اسين بار بار انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪندا رهيا آهيون ته پنهنجي ملڪ ۾ ٻه قانون آهن، هڪ طاقتور ماڻهن جي لاءِ ۽ ٻيو عام ماڻهن جي لاءِ. طاقتور ماڻهو پنهنجي طاقت جو مظاهرو ان لاءِ ڪري ٿو ته وٽس ڪيتري طاقت آهي ۽ هو عام ماڻهو کي پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي هيٺ آڻڻ چاهي ٿو. پراڻي وقت ۾ حڪمران پنهنجي لاءِ مضبوط قلعه جوڙائي انهيءَ اندر رهندا هئا. نئين زماني ۾ حڪمرانن جي تحفظ جي لاءِ سندن گهرن کي وڏيون وڏيون ديوارون ڏئي، انهن جي مٿان ڪنڊيدار تارون، چئني طرفن کان سيڪيورٽي جي لاءِ مورچا، وڏا گيٽ، انهن جي اڳيان رڪاوٽون، دروازن تي موجود هٿياربند چوڪيدار. جڏهن ٻاهر نڪرن ته انهن جي لاءِ روٽ لڳن، سيڪيورٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي پوليس جون گاڏيون سندن اڳيان پويان هجن، جنهن مان سندن طاقت جو اظهار ٿئي پر اهي سڀئي انهيءَ ڳالهه تي به راضي نه ٿيا آهن. هاڻي هنن پنهنجي آفيسن جي اڳيان ۽ گهرن جي ڀر ۾ لنگهندڙ روڊن رستن تي به رڪاوٽون لڳائي خلق خدا جي لاءِ بند ڪيا آهن. سبب اهو ڄاڻايو ٿو وڃي ته کين خطرو آهي.
سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ اهڙي قسم جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ حد دخلين ڪري عوام الناس کي تنگ ڪيو وڃي ٿو. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته رينجرز هيڊڪوارٽر هجي، نيوي جو هيڊڪوارٽر هجي، وزيراعليٰ جو گهر ۽ آفيس هجي، گورنر هائوس هجي، سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي عمارت هجي يا سنڌ اسيمبلي جي عمارت، انهن جي پاسي کان گذرندڙ گهٽين کي رڪاوٽون لڳائي سوڙهو ڪيو ويو آهي ۽ فوٽ پاٿن تي سيڪيورٽي جون چوڪيون لڳائي عام ماڻهو کي هلڻ کان روڪيو ويو آهي انهن رڪاوٽن کي هڪدم ختم ڪيو وڃي ۽ اهڙي رپورٽ هڪ هفتي جي اندر سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ اهو به سوال پڇيو ته جناح ڪورٽ جي عمارت کي ڪهڙي قانون تحت رينجرز جي حوالي ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن سرڪار پاڻ حد دخليون ڪري ته پوءِ عوام کي حد دخليون ڪرڻ کان ڪيئن ٿي روڪي سگهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سرڪار کي حد دخليون ڪرڻ تي وڌيڪ سزا ملڻ گهرجي. ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته انهن ادارن کي دهشتگردن کان خطرو آهي ۽ انهن تي حملا پڻ ٿي چڪا آهن، ان جي جواب ۾ جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته سيڪيورٽي ادارا دهشتگرد پڪڙين ٿا پر، جج انهن کي سزائون ڏين ٿا ته پوءِ وڌيڪ خطرو ججن کي آهي. جيڪڏهن سيڪيورٽي ادارن کي شهر ۾ رهڻ سان خطرو ٿئي ٿو ته پوءِ اهي پنهنجون آفيسون يا هيڊڪوارٽر شهرن کان ٻاهر کڻي وڃن پر، ڪنهن به صورت ۾ عام ماڻهن جي رستا روڪ نه ڪن.
اسين حيدرآباد جي حوالي سان ڏسون ته رينجرز کي جيتوڻيڪ چڱو خاصو علائقو الڳ سان مليل آهي، جن ۾ سندن آفيسون ۽ رهائشون موجود آهن. رينجرز آفيسرن جي لاءِ رينجرز ميس پڻ موجود آهي. ان جي باوجود حيدرآباد جي مشهور اسڪولن ۽ ڪاليجن جي هاسٽلن تي سندن قبضو آهي، جن ۾ ڊگري ڪاليج ڪاري موري جون ٻئي هاسٽلون، مسلم ڪاليج ۽ نور محمد هاءِ اسڪول جون ٻئي هاسٽلون، پوليٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد جي هاسٽل رينجرز جي قبضي هيٺ آهي، جن جي چوگرد رڪاوٽون لڳل آهن. جڏهن ته رينجرز آفيسرس ميس جي پوري گهٽيءَ کي بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اها حيدرآباد جي هڪ اهم علائقي ۾ موجود آهي، جنهن سان اتان جي رهندڙ ٻين رهائشين کي تڪليف جو منهن ڏيڻو پوي ٿو. هاسٽلن کي خالي ڪرڻ جو حڪم هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي بينچ پڻ ڏيئي چڪي آهي پر، اڃان تائين ان تي عمل نه ٿيو آهي. اسان کي ٿڌي سڙڪ تي گل سينٽر کان گدو چوڪ ڏانهن ايندڙ رستي تي پڻ رڪاوٽ لڳل نظر ايندو آهي جيڪو جي. او. آر ڪالوني جي هڪ بنگلي ۾ رهندڙ رينجرز آفيسر لڳرائي آهي. اهي ته ڪجهه مثال آهن، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ته رينجرز پاسداري نه ڪئي، ڇا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ٿيندو؟ ۽ روڊن تي لڳل رڪاوٽون ختم ٿينديون؟ فوٽ پاٿن تي موجود چوڪيون ختم ٿينديون؟ ۽ عوام بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي انهن عمارتن جي پاسي کان گذري سگهندو؟ اميد گهٽ آهي، وقت ٻڌائيندو.