خاص

عمران خان طرفان پهريون ڀيرو حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ

اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پهريون ڀيرو حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ ڪئي آهي. عمران خان چيو ته حڪومت کي موقعو ٿا ڏيون، اسان سان ويهي ڳالهيون ڪيو ۽ اليڪشن جي تاريخ ڏيو. پنجاب جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اليڪشن جي تاريخ نه ملي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين.