بلاگ

”عشق روشني آ“ ناول جيئن ڏٺو مون‎‎

ادب جي ميدان ۾ اڄ جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙھي ۽ پسند ڪئي ويندڙ صنف ناول آھي. ناول جي اھم خوبي اھا به آھي ته ھو مڪمل پڙھيو ويندو آھي. جيسيتائين پڙھندڙ کيس مڪمل تاثر سان نٿو پڙھي تيسيتائين اھو ڪنھن نتيجي تي ڪڏهن به نه ٿو پھچي سگھي، جيئن علي بابا جو ناول ”موھن جو دڙو“ يا رسول ميمڻ جا ناول اوھان جي اڳيان آھن. اھي جيسين مڪمل ٻه ڀيرا نه پڙھندو ته اوھان پرکي ئي نه سگھندو. اسان وٽ سنڌ ۾ رومانٽڪ (ورسٽي) ناول سٺي تعداد ۾ لکيا ويا آھن. مان سمجھان ٿو ته ورسٽي ناول به ھاڻ رومانٽڪ ناول ۾ ضم ٿيڻ کپي، يا ٻي صورت ۾ سندس موضوع مٽائڻ جي سخت ضرورت آھي.

سنڌي ادب ۾ ماضي ۾ ناول جي تمام گھڻي کوٽ ھئي زيب سنڌي موجب ”اسي واري ڏھاڪي ۾ سنڌي ادب کي ھڪ اڌ اھڙو سال به آيو جو اسان ناول لاءِ سڪي رھيا ھئاسين. تنھن دور ۾ سال اندر ھڪ يا ٻه ناول مس ايندا ھئا.“ جيترا ناول اڌ صدي ۾ شايع ٿيا ان کان ٻيڻا ناول گذريل ڏھاڪي ۾ شايع ٿيا آھن. ان مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ناول کي ڪيترو پڙھيو وڃي ٿو. جيئن ناول کي مقدار مليو آھي تيئن معيار به ڪافي حد تائين مليو آھي.

سنڌي ادب ۾ ورسٽي ناول جي طارق عالم ابڙو ”رھجي ويل منظر“ سان جيڪو ڏيئو ٻاريو ان جي روشني ھاڻ مڪمل ڦھلجي چڪي آھي. ان پڄاڻان ڪيترائي ورسٽي ناول منظرعام تي اچي چڪا آھن ۽ کين وڏي چاھ سان پڙھندي ڪيترن ئي نوجوانن پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو آھي.

ھن وقت منھنجي ھٿ ۾ عدنان سومرو جو ناول ”عشق روشني آ“ آھي جيڪو تازو منظرعام تي آيو آھي. عدنان سومرو فلاسفي جي ٽئين سال ۾ پڙھندڙ منھنجو بھترين دوست آھي، ھن سان گذريل ٻن سالن کان ويجھڙائي جو رشتو جڙيل آھي، سندس ادب سان تمام گھڻو لڳاءُ آھي. جنھن جي نتيجي ۾ اڄ مان سندس ناول پڙھي رھيو آھيان. ھي ناول به يقينن ڪمپيس ناول آھي، پر انھن سڀني ناولن کان منفرد آھي. عدنان سومرو جو ”عشق روشني آ“ ناول سنڌ يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ لکيل ھڪ پريم ڪٿا آھي.

ناول جي ڪجھ اھم پھلوئن تي مان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندس. جيڪو حال حبيبان پيش پريان نال. ناول جو مک ڪردار آزاد آھي. جيڪو سنڌ جي اترئين ضلعي ڪشمور سان واسطو رکندڙ آھي، ھڪ غريب گھراڻي سان واسطو رکندڙ آھي. جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاسافي جي شعبي ۾ پڙھڻ لاءِ اچي ٿو. آزاد ھڪ آزاد خيال شخص آھي سندس ڪتابن سان بي انتھا پيار آھي. ھن کي اتي روشني سان پيار ٿي وڃي ٿو. ھو ان جي عشق ۾ پاڻ کي ضم ڪري ڇڏي ٿو. آزاد تي ماروي سدائين فدا رھي ٿي، پر پوءِ به آزاد کيس اھو چئي رد ڪري ٿو ته مان روشني سان پيار ڪندڙ آھيان، ھن سان منھنجا قول ٿيل آھن. ايئن آزاد روشني سان حسين راتيون ڏينھن گذاري ٿو. روشني جي بيوفائي کانپوءِ ھوءُ ھيڪلو ٿي وڃي ٿو ۽ وري ھو ماروي سان گڏجي ٿو، ان سان شادي ڪري ٿو، پر پوءِ به ھو روشني کي نٿو ڇڏي…!

ناول جي ڪردارن جي ڳالھ ڪجي ته ان ۾ آزاد کانپوءِ روشني جو ڪردار ملي ٿو. جيڪا آزاد جي ڪلاس ميٽ آھي ڪراچي جي رھندڙ آھي. جيڪا آزاد سان محبت ڪري ٿي ۽ وقت گذرڻ پڄاڻان ھوءَ عام رواجي عاشقن جيان فقط وھم ۽ وسوسي جي بنياد تي پنھنجي پيار جي پڄاڻي ڪري آزاد جي دوست سان محبت جا مچ ٻاري ٿي ۽ ان سان شادي ڪري ٿي. ھن جا گڙدا فيل ٿين ٿا ۽ ھوءَ آزاد جي ھنج ۾ پنھنجو دم پرواز ڪري ٿي.

ھن ناول جو ٽيون اھم ڪردار ماروي جو آھي. جيڪا سوشل ورڪ جي ٻئين سال جي شاگردياڻي آھي ۽ ھن سان شروع کان رابطي ۾ رھي ٿي. جيتوڻيڪ ھوءَ سينيئر آھي، تنھنڪري آزاد کي ھر وقت مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيندي رهي ٿي. ھن تي فدا ٿي وڃي ٿي ۽ آزاد جو پيار کڻي ھن سان وچڙندي رھي ٿي. ايئن ڪينجھر جي ڪنڌيءَ تي رات جو پنھنجي پيار جو اظھار ڪري ٿي ۽ اھا محبت جو معراج ماڻيندي آزاد کي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ساڻس شادي ڪري ٿي، جنھن مان کيس ھڪ ڇوڪر جو جنم ٿئي ٿو.

ٻه ڪردار سرمد ۽ اقرا آزاد جا ڪلاس ميٽ اھي دوست ڏيکاريا ويا آھن. جڏھن ته ڪامريڊ شان اردو شعبي جو شاگرد ھتي ھڪ ھمدرد طور تي اڀاريو ويو آھي جيڪو آزاد جو دوست آھي.

ناول ۾ ڦيرو ان وقت اچي ٿو جڏھن يار محمد جي انٽري ٿئي ٿي يار محمد سندن ڪلاس ميٽ آھي ھو شاھوڪار ڏيکاريو ويو آھي جنھن سان جڏھن روشني آزاد کي الوداع ڪري پيار جو اظھار ياروءَ سان ڪري ٿي ۽ ھن سان شادي به ڪري ٿي.

اھڙي طرح ھڪ ٻه ننڍڙا ڪردار ٻيا به ھن ناول جو حصو آھن. جيئن ماروي جو پيءُ چاچا صديق، چاچي سڪينه (فليٽ مالڪ) گارڊ، شائسته (روشني جي ڀيڻ) ھن ناول ۾ موجود آھن.

ناول ٻولي جاگرافيائي حدن جي حساب سان ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي پسمنظر ۾ ئي لکيل ملي ٿو. ھن ناول ۾ ورسٽي سڀ کان گھڻو نظر اچي ٿو اھو ئي سبب آهي، جو ھي ڪيمپس ناول آھي. ان کان علاوه ڀٽ شاهه ۽ ڪينجهر کي ناول نگار ناول جو حصو بڻايو آھي. ڪراچي ڪلفٽن، دو درياهه ۽ درگاهه عبدالله شاھ غازي جا پڻ حوالا ڏنا ويا آھن. اتان جي حسناڪين کي ڀرپور چٽيو ويو آھي. جنھن ۾ ڪينجھر ۽ ڀٽ شاھ جي ته ڪمال تصوير پيش ڪيل آھي.

ناول جي ٻولي جي ڳالھ ڪجي ته ٻولي جا ٻه اھم پھلو ٿين ٿا ھڪ ته عام جيڪو پاڻ ڳالھايون ٿا. ٻيو تخليقي پھلو. ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ڪميپس/رومانٽڪ ناولن ۾ سنڌي انگريزي ٻولي جي کچڻي پيش ڪئي ويندي آھي. ھو سمجھندا آھن ته سنڌي ناول ۾ انگريزي لفظ ھڻڻ سان ماڻھو لکيو پڙھيو سمجھيو وڃي ٿو، پر عدنان جي اھم خوبي اھا آھي ته ھن وٽ ان بجاءِ پوري ناول ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ٿيل آھن. جيئن ھن وٽ ڪمال جا لفظ آھن نيرن، مانجھاندو، سانجھادو جھڙا لفظ، مانجھاندو سانجھادو اڄ جي نوجوان لاءِ بلڪل اڻڄاتل نوان لفظ آھن، اھڙي طرح کوڙ سارا سنڌي جا ناياب لفظ ھن ناول جي زينت بڻيل آھن. ھن ناول ۾ ٻولي ته بلڪل عام سادي پيش ڪئي وئي آھي. جيڪا ھر پڙھندڙ کي پنھنجو ڪري ٿي وٺي.

ناول جي حوالي سان وڌيڪ ٻه چار اھم ڳالھيون ھن ريت به آھن ته:

عدنان! ناول ۾ آزاد کي ھڪ ڪتاب دوست ڪري پيش ڪيو آھي جيڪو سنڌي ادب سان گڏ عالمي ادب تي ڀرپور دسترس رکي ٿو ھن ناول اندر سنڌي ادب جي پيغام کي عام ڪندي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن، نثر نويسن کي ذڪر ھيٺ آندو ويو آھي، جيڪو پڻ ناول لاءِ ھڪ نواڻ آھي. ھن ۾ نه صرف انھن تي ڳالھايو ويو آھي، پر پيغام لطيف کي عام ڪندي شاھ صاحب جي پيغام کي زبردست اڳيان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، ھن ۾ لطيف جي سورمين کي سھڻي انداز سان پيش ڪيو ويو آھي.

ٻي ڳالھه ته ناولن ۾ جتي شاگرد سياست کي منفي انداز ۾ ڏيکاريو ويندو آھي، اتي عدنان جي خوبي اھا به آھي ته ھن ناول اندر شاگرد سياست تي ڀرپور انداز سان لکيو آھي. ھن شاگرد سياست کي شاگردن لاءِ اھم ڄاڻايو آھي. ھن ناول اندر شاگردن لاءِ تمام سٺو پيغام ڏنو آھي. انھن جي جدوجھد کي پڻ ڀرپور ساراهيو آھي. نه صرف شاگرد سياست پر سنڌ سان ٿيندڙ ٻين ويساهه گهاتين بابت پڻ پنھنجو موقف پيش ڪيو آھي. خاص ڪري ڊيم واري معاملي تي پڻ ڀرپور لکيو آھي. ھن سنڌوءَ جي ڪيس کي زبردست پيش ڪيو آھي. اھا ئي سنڌو جنھن سنڌوءَ تي آزاد ۽ روشني محبت جا وچن ڪيا. گڏ جيئڻ مرڻ جا واعدا وفا ڪيا. ڀلا ان سنڌوءَ تي ٿيندڙ حملن تي ڪيئن خاموش ويھندو.

عدنان سومرو جي ناول جي سڀ کان اھم ڳالھ اھا آھي ته ھن سرداري نظام، قبائلي نظام کي پڻ ننديو آھي. ڪشمور ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي سميت پوري اتر سنڌ ۾ معمولي ڳالهين تي ٿيندڙ قبائلي جھيڙن کي ناول جو حصو بڻائي سرداري نظام کي رد ڪندي ھڪ امن پسند سنڌ جي تصوير پيش ڪئي آھي.

”عشق روشني آ“ ناول جي ڪلائيمڪس تي ٻه چار ڳالھيون رکڻ جي ڪوشش ڪندس.

ھن ناول ۾ ڪا به تڪڙ ناھي ڪئي وئي. ھر ڪردار کي وقت حساب سان اڳيان وڌايو ويو آھي. جڏھن آزاد کي روشني وھم جي ڪري ڇڏي ٿي ته اتي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ھاڻ آزاد خودڪشي ڪندو…؟ يا ناول پڄاڻي طرف ويندو…! پر اچانڪ ناول ۾ ڦيرو اچي وڃي ٿو…!

وري ٻئي طرف ماروي جيڪا آزاد لاءِ پيار دل ۾ سانڍيندي اچي پئي، جڏھن پھريون ڀيرو آزاد سندس پيار ٺڪرائي ٿو ته ايئن لڳي ٿو ھاڻ ماروي ھن وٽ ڪڏھن نه ايندي…! ھن کان سندس سڀ پلاند ڪندي، پر ايئن به نٿو ٿئي.

اڃا ناول ۾ اھم موڙ تڏھن اچي ٿو جڏھن روشني آزاد سان بيوفائي بعد به ڄامشورو ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. آزاد ھن کي خط ڏئي ٿو..! اھو خط غير اھم ان ڪري به لڳي ٿو ته روشني آزاد کي ڇڏي چڪي ھوندي آھي، پر آزاد روشني کي وري آخري خط لکي ٿو. روشني يار محمد سان شادي ڪرڻ بعد به آزاد جي ھنج ۾ ساھ پرواز ڪري ٿي. اھي سڀ واقعا ناول جو اصل روح آھن.

ناول بابت مان سمجھان ٿو جيڪي به اھم ڳالھيون مونکي نظر آيون آهن، اھي سڀ مون پيش ڪيون آھن عدنان جو رومانٽڪ ناول انڪري به سٺو لڳو جو ھن ۾ عاشق معشوق کي ھروڀرو خوار خراب رسوا ڪرڻ کان بچايو ويو آھي. مونکي ان ڪري ناول تمام گھڻو پسند آيو. ھر پڙھندڙ جي پنھنجي پرکڻ جي اک آھي. اميد ته اوھان کي ھي ناول گھڻو پسند ايندو. اسان جي ساٿي دوست! عدنان سومرو جي ناول ۾ پھرئين ڪوشش آھي جنھن ۾ ھو گھڻي قدر ڪامياب ويو آھي. کيس پھرين ناول جون کوڙ ساريون مبارڪون ھجن.

***