بلاگنئون

تذڪره نويسي جي اهميت ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جا تذڪرا

(حصو ٻيون)
ڊاڪٽر حامد علي خانائي مذڪوره ڪتاب ۾ تعليقات ۽ حاشين ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون نئين صورت ۾ پيش ڪيون آهن ۽ سيد همت علي شاھه سندس خاندان ۽ سندس ڪتابن جنهن ۾: ’تقرير ماتم جان گداز‘، ’تقرير ماتم چهلم‘، ’تقرير ماتم شهادت جناب شهزاده قاسم عليه السلام‘، ’تقرير شهادت جگر گوشئه رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم‘،’مظلوم ڪربلا‘، ’معجزو امام جعفر صادق عليه السلام کان ويندي ان جي ڪلام جي انتخاب ۾، مناجات، ٽيھ اکريون، لولي گهڙولي، بيت، ڪافيون ڏنيون ويون آهن. ڊاڪٽر حامد علي خانائي اٺن حوالن جي روشني ۾ صفحي نمبر 101 کان 128 تائين يعني ستاويهن صفحن ۾، سيد همت علي شاھ جي سوانح ۽ ڪلام جا ڪي مثال ڏئي تحقيق پيش ڪئي آهي. پروفيسر گل محمد گلاڻي صرف ٽن صفحن تي سيد همت علي شاھ جو ذڪر ڪلام سان گڏ آندو آهي. اهڙي طرح سيد لکڻ شاھ جو ذڪر ٻنهي تذڪره نگارن ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر حامد علي خانائي، سيد لکڻ شاھ جي تصوير سان گڏ سوانح ڪلام جو انتخاب ڏنو آهي جيڪو به هاڻ سيد لکڻ جو ذڪر ڪندو ته، پڙهندڙ کي ان جي شخصيت جو عڪس اڀري نروار ٿي اڳيان ايندو. پروفيسر گل محمد گلاڻي ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي هڪ ڳالهه تي متفق آهن، ته سيد لکڻ شاھ 9 رجب 1374ھ مطابق 15 مارچ 1955ع تي وفات ڪئي آهي، پر گلاڻي صاحب جنم جي تاريخ يا سندس والد جو نالو ڪونه ڏنو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر حامد علي خانائي سندس سوانح کان ويندي ڪلام تائين تفصيلي احوال ذڪر هيٺ آندو آهي، جنهن سان سندس سموري حياتيءَ جا لکڻ ۽ پڙهڻ وارا پهلو نڪري نروار ٿي بيهن ٿا. جڏهن اسان ٻنهي جي ڪم جي ڀيٽ ڪريون ٿا ته، گلاڻي مرحوم جي تذڪري ۾، جا ٻولي استعمال ڪئي وئي سا عام فهم ته آهي، پر تحقيقي ڪونهي، جڏهن ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تذڪرن جو اڀياس ڪجي ٿو ته، ان جو انداز ۽ بيان محققاڻو نظر اچي ٿو ۽ ڪيترين ڳالهين کي تحقيقي روشنيءَ ۾ چٽو ڪيو آهي. پروفيسر گلاڻي مرحوم، سيد لکڻ شاھ جي ڪلام جي انتخاب مان ٻه ڪافيون ڏنيون آهن ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي سندس ڪلام مان ڪي وڌيڪ وڌارا ڪري ان مان مثال پيش ڪيا آهن.
اهڙي طرح پروفيسر گلاڻي ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي روهڙيءَ جي سيد اميد علي شاھ جو تذڪرو بيان ڪيو آهي، جنهن مان اڻپوري معلومات حاصل ٿئي ٿي، جڏهن ته ڊاڪٽر حامد علي خانائي اُن بابت گهڻو اضافو ڪري معلومات پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ سيد اميد علي شاھ جي تصوير به ڏني وئي آهي، اُن سان گڏ سندس تصنيفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن ۾، 1. ڪافيون ڀاڱو چوڏهن، 2. دلپسند خط، (نظم ڀاڱو ٽيون): 3. مجموعه گلشن راڳ، 4. نجات الحڪايات، 5. نجات المومنين، 6. بياض سيد اميد علي شاھ کان ويندي ڪلام جي انتخاب ۾ ڪافين جي چونڊ ڪري ڏنيون ويون آهن. پروفيسر گلاڻي مرحوم، سيد اميد علي شاھ جي صرف هڪ ڪافي، ٻه بيت ۽ هڪ غزل جيڪو مرحوم مولوي عبدالغفور همايوني جي غزل ’تنهنجي صورت گل گلاب جي‘ جي تتبع تي آهي اهو ڏنو ويو آهي. اسان ٻنهي تذڪري نگارن جي ادبي ذوق کي ڏسون ٿا ته، ڊاڪٽر حامد علي خانائي سنڌي ادب سان اُن کان وڌيڪ چاھ رکندڙ تذڪره نگاري جي فن ۾ اونچو نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڊاڪٽر حامد علي خانائي جو اباڻو تعلق خانواهڻ ۽ نوابشاھ شهر سان هو، جيئن ته، پاڻ سنڌي ادب جي عشق ۾، هڙان وڙان خرچ ڪري روهڙي جا ڪيئي چڪر لڳائي مقامي ماڻهن سان ميل ملاقاتون ڪري، روهڙي جي تاريخ ۽ ادب بابت چار ڪتاب لکيا. پروفيسر گل محمد گلاڻي، گورنمينٽ عطا حسين شاھ ڊگري ڪاليج روهڙيءَ جو پرنسپال ٿي رهيو، اها هڪڙي الڳ ڳالهه آهي ته، هُو به اصل روهڙي جو نه هو، پر ٻنهي تذڪره نگارن جو ادبي ذوق سندن تذڪرن ۾ ظاهر نظر اچي ٿو، ان ڳالهه جو به اعتراف ڪبو ته ٻنهي ليکڪن سنڌي ادب جي خزاني ۾ اهم اضافو ڪيو آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي هڪ محقق ۽ نقاد هو، ان ڪري پرهندڙن کي هر هڪ ڳالهه حوالي سان ملي وڃي ٿي ۽ اُن ۾ تفصيل نظر اچي ٿو. ٻنهي محققن جي ڪتابن جي مهاڳن جو جائزو وٺون ته اُن ۾ ڪنهن قدر هڪڙي ادبي ۽ ٻي تحقيقي ٻولي نظر اچي ٿي.
پروفيسر گل محمد گلاڻي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”موجوده دور جي روهڙيءَ جي اديبن ۾، امرجليل، ترقي پسند اديبن ۾ پنهنجو مخصوص مقام رکي ٿو. نون لکندڙن ۾ غلام حسين، ’جاويد‘ بلوچ، شمس ’صابر‘ ۽ محب علي ’نوشاد‘ سٺو لکي رهيا آهن…. هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري روهڙيءَ جي قديم ۽ جديد شاعرن جي مختصر سوانح ۽ ڪلام جو نمونو ڏنو ويو آهي.“ (گلاڻي: 1978ع: ص، ص، 18، 19)
ڊاڪٽر حامد علي خانائي ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ جي مُهاڳ ۾ لکي ٿو، ته: ”اسان هر لحاظ کان اها ڪوشش ڪئي آهي، ته مير سيد يعقوب علي خان رضويءَ جو سمورو احوال ڏنو وڃي. ليڪن اهو به ٿي سگهي ٿو ته، اڃا به ڪي اهڙا قلمي نسخا هجن، جن تائين اسان جي رسائي نه ٿي سگهي آهي ۽ انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مير صاحب جو احوال ڏنو ويو هجي.“ (قريشي: 1998ع: ص، 10)
هونئن به ادبي تاريخن جو اصول آهي ته ان ۾ هر هڪ اديب يا ڏاهي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، جيڪو جنهن موضوع يا مسئلي کان متاثر ٿيو ته ان تي قلم کنيو ويو آهي، ان ۾ ڪيترن ئي مذهبي شخصيتن، پيشور ماڻهن، استادن، اديبن، اولياءِ ڪرام، صوفين، ڀڳتن، اوتارن ۽ دين ڌرم جي رهنمائن جي حالتن جي زندگيءَ ۾ ڪشش رهي آهي، ته انهن جي ذڪر ڪرڻ وقت سوانح عمري توڙي اجتماعي سوانح عمريون تذڪرا يا سوانح خاڪا، سوانح مضمون، آتم ڪٿائون، يادداشتون، روزناما، ڊائريون، رپورٽون، قلمبند ڪيون، انهن تحريرن ۾ مختلف شخصيتن جي ظاهري توڙي باطني پهلوئن جو ذڪر ڪيو. انهن مذڪوره صنفن جو پنهنجي انداز سان جائزو به ورتو. اسان سنڌي ادب جي تاريخ تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته، اسان کي اهڙا عظيم ۽ امر ڪردار نظر ايندا، جن کي اسان جي ڏاهن انهن جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي ڪمن کان واقف ڪرايو آهي. انهن جي عظمت کي ڏسي انسان جي ڪيل پورهئي ۽ نيڪ عمل تي پڪو ويساھ بحال ٿئي ٿو. ڊاڪٽر خانائي جن مهان انسانن جون سوانح عمريون، خاڪا، تذڪرا لکيا آهن. اهي اسان کي درخشان ستارن وانگر چمڪندي نظر اچن ٿا. انهن عالمن هر فن ۽ ادب ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو علم ۽ ادب سان وابستگي جوڙي تحقيق ۽ تنقيد جي ميدان ۾ هڪ محقق ۽ نقاد جي حيثيت سان وڏو علمي ۽ ادبي ڪم ڪري، پاڻ موکيو آهي. انهيءَ تحقيقي ڪم جي اڀياس مان سنڌي ادب کي وڌيڪ شاهوڪار بڻائي سگهجي ٿو.
تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي
ڊاڪٽر خانائي جي تصنيفات ۾ هي ڪتاب تحقيقي لحاظ کان وڏي اهميت وارو ڪتاب آهي، جو روهڙي جي رضوي سادات خاندان جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ مشاهيرن جي مفصل ذڪر تي مشتمل آهي، جو ٻن سالن جي عرصي ۾ مصنف لکي 26 مارچ 1993ع تي مڪمل ڪيو. مختلف ڏسڻين سميت هي ڪتاب ٻه سَوءُ ستيتاليهن صفحن تي پکڙيل آهي. ارڙهن اڪابرن جي تذڪري کي هڪ سئو ٽيهتر صفحن ۾ آندو ويو آهي ۽ باقي صفحن ۾ تعليقات، شجرا، ضميما، تصويرون، ببليوگرافي ۽ ڏسڻيون، شايع ٿيل آهن. تصنيف ٿيڻ کانپوءِ پنجين سال 1998ع ۾ هي ڪتاب ساهتي ادبي اڪيڊمي نوابشاهه ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڪتاب جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته منجهس روهڙي شهر جي ڪوٽائي ساداتن جو احوال ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ روهڙي جي سادات گهراڻي جي، علمي، ادبي، مذهبي، سياسي ۽ سماجي خدمتن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب کي چئن بابن ۾ ورهايو ويو آهي.
1. نواب سيد يعقوب خان رضوي
2. سيد مير صادق علي خان رضوي
3. سيد مير يعقوب علي خان (ثاني) عرف مير جعفر
4. ڪوٽائي سادات، اديب، شاعر، مشاهير
ڪتاب جي آخر ۾ تعليقات، ضميما، اهم ماخذن جو تعارف، ڪتابن جي ببليو گرافي ۽ ماڻهن، قومن، قبيلن، جاگرافيءَ ماڳن ۽ مڪانن جون مڪمل ڏسڻيون ۽ تصويرن جي فهرست ڏني وئي آهي. جيئن ته روهڙيءَ جو شهر سنڌ جي قديم تواريخي، علمي ادبي مرڪزن مان هڪ آهي. هن شهر جي خاندانن مان رضوي سادات خاندان سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، تنهنڪري ”هن ڪتاب ۾ روهڙي شهر جي ڪوٽائي سيدن جو ذڪر، پهريون ڀيرو مربوط صورت ۾ ڪيو ويو آهي. هنن سيدن جو وڏو، ’نواب مير سيد يعقوب علي خان‘ ٻڌايو ويو آهي، جيڪو مغل بادشاهن، شاهجهان ۽ اورنگزيب جي دور جي اهم شخصيت ٿي گذريو آهي. هو مغلن جي پاران سيوهڻ جو فوجدار ۽ بکر پرڳڻي جو نواب ٿي رهيو. هن جي ڏاهپ، سياڻپ، دانائيءَ ۽ سياسي دورانديشيءَ ۽ سياڻپ تي ڊاڪٽر خانائي، ڪوٽائي سيدن جي خاندان وٽ رکيل قلمي نسخن، توڙي شايع ٿيل ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن مان هٿ ڪيل مواد جي مدد سان هيءُ ڪتاب جوڙي راس ڪيو آهي. خانائي اهڙي بنيادي شخصيتن جي ذڪر کانپوءِ، انهيءَ خاندان جي ٻين شخصيتن، اديبن ۽ شاعرن، سيد مير صادق علي رضوي، سيد يعقوب علي خان (ثاني)، سيد مدد علي شاهه، همت علي شاهه، فيض محمد شاهه ’جعفري‘، اميد علي شاهه، حيدر علي شاهه، (ثاني)، پنجل شاهه، علي گل شاهه، لکڻ شاهه، تاج محمد شاهه، شاهنواز شاهه، زوار حسين شاهه، عنايت علي شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه، خادم علي شاهه ۽ مدد علي شاهه جو ذڪر پڻ ڏنو آهي. هنن مان گهڻن جو ذڪر، پهريون ڀيرو اهل علم جي آڏو آيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي ۽ سماجي تواريخ ۾ هڪ سهڻو واڌارو هئڻ سان گڏ، معلومات جو ذخيرو پڻ آهي.”(عبدالقيوم ’صائب‘ 2011ع: ص، ص، 217، 218)“ خانائي صاحب جو ترتيب ’تذڪره ڪوٽائي سادات‘ جديد تحقيقي اصولن موجب تيار ڪيل آهي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته ان ۾ تعليقات ضميما ببليو گرافي، ڏسڻي ۽ مختلف تصويرون پڻ ڏنل آهن. ضميمن جي ذريعي ڪوٽائي سيدن جي خاندان جي شجري، سيد حاصل شاهه جي مقبري، سرائي جي سيدن جي قبرستان، سلطان شاهه جي مقبري سان گڏ، هندستان جي ورهاڱي وقت ملڪ ۾ جيڪا هندو، مسلم ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي، ان بابت روهڙيءَ جي رهاڪن ڪهڙي روش اختيار ڪئي، تنهن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ڪارڊ ڪور سان ورايل آهي، جنهن تي ’ون ٽو ون‘ رنگ ۾ نهايت خوبصورت جا ميٽريڪل ڊزائين ڏنل آهي، جنهن ڪتاب کي وڌيڪ جاذب بڻايو آهي. هيءُ ڪتاب، ساهتي ادبي اڪيڊمي نوابشاهه سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.“ (عبدالقيوم ’صائب‘: 2011ع: ص، 223)
مذڪوره ڪتاب جي ترتيب دوران فاضل محقق جي آڏو اهڙا ناياب تواريخي ماخذ رهيا آهن، جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به محقق جي استعمال هيٺ ڪم نه آيا آهن، جهڙوڪ: ’تذڪره مير يعقوب علي خان‘، ’شجرا سادات رضوي نقوي بکري‘، ’تاريخ نوابين بکر‘، ’مجموعه رقعات‘، ’تاريخ بڪار جاگير‘ وغيره اهي سڀ ڪتاب قلمي صورت ۾ آهن ۽ سواءِ ’تاريخ بڪار جاگير‘ جي (جيڪو سنڌي ۾ آهي) ٻيا سڀ فارسي ۾ آهن. اهي سڀ ناياب قلمي شهپارا فاضل مؤلف کي روهڙيءَ جي فاضل نوجوان، انجنيئر عبدالحسين موسويءَ جي توسط سان هن خاندان جي علم پرور نوجوانن سيد جميل حسين شاهه ’منتظر‘ رضوي ۽ سيد ڪوثر عباس رضويءَ پنهنجي خاندان جي علمي ادبي ذخيري مان هٿ ڪري ڏنا، اهڙو ذڪر فاضل مؤلف پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي.“ (ڏهر: 2011ع: ص، 226)
”هن ڪتاب ۾ انهيءَ سادات خاندان سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي مشاهيرن ۽ انهن جي مقبرن، مزارن ۽ انهن تي لڳل ڪتبن جون تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون آهن. ڪتاب جي آخر ۾ صفحي 202 کان 223 تائين هن خاندان جا تحقيقي شجرا ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي پنجين ۽ ڇهين ضميمي ۾ ورهاڱي کان اڳ، هندو مسلم ڇڪتاڻ متعلق ٻه ناياب پمفليٽ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ان وقت روهڙي شهر ۾ رهندڙ ڪن معزز هندو صاحبن طرفان ڇپايا ويا هئا. انهن ۾ ٻين سان گڏ، مذڪوره سادات خاندان جي انهن معزز فردن جا ٿورا مڃيا ويا آهن، جن انهن فسادن کي روڪيو ۽ شهر ۾ رهندڙ هندن کي تحفظ فراهم ڪيو.“ ڏهر: 2011ع: ص، 227)
”هيءُ ڪتاب سال 1998 ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ مغل دور جي هڪ وڏي امير، بکر ۽ سيوهڻ جي گورنر، نواب سيد يعقوب علي خان رضويءَ ۽ سندس خاندان جي بزرگن، اميرن، عالمن ۽ شاعرن جو تفصيل سان تذڪرو بيان ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب 25 ڪتبن ۽ تواريخي تصويرن سان سينگاريل آهي.“ (قادري: 2011ع: ص، ص، 74)
هي ڪتاب 227 صفحن تي مشتمل آهي. مصنف هن ڪتاب جي اهميت کي آڏو رکي، جهڙي طرح ڪتاب کي علمي ڳالهين سان سرشار ڪيو آهي، اهي ڳالهيون علمي دنيا وارن لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهن ٿيون.
تذڪره پوراني سادات سکر
هي تاريخي ڪتاب سکر هسٽاريڪل سوسائٽي سکر طرفان سال 2001ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ پوراني سادات جن کي ’ميرڪي ۽ موسوي سادات‘ به سڏيو وڃي ٿو، انهن جي اميرن ۽ بزرگن جي سنڌ ۾ آمد جون تواريخي ۽ سياسي حالتون ۽ موجوده دور تائين ان خاندان جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون علمي خدمتون بيان ڪيل آهن. ڊاڪٽر خانائي پهريون محقق آهي، جنهن هن پوراني خاندان بابت ٽڙيل پکڙيل احوال کي ڪٺو ڪري، هڪ مڪمل ڪتاب ۾ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ان دور جي تاريخي ۽ سياسي پس منظر کي پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب کي سکر هسٽاريڪل سوسائٽي پاران 2001ع تي مئي مهيني ۾ ڪرايل سيمينار جي موقعي تي هڪ اهم دستاويز ڄاڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو.
’پوراني سادات‘ هرات جهڙي مردم خيز شهر جي هڪ ديھ ’پوران‘ مان لڏي پلاڻي ڪابل ۽ قنڌار مان ٿيندا سنڌ جي مکيه شهرن، سکر، بکر، ۽ ٺٽي ۾ هميشه لاءِ سڪونت اختيار ڪري رهي پيا. هي سادات سنڌ جي تاريخ ۾ ’ميرڪي سادات‘ جي نالي سان به ياد ڪيا ويا ۽ هاڻوڪي دور ۾ ’موسوي سادات‘ جي عرفيت سان معروف آهن، جيڪي سنڌ جي علمي ادبي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. تاريخي لحاظ کان ’پوراني سادات‘ جو جاگرافيائي سفر ٻي صدي هجري ۾ مديني کان شروع ٿيو ۽ شيراز، ڪربلا، نيشاپور، پوران، قنڌار، ڪابل کان، آخر اچي سنڌ ۾ پورو ٿيو.“ (قريشي: 2001ع: ص، 11)
ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب جو هي ڪتاب 320 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب محنت ۽ مشقت سان لکيو ويو آهي.’تذڪره پوراني سادات سکر‘ لکڻ لاءِ خانائي صاحب تمام گهڻا ماخذ هٿ ڪيا، انهن جو وچور هن ريت آهي: (الف) قلمي نسخا اَٺَ عدد سنڌي ڪتاب پنجويهه عدد، اردو ڪتاب ڇٽيهه عدد، فارسي ڪتاب تيرهن عدد، انگريزي ڪتاب نَوَ عدد، جملي ايڪانوي عدد. اَٺَ قلمي نسخا هتي ڄاڻائجن ٿا ته جيئن محققن جي معلومات ۾ اضافو ٿئي.
1 _انصاري الله جوڙيو ’تاريخ موسوي عرف شاهنامو‘ (سنڌي) 2_ سيد عبدالحسين موسوي ’ديوان بيدل‘ (سنڌي) 3_ سيد غلام حيدر شاهه ’اکئين وسيو مون‘ 4_ غلام حيدر شاهه موسوي ’شجره سادات موسوي‘ (سنڌي) 5_ محمد حسن شاهه ميرڪ ’گلزار نما‘ (سنڌي 6_ مرتضيٰ ميرڪ ’شجره سادات پوراني‘ (فارسي) 7_ نورالدين محمد پوراني ’ميلاد رسول‘ (فارسي) 8_ قاضي بيگ محمد ’نوابين سکر‘.
جس آهي ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي صاحب کي جنهن سکر جي پوراني ساداتن کي تذڪره پوراني سادات سکر جي نالي سان 320 صفحن جو هڪ ضخيم ڪتاب لکي وڏي ضرورت پوري ڪئي آهي. منجهس خاندان جي شخصيتن جو تذڪرو موجود آهي. ان کان علاوه 35 صفحن تي شجرا پيش ڪيا ويا آهن. پوراني سادات مان اڪيچار عالم، خوش نويس ۽ خطاط هئا، جن کي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل رهي آهي. ڊاڪٽر خانائي انهن آثارن جو به ذڪر ڪيو آهي جي هن خاندان ٺٽي ۽ سکر ۾ ڇڏيا آهن. انهن ۾ هن خاندان جي قبرستان جي به ڄاڻ ملي ٿي.“ (نقش 2011ع ص 232، تذڪره پوراني سادات سکر“ نقش ناياب منگي: ڪتاب: ساهتي پرڳڻي جو وهائو تارو: ساهتي اڪيڊمي نوابشاهه 2011ع.
تذڪره شعراءِ روهڙي (قلمي سنڌي)
ڊاڪٽر حامد علي خانائي 1955ع کان وٺي زندگي جي آخري گهڙين (2010ع) تائين قلم سان نينهن نڀائيندو آيو. مذڪوره ڪتاب به قلمي صورت ۾ بشير احمد هيسباڻي جي لائبريري ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي، محترم بشير احمد صاحب کي پنهنجي جيئري ئي جانشين بنائي ويو هو. ’تذڪره شعراءِ روهڙي‘ مشهور فارسي ۽ سنڌي شاعرن جو تذڪرو آهي. سنڌي ادب ۾ سنڌ جي شاعرن جا ڪيترا تذڪره شايع ٿيل آهن. هر هڪ تذڪري جي پنهنجي پنهنجي اهميت ۽ حيثيت آهي. پروفيسر لطف الله بدوي جو ’تذڪره لطفي‘ ٽن جلدن ۾ ’تذڪره شعراءَ سنڌ‘، ’ٻيلاين جا ٻول‘، ’تذڪره شعراءِ هالا‘، ’ياد رفتگان‘، ’مقالات الشعراءِ‘، ’تڪلمه مقالات شعراء‘، ’تذڪره شعراءِ لاڙ‘، ’تذڪره شعراءِ ٽکڙ‘، ’شهداد ڪوٽ جا قلمڪار شاعر‘، ’تذڪره شعراءِ سڪرنڊ‘، ’مٺڙا مارو‘، ’وڻجارن جون وايون‘ انهن سمورن تذڪرن ۾ ’تذڪره شعراءِ روهڙي‘ جي به تحقيقي اهميت آهي. هن تذڪره ۾ قديم توڙي جديد دور جي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي روهڙي شهر توڙي ان جي پسگردائي ۾ اچي وڃن ٿا. انهن شاعرن ۾ فقط سنڌي زبان جا شاعر نه، پر عربي فارسي ۽ سرائيڪي ٻولين جا شاعر ۽ ڪلام جي شاعريءَ جا نمونا ۽ مثال ڏنا ويا آهن ۽ هر هڪ شاعر جي مختصر سوانح حيات، ۽ انهن جي ڪلام تي تبصرو ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ٽيٽيهن شاعرن جو ذڪر موجود آهي.“(هيسباڻي بشير: 2011ع: ص، 134)
ڊاڪٽر خانائي صاحب لکي ٿو، ته: ”سال 1978ع ۾ پروفيسر گل محمد گلاڻي جو هڪ ننڍڙو ڪتاب ’تذڪره شعراءِ روهڙي‘ جي نالي سان همدرد پريس، سکر سنڌ مان شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ روهڙيءَ جي شاعرن جي سوانح ۽ مختصر ڪلام جو نمونو ڏنو ويو آهي. هن کان پوءِ (33) غير مسلم شاعرن جو ڪلام ۽ سوانح جو احوال ڪٺو ڪيو، جنهن ۾ هي شاعر آهن. (1) لاله پيرومل (2) لاله شيوارام (3) لاله خيارام (4) ٽيڪچند مولچند لاله داس (5) جمعت راءِ (6) ديپ سنگھ (7) لکيمچند نارائڻ داس ڀاٽيه (8) تيرسداس پمناڻي (9) نانڪ مدڻاڻي (10) سترام داس ڪيولرام ڀڳواڻائي (11) ٽمل ايسرداس ڪيسواڻي ’سروپ‘ (12) گرداس لعل گهنشام ڀاٽيه (13) ڪندن لعل ’ناچيز‘ (14) ڄيٺانند موهن/ سندس پتا (15) منشي چيلارام (16) گدومل کٽڻ مَل هرجاڻي (17) ديوان نرملداس (18) سانول داس پٽ هاسانند (19) ڊاڪٽر هيرانند (20) راءِ بهادر چنديرام (21) سيٺ سڳنيچند (22) ساسارام سندرداس پمناڻي (23) ڊاڪٽر روچلداس (24) چندا سنگھ مفتون (25) ڀائي پارو شاهه (26) وسڻ (گهوٽ) رام (27) ڀائي ايسرلعل (28) سرڌن (29) بابا نيپراج (30) اُتم تلريجا (31) گوپ پريتمداس روپچنداڻي (32) جاڙو ڀڳت ۽ سندس پٽ پرسرام (33) جاڙو ڀڳترام جيڪو ڊاڪٽر خانائي جي والد صاحب جو گهرو دوست به هو جو پنهنجي دوست جون لکيل ڪافيون به ڳائيندو هو.
بهرحال مجموعي طور تي جيڪڏهن تذڪري جي مفهوم ۽ مقصد کي مدنظر رکي انهن جو مطالعو ڪجي ٿو ته، اُن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته، تذڪرن ۾ اڪثر اوائلي زماني جي بزرگن عالمن، فاضلن، مؤرخن، اديبن، شاعرن ۽ هرهڪ شعبي جي نمايان ترين هستين جون خدمتون بيان ڪيون ويون آهن جيئن انهن جي ياد کي باقي زنده رکيو وڃي، انهن بزرگن جي خدمتن مان قوم فائدو حاصل ڪري ۽ پنهنجي زماني کي سمجهي ان جي چونڊ ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي. اڀياس مان هي ڳالهه به آڏو آئي آهي ته، اڪثر عالمن جي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن ۾ جا ڳالهه نظر اچي ٿي تن جو چوڻ آهي ته، بنيادي طور تذڪري کي تاريخ جي شاخ چئي سگهجي ٿو. هن وقت تائين تذڪره نويسيءَ جي ميدان ۾ ڪيترائي ڪتاب سامهون اچي چڪا آهن. هر انسان فطري طور تمنائي هوندو آهي ته ان کان پوءِ اُن جي ياد کي باقي زنده رکيو وڃي، اُن جي خدمتن کي ساراهيو وڃي، لهذا هن جي علمي، ادبي، ڪم کي ڪنهن قدر تذڪره نويسي جي ذريعي سندس تمنا کي حقيقت جو لباس عطا ڪندي آهي، باشعور ۽ بابصيرت قلمڪار پنهنجي عهد جي عظيم ماڻهن جو احوال قلمبند ڪري هي خدمت سرانجام ڏيندا آهن.
حوالا
گلاڻي پروفيسر گل محمد _ تذڪره شعراء روهڙي _ ڇاپو پهريون: جولاءِ، 1978ع، مطبوعه: همدرد پريس، سکر.
قريشي خانائي حامد علي ڊاڪٽر _ تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي _ ڇاپو پهريون: 1998ع، مطبوعه: ساهتي ادبي اڪيڊمي، نواب شاھ، سنڌ.
عبدالقيوم ’صائب‘ _ ”تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي“ (تبصرو)، ڪتاب: ساهتي پرڳڻي جو وِهائُو تارو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سوانح حيات، علمي ۽ ادبي خدمتون _ مرتب: هيسباڻي، بشير احمد، ڇاپو پهريون: 2011ع، ساهتي ادبي اڪيڊمي، نواب شاھ، سنڌ.
ڏهر، پنهل _ ”تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي تبصرو“،ڪتاب: ساهتي پرڳڻي جو وِهائُو تارو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سوانح حيات، علمي ۽ ادبي خدمتون _ مرتب: هيسباڻي، بشير احمد، ڇاپو پهريون: 2011ع، ساهتي ادبي اڪيڊمي، نواب شاھ، سنڌ.
قادري، عبدالرسول ڊاڪٽر _ ”ساهتي پرڳڻي جو وِهائُو تارو: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي“، ڪتاب: ساهتي پرڳڻي جو وِهائُو تارو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سوانح حيات، علمي ۽ ادبي خدمتون _ مرتب: هيسباڻي، بشير احمد، ڇاپو پهريون: 2011ع، ساهتي ادبي اڪيڊمي، نواب شاھ، سنڌ
قريشي خانائي حامد علي ڊاڪٽر _ تذڪره پوراني سادات سکر_ ڇاپو پهريون: 2001ع، مطبوعه: سکر هسٽاريڪل سوسائٽي سکر.
***