بلاگنئون

چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جو آمريڪا جو دورو

هلندڙ هفتي يعني 10 ڊسمبر کان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير آمريڪا جي دعوت تي پنهنجو دورو شروع ڪيو آهي. پاڪستان جي آرمي چيف جي حيثيت ۾ سندس آمريڪا جو پهريون دورو آهي. پاڪستان آرمي چيف، دفاعي خارجه پاليسي ۽ قومي سلامتي جي سلسلي ۾ اعليٰ آمريڪي حڪامن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. هن آمريڪي وزير دفاع لائيڊآسٽن سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻه طرفي دفاعي تعاون ۽ افغانستان کان ٿيندڙ دهشتگردي جي ڪارروائين تي تفصيلي گفتگو ڪئي وئي آهي. تفصيلن مطابق آرمي چيف جنرل عاصم منير پينٽاگان جو دورو به ڪيو آهي، جنهن ۾ علائقائي سلامتي جي تازي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات جي تاريخ پراڻي آهي، پوءِ اهي معاشي ۽ مالي معاملا هجن، دفاعي حڪمت عمليون هجن، خطي جي صورتحال هجي، خاص طور افغانستان جي پسمنظر ۾ گذريل اڌ صدي کان آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا گهرا به رهيا آهن ۽ انهن لاڳاپن جي بنياد تي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي قومي سلامتي ۽ دفاع لاءِ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا رهيا آهن ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اهي هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي رهيا آهن. اهي لاڳاپا گرم سرد ٿيندا رهيا آهن. انهيءَ جو سبب خطي جي صورتحال آهي ۽ آمريڪا ۽ پاڪستان جون پاليسيون آهن. نائن اليون کانپوءِ آمريڪا ۽ نيٽو فوجون ڪابل ۾ موجود رهيون هيون. تڏنهن انهن کي پاڪستان جي مدد جي سخت ضرورت هئي. پاڪستان آمريڪا جو ديرينه ساٿي هئڻ جي ڪري آمريڪا جو ساٿ ڏنو. جڏهن صدر ٽرمپ جي دور جي آخر ۽ صدر جوبائيڊن جي دور جي شروعات ۾ آمريڪي ۽ نيٽو فورسون افغانستان خالي ڪري ويون، تڏنهن ائين لڳو ته صدر جوبائيڊن جي نظر ۾ پاڪستان غير متعلق ٿي ويو هو، ايستائين جو آمريڪا جو صدر پاڪستان جي هڪ سابق وزيراعظم کي فون ڪرڻ به گوارا نه پيو ڪري، سابق وزيراعظم عهدي تان لهي ويو، پر کيس آمريڪي صدر جي فون نه آئي. پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري هڪ اهم ملڪ آهي، پر انهيءَ اهميت جو ملڪ کي نقصان وڌيڪ، فائدو گهٽ پيو آهي. دنيا ۾ ٿيندڙ جاگرافيائي ۽ جنگي تبديلين جا اثر سڌي ريت پاڪستان تي پون ٿا. يوڪرين رشيا جنگ هجي يا اسرائيل جا غزه تي حملا هجن، افغانستان ۾ دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر وڌي رهي هجي ته پوءِ آمريڪا جي نظر ٻيهر پاڪستان تي پئي آهي. هن وقت پاڪستان جي 50 سالا پراڻي افغان پاليسي تبديل ٿي رهي آهي، سبب ان جو اهو آهي ته افغانستان ڄڻ اڻ اعلانيل جنگ پاڪستان تي مسلط ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان وٽ هاڻي ۽ مستقبل ۾ اها ئي راهه بچي آهي ته هو افغانستان سان جيڪو هڪ جنگجو ملڪ بڻجي چڪو آهي. انهيءَ سان طاقت جي بنياد تي پنهنجا معاملا طئي ڪري. پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي ڪارروائين نه صرف پاڪستان ۾ تشويش جي لهر ڊوڙائي آهي، پر دنيا ۾ به انهيءَ تشويش کي محسوس ڪيو پيو وڃي. خاص طور تي رياستِ آمريڪا جيڪا اڳي به افغانستان جي ڏنگيل رهي آهي ۽ کربين ڊالرن جي خرچ ۽ پاڪستان جي مدد جي باوجود دوحا معاهدي ۾ اها صرف ايترو حاصل ڪري سگهي ته طالبان حڪومت اهو واعدو ڪيو ته افغانستان جي سرزمين آمريڪا جي خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين لاءِ استعمال ڪونه ٿيندي، پر تازن واقعن ۽ طالبان جو ماضي ۽ حال ۽ انهن جي بنياد پرست خيالن جي ڪري آزاد دنيا کي انهن تي اعتبار ڪونهي. انهيءَ ڪري آمريڪا اهو ضروري سمجهيو آهي ته انهيءَ جا پاڪستان سان لاڳاپا بهتر هجن. انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي آمريڪا پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف کي دفاعي مذاڪرات لاءِ دعوت ڏني آهي. آرمي چيف جو دورو جاري آهي، پر ظاهر آهي ته ٻنهي ملڪن جو دفاع، خارجه پاليسي ۽ قومي سلامتي لاءِ لاڳاپن کي بهتر بنائڻ تي زور ڏنو آهي. آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جو هڪ اهم اتحادي آهي ۽ آمريڪا ايشيا ۾ علائقائي سلامتي چاهي ٿو. افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي جي جيڪا تازي صورتحال آهي انهيءَ ۾ اسان کي سڀني ملڪن جي مدد جي ضرورت آهي، پر آمريڪا جي ضرورت سڀ کان اهم آهي. انهيءَ ڪري جو ٻنهي ملڪن جي خطي ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ گڏ هجڻ جي هڪ تاريخ آهي. هڪ دفعو وري دهشتگردي هن علائقي ۾ ظاهر ٿي رهي آهي، جنهن جو وڌيڪ نقصان پاڪستان ۽ پاڪستان جي آرمي کي ٿي رهيو آهي. آرمي جا جوان شهيد ٿي رهيا آهن. افغانستان مان هڪ نيٽورڪ هلايو ٿو وڃي، ان نيٽورڪ جي ذريعي 36 ملڪن ۾ دهشتگردي ڪرائي ٿي وڃي، ان کي روڪڻ ۾ آمريڪا کي پاڪستان جي مدد جي ضرورت پوندي. اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپا ضرور بهتر ڪندو، پر انهيءَ ۾ چائنا کي ناراض نه ڪري، اهو به محسوس ٿئي ٿو ته چائنا آمريڪا جا لاڳاپا پڻ بهتر ٿي رهيا آهن. آمريڪا انڊيا تي انحصار گهٽ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان جو فائدو به پاڪستان کي ملڻ کپي، پر اهي سڀئي ٻه طرفه لاڳاپا باعزت نموني بحال ڪيا وڃن. سڀ کان وڌيڪ اوليت پاڪستان جي مفاد کي ڏني وڃي. پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏيندي هزارين ارب ڊالرن جو نقصان ڪري چڪو آهي. 80 هزار کان وڌيڪ فوجي جوان ۽ سويلين شهيد ٿي چڪا آهن. انهن سڀني شين جو ادراڪ آمريڪا کي هجڻ گهرجي. پاڪستان آرمي چيف جي هڪ سالا ڪارڪردگي کي ڏسندي اميد ڪجي ٿي ته آمريڪا پاڪستان لاڳاپا باوقار نموني بحال ٿيندا، ان جي ڪري نه صرف پاڪستان کي دفاعي ۽ معاشي طور فائدو پوندو، پر علائقائي صورتحال پڻ بهتر ٿيڻ جي اميد آهي.