي باوجود ٻڌندڙن کي موهي ۽ منڊي ڇڏيندو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته هو چڱن ڀلن مقررن کي ٻئي حساب سان به ملهه ماري ٿو. ٻيا رڳو تقرير ٿا ڪن؛ هو تقرير به ڪري ٿو ۽ ڳائي به ٿو. اهڙي طريقي سان سندس وزن ۽ اثر ٻيڻو ٿيو وڃي.
اندازِ بيان جي سادگيءَ جي باوجود هو هڪڙو کرو مقرر آهي، جيڪو سچ منهن تي ڦهڪائي ڏئي ٿو ۽ خوشامد بدران تنقيد کان مناسب ڪم وٺي ٿو. هڪڙي تقريب ۾ اسان ٻئي اعزازي مهمان هئاسين. هڪ ٻيو همراهه به اعزازي مهمان هو. پنهنجي تقرير ۾ ان همراهه عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي وڏي وڪالت ڪئي. جنهن مهل جمن دربدر تقرير ڪرڻ آيو ته همراهه کي ڌوئي ڇڏيائين.
”گهر ۽ آفيس لاءِ ٻار رکبا، ان ڪري ته جيئن گهٽ مزوري ڏجي. پاڻ ٻارن جو استحصال ڪبو ۽ ڀاشڻ ٻارن جي حقن جا ڏبا. بابا ٻارن کي ڇڏيو ته وڃي پڙهن؛ رڳو پنهنجا نه ٻين جا ٻار به پڙهن. ٻار پرايا نه ٿيندا آهن، سڀ ٻار پنهنجا ٿيندا آهن. ڪجهه ڏوڪڙ بچائڻ لاءِ ٻارن کان تعليم نه ڦريو.
”ساڳي ڳالهه عورتن لاءِ آهي. ٻي شادي ڪبي، پهرين زال کي پڇبو ئي ڪونه يا وري گهر ۾ ڪم لاءِ مائي رکبي ته ويچاريءَ کي هزار ٻن کان مٿي پگهار نه ڏبو.“
”اسان جي سماج ۾ سڌارا تڏهن ايندا، جڏهن اسان جي قول ۽ فعل ۾ ويڇو نه رهندو. چوڻِي ۽ ڪَرڻِي هڪ ٿيندي ته ڪردار جڙندو. ڪردارن کانسواءِ سماج تبديل ڪونه ٿيندا آهن. ڪردار جوڙڻ لاءِ ضروري آهي ته سچ ڳالهائجي. ڦرمار ڪندڙن مان نه ٿجي، پنهنجي ماڻهن سان پيار ڪجي. ماڻهو جو درد اهو سمجهي سگهندو، جيڪو ماڻهو سان پيار ڪندو.“
تنهن هوندي به اهڙي نوبت گهٽ ئي ايندي يا اُتي ايندي، جتي ايئن ڪرڻ بنهه ناگزير هجي. نه ته گهڻي ڀاڱي هو اختلاف راءِ يا تنقيد بدران پنهنجون ڳالهيون، تجربا، جي. ايم سيد ۽ آريسر بابت يادگيريون، فڪري خيال ۽ زندگيءَ جا واقعا وغيره ٻڌائيندو. تقرير دوران ڪا مزاحيا ڳالهه ڪندو، هو پاڻ به مرڪندو، کلندو ۽ ٻڌندڙن کي به ٽهڪ ڏيارائي ڇڏيندو. البته سندس تقرير گهڻي تڻي سنجيده ئي هوندي.
تقرير جي آخر ۾ کانئس گيتن جون فرمائشون ضرور ٿين ۽ هو به دل سان هڪ ٻه ڪلام ضرور ٻڌائي. اهڙي ريت هو ٻڌندڙن کي موهي ڇڏي ٿو.
سندس تقرير ۽ ڪلام جو جوڙ ڏسي مون کي چليءَ جو عظيم شاعر پئبلو نرودا ياد اچيو وڃي. پئبلو نرودا جڏهن چليءَ جي صدارتي چونڊن ۾ بيٺو هو، تڏهن تقرير بعد ماڻهو کانئس شاعري ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندا هئا. پوءِ هو ماڻهن کي آخر ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائيندو هو، ڪڏهن تحت اللفظ ته ڪڏهن جمن دربدر وانگر ڳائي.
شاعري ته گارشيا لورڪا به ٻڌائيندو هو، ڪڏهن رنگ منچ تي ڳائي ته ڪڏهن سنگيت جي ويس ۾، پر هو تقريرون نه ڪندو هو يا وري تمام ورلي ڪندو هو. گارشيا لورڪا صحيح معنيٰ ۾ هڪڙو ڪلاڪار هو. سياسي شعور رکندڙ خانا بدوش ڪلاڪار. اهو لورڪا جو سياسي شعور ئي هو، جيڪو اسپيني آمر جنرل فرانڪو کان برداشت ٿي نه سگهيو. فرانڪو جي آمريت لورڪا کي ڳيهي وئي.
پر اسپين جي داغ داغ بدن تي رڳو لورڪا جي خون جا ڇنڊا ته نه آهن، بارسلونا جي جمهوريت پسندن ۽ انارڪسٽن جي رت مان به ان جا هٿ ڀريل آهن ۽ ڪيٽالونيا جي قومپرستن کي به فرانڪو جي آمريت بي رحميءَ سان ڪٺو.
لورڪا جا گيت سانت جي ڍير هيٺان دٻجي ويا، جمهوريت پسندن مات کاڌي؛ هيمنگوي ۽ جارج آرويل جي بين الاقوامي جٿي(International Brigade) کي پٺتي هٽڻو پيو، ڪيٽالونيا جي قومپرست تحريڪ چٿجي وئي ۽ پويان رڳو رت جي ڌار رهجي ويئي. فرانڪو پاڻ کي ناقابلِ شڪست فاتح سمجهڻ لڳو. اياز لکيو آهي: ”هر آمر کي وسري ويندو آهي ته کيس مرڻو به آهي،“ پر وقت اڳتي وڌڻ نه وساريندو آهي. تاريخ پنهنجو سفر جاري رکندي آهي.
منيءَ صديءَ پڄاڻان گارشيا لورڪا جا گيت يورپ ۾ گرجي ۽ گونجي رهيا آهن، ڪوئسلر جي جيل ڊائري اڄ به پڙهجي رهي آهي ۽ جمهوريت نه رڳو اڀري آئي آهي، پر سگهاري پڻ ٿي آهي ۽ هڪ سياسي نظام کان اڳتي وڌي يورپ جي ماڻهن لاءِ زندگي گذارڻ جو هڪ ڍنگ ۽ اعليٰ سماجي رويو ٿي پئي آهي. تشدد، شڪست ۽ رت ۾ ٻڏل ڪيٽالونيا جي آزاديءَ جو خواب وري اوچي ڳاٽ اٿيو آهي ۽ سوين سالن کان ڪيٽلائين جي روشن اکين ۾ پلجندڙ قومي آزادي جو سپنو ساڀيان جي در تي بيٺو آهي. آزادي جي سپني کي شڪست ملي نه ٿي ملي، اهو ڪِري وري اٿي ٿو ۽ صدين جي سفر ۾ ساهه کڻندو ٿو رهي.
مون کي اهڙو ئي اڻٽٽ يقين جمن دربدر جي اکين ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن جي شاعري، هن جو ڳاچ، هن جي گيتڪاري، هن جي خطابت سڀ آزادي جي راڻي کي ريجهائي مومل سان ملائڻ جا جتن آهن، جيڪي يقين سان ڀرپور آهن.
جمن دربدر ۾ هونئن ته ڪيترائي شخصي ڳڻ آهن، پر هن جو هڪڙو تمام وڏو ڳڻ مهمان نوازي آهي. هن جا در دوستن لاءِ هر ويل کليل هوندا آهن. مزمانن جي اچڻ تي هو ڪڏهن به نه دل سوڙهي ڪري ۽ نه منهن گهنجائي. سنڌ جو ورلي ڪو متحرڪ قومي ڪارڪن ۽ اديب هوندو، جنهن جي پيٽ ۾ سندس درجو ٽُڪُرُ نه هجي. جن به سندس در هڪ دفعو ديکيو، سي ٻيهر سندس سلامي ٿيا. محبتون ۽ عزتون ماڻهوءَ کي ور ور سڏينديون آهن.
اسان سائين جي. ايم سيد لاءِ چوندا آهيون ته هو نه رڳو سنڌ جي سياسي روايتن، پر ثقافتي روايتن جو پڻ امين هو. ثقافتي روايتن جو هڪ نقطو مهمان نوازي آهي، دستر خوان جي ڪشادائي آهي. سيد جو مانيءَ جو وڇاڻو وڏو ڪشادو هوندو هو. اهڙي ئي وسيع القلبي جو مظاهرو اسان جمن دربدر کي ڪندي ڏٺو آهي. سيارو هجي يا سانوڻ، گرمي هجي يا سردي، جهڙ هجي يا جهولا، ڏينهن هجي يا رات، هو مزمانن جو دلي آڌر ڀاءُ ضرور ڪندو.
سال 2011ع جي ڳالهه آهي. اسان جي ڳوٺان اسان جا همراهه ٻه ڪيريون ڀري ٿر گهمڻ ويا. مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر ۽ وري ڇاڇرو؛ اتان امر ڪوٽ. جنهن ويلي امر ڪوٽ اچي رساڻا، تنهن مهل مينهن چوي ته اڄ نه وسان ته ڪڏهن وسان. مينهن تن ڏينهن ۾ ٻوڙ ٻوڙان لائي ڏني هئي. بدين، ميرپورخاص، امر ڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعا برساتي ٻوڏ هيٺ اچي ويا هئا. امر ڪوٽ شهر جي حالت به ڏاڍي خراب هئي. گهٽيون ۽ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا هئا. دڪان، هوٽلون، مسافر خانا، هر شيءِ بند هئي. شهر ۾ اصل ڪُڪُڙُو ڪُو لڳي پئي هئي. اسان وارا همراهه پريشان ٿي ويا. آئون ۽ ادا نبي زئور ڳوٺ هئاسين. ڪنهن مهل ادا ممتاز جي فون آئي. هن حال احوال ڏنا. کيس چيم ته ذرو پريشان نه ٿيو، جمن دربدر جي ڳوٺ روحل واءِ هليا وڃو. ڏَسَ تي همراهه اتي وڃي پهتا. پهچڻ بعد ڇا ڏسن ته مار! هتي اڳيئي ٻوڏ متاثر لٿا پيا آهن. ان جي باوجود جمن دربدر کليل دل سان سندن ڀليڪار ڪئي. مانيءَ جو ٽاڻو ٽري ويو هو؛ مٿان وري مينهن جي رات؛ سو همراهن چيو ته اسان ماني کائي آيا آهيون، پر جمن جي تجربيڪار اکين سمجهي ورتو ته نوجوانن ماني ڪانه کاڌي آهي. هن تازي سانجڻ ڪرائي مينهن جي ٺريل رات ۾ همراهن کي گرم گرم ماني کارائي. گهر پهچڻ بعد ڀاءُ ممتاز جڏهن مون کي اها ڳالهه ٻڌائي، تڏهن مون کي اياز ياد آيو:
مينهن جي رات ڪاٽي وڃو اوٺيو!
مانڙي ٿي پچي، باهڙي ٿي ٻري.
آڌي مانجهي، اسر ويل، اهڙا ڪئين مسافر سندس اڱڻ تي اچي وسرام ڪندا آهن. هو ٿر ۾ ٿڪلن جو ٿاڪ آهي. آئون پاڻ به انهن پٽن تي هوندو آهيان ته وٽس ئي اچي ٽڪندو آهيان. مزي جي ڳالهه اها به آهي ته اسان جهڙا دوست مزمان وڃي ٿيندا ته ڪڏهن رفيق فقير ته ڪڏهن استاد شفيع فقير کي ڪوٺبو ۽ پوءِ پدمات جا پٽ راڳ سان ٻري اٿندا. راڳ هن جي محفل جو اهم جز آهي. جي استاد شفيع فقير ۽ رفيق فقير شهر ۾ نه هوندا ته پوءِ انهيءَ کوٽ جو پورائو هو پاڻ ڪندو. اهڙي نموني ڪچهري ادب، سياست، دنيا جهان جي مسئلن، مامرن ۽ راڳ جا رستا اورانگهيندي اچي پنهنجي اختتام تي پهچندي. هتان ڪچهري گل ٿي، ماڻهو پنهنجي هنڌ ڀيڙو ٿيو. هتان ٿر جي ٿڌي رات اچي لولي ڏيندي، ننڊ اکين تي پنهنجون ريشمي آڱريون ڦيريندي ۽ ماڻهو ننڊ الوٽ پئجي ويندو. ڪيڏو به دير سان سمهو، هو صبح سوير گهران اوطاق تي پهچي ويندو. اک کلندي ته توهان کيس پنهنجي جاڳڻ جو اوسيئڙو ڪندي ڏسندا. هو مهمانن جو اهڙو خيال رکڻ وارو آهي.
زندگي جا عجيب رنگ روپ، زاويا ۽ ڇُلاءَ آهن. اها نامهربان ٿئي ٿي ته ماڻهوءَ کي سندس ئي گهرائين ۾ ٻوڙي ماري ٿي ڇڏي. مهربان ٿئي ٿي ته پاتال مان کڻي ستارن جي رَٿ تي سوار ڪريو ڇڏي. بلڪل اهڙو ساڳيو انداز شاعريءَ جو آهي.
هڪڙا ماڻهو يا ڄمار فاعلن فعولن ڪرڻ جي باوجود شاعريءَ جي شِينَ کي به پهچي نٿا سگهن؛ ۽ ٻيا ماڻهو وري ٿورڙو لکي ئي شاعريءَ جي تخت تاج جا مالڪ ٿي وڃن ٿا، ڪوتا جي ڪاڪ جا راڄ راڻا بڻجي وڃن ٿا.
جمن دربدر پڻ ڪوتا جي ڪاڪ ڪنڌيءَ جي اهڙن خوشنصيب راڄ راڻن مان آهي. هن ٿوري شاعري ڪئي آهي، پر سندس شاعري ماڻهن جي دلين مٿان حڪمراني ٿي ڪري. وڏي ڳالهه اها آهي ته هن جي هڪڙي نظم جون ٻه سٽون ايڏيون ته مشهور ٿيون آهن، جو اهي ماڻهن جي زبان تي عام ٿي ويون آهن. انهيءَ کان به وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته انهن سٽن کي عام ڪرڻ وارو ڪو عام ماڻهو نه، پر سنڌ جو عالم، دانشور، وڏو سياستدان ۽ عميق نگاهه رکندڙ انسان، شاعريءَ جو پارکو، سائين جي. ايم سيد هو. سيد جي عميق نظر پاتال مان معنائن جا املهه موتي ميڙي آئي. جمن دربدر جو اهو عميق معنائون رکندڙ شعر هو:
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
سيد اهو شعر ٻڌو ته دنگ رهجي ويو. پنرملن جو سڄو فلسفو سندس اکين اڳيان گهمي ويو. اسان سنڌي جنم جنم جي ڦيري ۾ يقين رکندا آهيون. محبوبن سان ميلاپا، وصال، مکا ميلا اسان لاءِ هڪ جنم جو مامرو نه آهن. اسان پنهنجن محبوبن سان وري وري ملڻ لاءِ وري وري ڄم جي مرحلي مان گذرندا آهيون. تنهنڪري زندگيءَ ۽ محبت مان اسان جو يقين ٽُٽِي نه ٿو ٽُٽي. سو جي. ايم سيد به جيئن اهو شعر ٻڌو ته زندگي، محبت ۽ آزاديءَ ۾ سندس يقين اڃان ئي وڌيڪ رچي ريٽو ٿي ويو:
جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين،
تهان پري سڄڻ، واڌايون وصال جون!- (شاهه)
جمن دربدر جي مٿئين شعر بعد هن ڀٽائيءَ جي انهيءَ بيت کي ان انداز ۾ سمجهڻ شروع ڪيو. هڪ شعر ٻئي شعر جي مٿانهين سطح پيدا ڪئي. جنهن معنائن جا نوان افق جنميا. جمن دربدر خوشنصيب آهي جو هن جيڪا شاعري ڪئي آهي، سا لاجواب آهي ۽ ماڻهن جي دلين ۾ رهي ٿي. سندس شاعري وقت جي قيد کان آجي ۽ موت کان ماورا آهي. اها لازوال آهي. اها هميشه جيئري رهڻي آهي.
اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ اديب رچرڊ ملهوس نڪسن هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”سمورن وڏن ماڻهن ۾ هڪڙي خصوصيت ساڳوڻي رهي آهي. اُها هيءَ ته اهي پاڻ سان ملڻ وارن ماڻهن کي متاثر ڪن ٿا.“
اها ڳالهه جمن دربدر تي پڻ صادق اچي ٿي. جيڪي به ماڻهو ساڻس ملن ٿا، اهي کانئس متاثر ٿين ٿا. جيڪي ماڻهو کيس ٻڌن ٿا اهي به کانئس متاثر ٿين ٿا. هن سنڌ جي هڪ کان وڌيڪ پيڙهين کي پنهنجي فڪري بيهڪ، سياسي وابستگي، ادبي سگهه، ثقافتي خوشبو، سچائي، بي لوثي ۽ خلوص سان متاثر ڪيو آهي.
خوش آئند ڳالهه اها به آهي ته هن جي ڇانو هيٺ حليم باغي ۽ حاجي ساند جهڙا شاعر اڀري مٿي آيا آهن. هن جي ئي وجود سان پدمات جي پٽن تي ادبي تحرڪ جا ڏيئا ٻرندا ۽ روشني پکيڙيندا رهن ٿا.
جيتري قدر منهنجي ذات جو تعلق آهي ته سچي ڳالهه هيءَ آهي ته پاڻ کانئس تمام گهڻو متاثر آهيون. هو منهنجي اتساهه جي ذريعن مان هڪ ذريعو آهي. کيس ڏسي ۽ ٻڌي قوم جي آزادي ۾ منهنجو ويساهه اڃان وڌيڪ پختو ٿي ويندو آهي.
سنڌو نديءَ وانگر زندگي به پورالي آهي، ان جا پنهنجا پُور ۽ وهڪرا آهن. زندگيءَ جي سير ۾ وهندي ماڻهو ڪڏهن هِن ڪناري ته ڪڏهن هُن ڪناري پيو لڳندو آهي. زمان ۽ مڪان جون موجون ماڻهوءَ کي پيون هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائينديون آهن. زندگي ۾ جدايون ۽ ميلاپا گڏوگڏ پيا هلندا آهن. ماڻهو ملندو آهي، جدا ٿيندو آهي. جدا ٿي وري ملندو آهي. اسان جو ميل جول پڻ ايئن ئي رهي ٿو. ڪڏهن ته اسين ڊگهي وقت تائين هڪٻئي جي نگاهن کان پري ٿي ويندا آهيون، پر اها صرف نظري دوري هوندي آهي. اکين کان پري هوندي به آئون کيس پنهنجي دل جي تار تي ڏسي سگهندو آهيان.
نظر دُور هستم، دِلم دُور نيِست!
هو منهنجي نگاهن کان ته پرڀرو ٿي ويندو آهي، پر دل کان ڪڏهن به پرانهو نه ٿيو آهي. شال جڳ جڳ جيئندو رهي.