پي ٽي آءِ اڄ راولپنڊي ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندي
پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اڄ راولپنڊي ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. انتظاميا جي هدايتن تي پي ٽي آءِ جلسي جي جاءِ تبديل ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هاڻي اسٽيج 6 روڊ فلائي اوور تي ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته چاندني چوڪ تائين پنڊال قائم ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا پاڪستان تحريڪ انصاف کي 26 نقطن تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن موجب پي ٽي آءِ کي اڌ رات کان اڳ جلسي جو ھنڌ خالي ڪرڻو پوندو. چيو ويو آهي ته بلٽ پروف روسٽرم کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عمران خان بلٽ پروف جيڪٽ به لازمي استعمال ڪري.