طارق اشرف ۽ سهڻي رسالو
گذريل صدي جي 70 واري ڏهاڪي جي پڇاڙي وارن سالن ۾ جڏهن آئون زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ زرعي انجنيئرنگ جي مضمون ۾ پنهنجي گريجوئيشن جي حاصلات لاءِ تعليمي سرگرمين ۾ مصروف هئس. تڏهن گڏوگڏ منهنجي ادب سان لڳاءُ مون کي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ مصروف رکيو. سهڻي رسالو انهيءَ زماني ۾ منهنجي نظر ۾ سنڌي ڪهاڻي جي تخليق لاءِ هڪ تحريڪ جيان هو ۽ ساڳئي زماني ۾ “سهڻي” رسالي ۾ امرجليل، نسيم کرل، آغا سليم، موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي ۽ ٻيا ڪهاڻيڪار ڪهاڻيون لکي رهيا هئا. تڏهن ساڳئي زماني ۾ خبر ناهي ته اهو تخليقي اسپارڪ مون ۾ الائي ڪٿان ظاهر ٿيو ۽ مون “ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار” ڪهاڻي لکي جيڪا سهڻي ۾ ڇپي ۽ مون کي ننڍي عمر ۾ هڪ ڪهاڻيڪار طور مڃوتي ملي ۽ ٿوري گهڻي شهرت به. سهڻي ۾ ڪنهن به ليکڪ جي شاعري ۽ ڪهاڻي ڇپجڻ پنهنجي ليکي هڪ وڏي ڳالهه هئي ۽ اها هڪ طرح سان انهيءَ ليکڪ لاءِ سند هئي ته هو اهڙو ڪجهه لکي رهيو آهي، جيڪو سهڻي ۾ ڇپجي رهيو آهي. اهو منهنجو نصيب هو جو آئون سهڻيءَ ۾ ڇپيس ليکڪ ۽ شاعر نصير مرزا چواڻي ته: غلام نبي تو تڏهن پنهنجي عمر کان وڏي ڪهاڻي لکي هئي. آئون اهو مڃان ٿو نصير مرزا جي ڳالهه سئو سيڪڙو صحيح آهي. تخليق ۽ تخيل جو اهو جادو آهي، جنهن مون کان ڪهاڻيون لکايون آهن. آئون اڄ به انهيءَ جادو کي بيان ڪري نه ٿو سگهان. جڏهن ته عمرِ عزيز جو هڪ وڏو پنڌ ڪري آيو آهيان. منهنجي خوش نصيبي آهي جو منهنجي اها ڪهاڻي سهڻي ۾ ڇپي.
طارق اشرف پاڻ به هڪ وڏو ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. سندس ڪهاڻيون ته وسارڻ جهڙيون ئي ڪونه آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو سونهه پٿر ۽ پيار آهي ۽ ٻيا مجموعا هيٺين ريت آهن.
’زندگيءَ جو تنها مسافر‘ 1978ع ۾ ۽ ٽيون ڪهاڻي ڪتاب ’درد جا ڏينهن، درد جون راتيون‘ 1982ع ۾ ڇپيو.
سندس ڪهاڻين جي ڪُليات ’بند اکين ۾ ڪجهه سپنا، ڪجهه يادون‘ ۾ سندس لکيل سڀني ڪهاڻين کي سهيڙيو ويو آهي.
پاڻ رسالو سهڻي نون سالن تائين جاري رکيائين ۽ انهيءَ ۾ سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ هو جيل جي حوالي ڪيو ويو. پهرين گرفتاري ۽ ان جي جيل جو عرصو 22 مهينا هو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ ڪتاب لکيائين “22 مهينا جيل ۾” ان کانپوءِ هو جيل ويندو رهيو ۽ سندس جيل جي صعوبتن ۽ اتي گهاريل وقت جي احوال متعلق ڪتاب هي آهن:
جيل گهاريم جن سان
اڌ ملاقات
ميرو ڌاڙيل
هٿين هٿ ڪڙول
طارق اشرف هڪ تخليقي ليکڪ ۽ هڪ قابل ايڊيٽر هو، سندس ڪهاڻيون ۽ جيل جي يادگيرين تي مشتمل سندس نثر ۽ سندس ادارت ۾ شايع ٿيل رسالو سهڻي ان جو مثال آهن.
محترم طارق اشرف جي سلسلي ۾ ٻه يادگيريون، ٻه ملاقاتون جيڪي منهنجو نصيب آهن. هڪ ملاقات خواجه پاڙو ٽنڊو محمد خان ۾ ٻي ملاقات پئلس هوٽل حيدرآباد ۾.
مون ننڍي عمر ۾ کين خواجه پاڙو ٽنڊو محمد خان ۾ ڏٺو، اها عمر جنهن ۾ آئون هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس، انهيءَ ڏينهن هو منهنجي ڀاءُ پير بخش “پياسي ” ۽ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ مترجم زيب ڀٽي جو مهمان هو ۽ ٽنڊي محمد خان جو اهو ڏينهن ۽ رات منهنجي زندگي جو سرمايو آهي، جو ننڍي ڀاءُ جي حيثيت ۾ طارق اشرف صاحب جي خدمت منهنجي ذمي آئي، مون پئي کاڌي پيتي جون شيون آنديون، هنن پئي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪيون. مون کي چٽو ياد آهي ته مون جيئن ئي ان ٽپهريءَ جو کيس زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو ته سندس شخصيت ۽ لباس شاندار هو، کيس ڪئمل ڪلر جي لارينس پور وولن مِل جي ٺهيل ڪپڙي مان سبيل شرٽ ۽ پئنٽ پاتل هئي. جيئن اڳتي هلي اسان سڀني پڙهيو آهي ۽ مون طارق اشرف صاحب پڙهيو به آهي ته سامهون کان ڏٺو به آهي ته هو انتهائي نفيس ماڻهو هو، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي، انهي ڏينهن جڏهن مون کيس پهريون دفعو ڏٺو سندس ڪپڙن جي چونڊ ۽ انهن جو رنگ ۽ انهيءَ جو سيبو مون کان وسري نه وسريا آهن.
ٻي ملاقات ساڻن سندن ئي نياپي تي حيدرآباد جي پئلس هوٽل تي ٿي. پاڻ سندس گهر جي ئي پاڙي ۾ پئلس هوٽل ۾ انهيءَ ڪري رهيل هو ته جيئن اڪيلائيءَ ۾ پنهنجو ڪتاب ”هٿين هٿ ڪڙول“ جلد ئي لکي وٺي، جو گهر تي ۽ پريس تي ماڻهو ملڻ آيا ٿي، وقت بچائڻ لاءِ پاڻ هوٽل ۾ ڪمرو وٺي رهيل هو ته جيئن تڪڙو ڪتاب مڪمل ڪري وٺي.
مون پئلس هوٽل ۾ سندن ڪمري کي ناڪ ڪيو.
اندران جواب آيو ”اچو“
آئون ڪمري ۾ داخل ٿيس. اها ملاقات سبب هئي منهنجي ڪهاڻي “ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار” جي ڪري، جيڪا سهڻيءَ ۾ ڇپجڻ لاءِ زير غور هئي. پاڻ مون کان پڇيائين ته موسيقي ۾ ڇا پسند آهي؟ اوڏي مهل سندس سامهون پيل ميز تي رکيل ٽيپ رڪارڊر تي پاڪيزه فلم جو گانو “موسم هي عاشقانه” هلڪي آواز ۾ وڄي رهيو هو. آئون هڪ غير معمولي ڪهاڻيڪار ۽ هڪڙي غير معمولي رسالي سهڻي جي ايڊيٽر جي انهيءَ بظاهر سادي ۽ انتهائي گهري سوال تي حيران ٿي ويس، جو “ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار” ۾ موسيقي جو ذڪر به آهي. ايلوس پرسلي جو نغمو “راڪ ارائونڊ تي ڪلاڪ” ۽ محمد رفيع جي گاني جي هڪ سِٽ “هم بيخودي ۾ تجهه ڪو پڪاري چلي گئي” انهيءَ ڪهاڻيءَ جو حصو هئا. پوءِ اسان موسيقي تي ۽ ڪهاڻي جي فن تي ڳالهايو. منهنجي ڀاءَ سان سندس تعلق پنهنجي جاءِ تي، پر طارق اشرف جو سهڻي جي معيار تي سمجهوتي جو ته سوال ئي نه ٿي پئدا ٿيو. آئون ان زماني ۾ پنهنجي گريجوئيشن جا 2 سال مڪمل ڪري چڪو هئس ۽ گريجوئيشن جي تڪميل لاءِ 2 سال اڃا گهربل هئا. هاڻي انهيءَ زماني ۾ ڪهاڻي ”ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار“ تخليق ٿي. اهو چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ جوان سال عمر ۾ نصير مرزا چواڻي اها وڏي ڪهاڻي آهي، جيڪا مون تخليق ڪئي هئي ۽ پوءِ طارق اشرف صاحب انهيءَ کي سهڻي ۾ ڇپيو. پئلس هوٽل ۾ ٿيل اها ملاقات منهنجي يادگيري جي حساب سان منهنجو نصيب هئي، جو هڪ وڏي ايڊيٽر ۽ نثر نويس مون کي پنهنجي مصروف وقت مان ڪجهه گهڙيون ڏنيون. منهنجي مهمان نوازي ڪئي. آئون ان ملاقات کي ياد ڪريان ٿو ته مون کي ياد اچي ٿو ته واقعي هو پنهنجي شخصيت ۾ نفيس ۽ شائسته انسان هو.
سهڻي ۾ هميشه معياري ڪهاڻيون ڇپيون آهن ۽ ٻي اهم ڳالهه جنهن تي تمام گهٽ ڳالهه ٿي آهي ته هن ”سهڻي“ جي صورت ۾ نج ادبي رسالو شايع پئي ڪيو ۽ اهو رسالو پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول هو. تازو مون ڪهاڻيڪار، شاعر، آصف احمد جمالي صاحب جو هڪ ليک پڙهيو جو تلهار شهر متعلق هو. انهيءَ ۾ هڪ سِٽ اها به هئي ته تلهار شهر ۾ سهڻي جون 200 ڪاپيون وڪامنديون هيون. جنهن ڏينهن پرچو ايندو هو انهيءَ ڏينهن اهو وڪامجي ويندو هو. ٻئي ڏينهن سهڻي جو پرچو شهر ۾ وڪري لاءِ نه ملندو هو. ٽنڊو محمد خان جي ڳالهه آئون ڪريان ته اتي ڪنهن به سنڌي رسالي جي وڪري کان وڌيڪ سهڻي جو وڪرو هو. طارق اشرف سنڌي ادب جي ڦهلاءُ ۾ پڙهندڙ جي ذوق جي آبياري ائين ڪئي جو پڙهندڙ سهڻي جي نئين شماري جو انتظار ڪندا هئا. اها ادبي ۽ علمي سرگرمي سهڻي رسالي جي صورت ۾ نج ادبي مواد تي مشتمل ڪم ۽ انهيءَ جي هر شهر ۾ رڪارڊ وڪرو اهو ظاهر ڪري ٿو ته طارق اشرف پڙهندڙ کي نج تخليقي سنڌي ادب پڙهڻ ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اهڙو ڪم نه اڳ ٿيو هو ۽ نه سهڻي کانپوءِ ٿيو آهي. منهنجو مطلب آهي ته جيتوڻيڪ انهي زماني ۾ ٽماهي مهراڻ، ماهوار نئين زندگي، ماهوار سوجهرو ۽ ٻيا رسالا شايع ٿي رهيا هئا. ادب ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري رهيا هئا. پر سهڻي جو تخليقي ادب ۾ هڪ الڳ مقام هو جو انهيءَ ۾ ڇپجڻ هڪ طرح سان انهيءَ ليکڪ/تخليقڪار جي مقام کي ظاهر ڪندو هو. هتي اهو واضح ڪندا هلون ته هر ليکڪ ضروري نه هو ته سهڻي ۾ ڇپجي. سهڻي جو پنهنجو معيار هو ۽ پنهنجا ادبي ضابطا هئا. انهيءَ ڪري انهي ۾ سنڌيءَ جون نه وسرندڙ ڪهاڻيون ڇپيون آهن. انهيءَ ڪري پڙهندڙ به سهڻي جا عاشق هئا ۽ سهڻي جي نئين شماري جو انتظار ڪندا هئا جو انهن کي خبر هئي ته انهن جي ادبي اڃ ۽ انهن جو جيڪو پڙهڻ جو معيار آهي، انهيءَ جو حق صرف ”سهڻي“ رسالو ادا ڪري سگهي ٿو.
***