ايڊيٽوريل

پئرس اولمپڪس 2024

اونهاري واريون پئرس اولمپڪس 2024 جنهن کي فرانس جي شهر پئرس ۾ منعقد ڪيو ويو آهي. پئرس جيئن ته ميزبان شهر آهي، جنهن جون وڌيڪ رانديون فرانس جي 16 ٻين شهرن ۾ به ٿي رهيون آهن. اولمپڪس دنيا ۾ راندين جو هڪ وڏو موقعو آهي، جيڪو هر چوٿين سال ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ منعقد ٿيندو آهي. هن دفعي پئرس اولمپڪس جون رانديون فرانس ۾ ٿي رهيون آهن.
اولمپڪس جي تاريخ پراڻي به آهي ۽ دلچسپ به آهي ۽ عجيب اتفاق آهي ته انهيءَ جو پراڻي زماني ۾ به فرانس سان هڪ تعلق ثابت ٿئي ٿو. جڏهن ته قديم دور ۾ رانديون اولمپيا يونان ۾ منعقد ڪيون ويون هيون. اهو دور تمام پراڻو آهي. انهيءَ ڪري اهي رانديون اولمپڪس سڏجن ٿيون. انهيءَ کانپوءِ اولمپڪس رانديون جي يونان جي هڪ ٻئي شهر ايٿنز ۾ 1503 کان 1896 تائين ٿينديون رهيون. جديد اولمپڪ رانديون جن کي عام طرح اولمپڪس چئون ٿا عالمي سطح تي مقبول راندين ۾ شمار ٿين ٿيون ۽ اولمپڪس راندين جو موقعو دنيا ۾ راندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ هڪ لطف آهي ۽ وندر جو موقعو آهي. هزارين لکين ماڻهو رانديون ڏسڻ لاءِ انهيءَ ملڪ ڏانهن سفر ڪن ٿا، جيئن اڄڪلهه راندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو فرانس جي شهر پئرس ۽ ٻين لاڳاپيل شهرن جون مسافريون ڪري رهيا آهن جتي اهي عالمي رانديون ٿي رهيون آهن. اولمپڪ رانديون به آهن ۽ صحت ۽ توانائي جي تحريڪ پڻ. انهيءَ ڪري جيڪي بين الاقوامي ادارا اولمپڪس راندين جو انتظام ڪندا آهن انهن ۾ اولمپڪ تحريڪ، انٽرنيشنل اسپورٽس فيڊريشن ۽ اولمپڪ جون انتظامي ڪميٽيون اهم آهن. انهيءَ کانسواءِ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ جيڪي اولمپڪ راندين ۾ حصو وٺن ٿا انهن جا پنهنجا انتظام آهن ۽ اولمپڪس جي راندين جي موقعي لاءِ هر ملڪ پنهنجن رانديگرن جي چونڊ ۽ تربيت ڪندو رهيو آهي. اولمپڪ جو پنهنجو منشور ۽ پنهنجي انتظاميه آهي. اولمپڪ ڪميٽي هر مقابلي لاءِ پنهنجي ميزبان ملڪ جي شهر جو انتظام ۽ خرچ پکي جو انتظام ڪندي آهي. اولمپڪ ڪميٽي ان ڳالهه جو فيصلو ڪندي آهي ته ڪهڙا ملڪ ڪهڙيون رانديون اڃان وڌيڪ شامل ڪجن ۽ ڪهڙيون گهٽ ڪري سگهجن. اسين هتي ڳالهه ڪندا هلون ته اولمپڪ جون روايتون آهن. اولمپڪ جي مشعل آهي، اهو انهن راندين جو وڏو نشان آهي. اولمپڪ جي افتتاحي ۽ اختتامي تقريب کي هزارين ماڻهو سامهون ۽ ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ٽي وي سيٽن ۽ موبائلن تي ڏسندا آهن. اسان کي اها ڳالهه ڪندي ڏک پيو ٿئي ته دنيا ۾ پئرس اولمپڪس 2024 ٿي رهي آهي، پر اسان جو قومي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا لڳي ٿو ته ان کان بلڪل بي خبر هجي. هڪڙو وقت اهو هو جڏهن اولمپڪس جون رانديون دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ ٿينديون هيون ته ان جو اثر پاڪستان ۾ به ٿيندو هو ۽ ماڻهو پنهنجن ٽي وي اسڪرينن تي مسلسل انهن راندين جو رپورٽون يا سڌي سنئين ٽيليڪاسٽ گهرن ۾ ويهي ڏسندا هئا. هن وقت اسان جي معاشري ۾ هر صحتمند تفريح جي لاءِ ڄڻ جاءِ نه رهي آهي. ايئن ملڪن ۽ سماجن کي بي خبر رکڻ ڪو سٺو عمل ڪونهي. اسان جو سوال آهي ته ڇا هن دفعي اسان وٽ اولمپڪ مشعل تي ميڊيا ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ان جي افتتاحي تقريب اسان پاڪستانين مان ڪيترن ڏٺي آهي؟ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي اسان جي ميڊيا نان اشوز تي ۽ سياست تي 24 ڪلاڪ پاڻ سان جوڙي رکيو آهي ۽ دنيا کان بي خبر ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ملڪ يا دنيا ۾ جيڪي مثبت ڳالهيون ٿي رهيون آهن انهن کي ڪور نٿو ڪيو وڃي. اولمپڪس مقابلن ايتري قدر وسعت اختيار ڪئي آهي جو هاڻي انهن راندين ۾ تقريبن هر قوم جي نمائندگي ٿيندي آهي. اسان جي ملڪ جا رانديگر به اسان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. اسان جي غريب ملڪ ۾ اولمپڪس راندين لاءِ چونڊ ۽ تربيت لاءِ ادارا موجود آهن، پر خبر نٿي پوي ته اهي ڪٿي آهن ۽ ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن. پئرس اولمپڪس جي راندين ۾ پاڪستان پاران 7 رانديگر حصو وٺي رهيا آهن.
پاڪستان جنهن جو نالو راندين جي دنيا ۾ هڪ مهندار ملڪ جو رهيو آهي ۽ اسين هاڪي ۽ ڪرڪيٽ کان وٺي ايٿليٽس گيمز تائين دنيا ۾ نالو ڪمائيندا رهيا آهيون. هن دفعي پاڪستان ۾ رانديگرن جي دستي ۾ آڱرين تي ڳڻن جيترا رانديگر شامل رهيا آهن، اهو سڀ اسان جي ملڪ لاءِ شرمندگيءَ جو سبب آهي. جنهن ملڪ ۾ اولمپڪس راندين لاءِ ادارا هجن انهن کي فنڊ ملندا هجن، پر اتي راندين لاءِ ڪم نه ٿيندو هجي ۽ نتيجو به نه هجي ته پوءِ انهن ادارن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هيستائين اسان جي ملڪ جي پئرس اولمپڪس راندين ۾ جيڪا پوزيشن آهي ان مان لڳي ٿو ته اسان جو اولمپڪس 2024 جو سفر شروع ٿيڻ کان اڳ ئي اختتام طرف وڃي رهيو آهي. پئرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جا 5 رانديگر آئوٽ ٿي ويا آهن، ايئن اسان جو پئرس اولمپڪس 2024 جو سفر ڄڻ پڄاڻي تي پهتو آهي. اسين ملڪ جي وزيراعظم، سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ لاڳاپيل وزارتن کي ايترو ضرور چونداسين ته اهي راندين جي دنيا کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪن. ڇو ته رانديون هميشه متحرڪ ذهن پيدا ڪنديون آهن، جنهن کي سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهندا آهن. جيڪڏهن راندين ۾ اسان جو نتيجو بهتر هوندو ته دنيا اسان سان پيار ڪندي، اسان جي سرڪار کي ايترو ياد رکڻ گهرجي.