سنڌ کي عمران خان مان ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي: مراد علي شاھ

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته عمران خان پنهنجي دور ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، سنڌ کي عمران خان مان ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سنڌ جي ثقافت بابت تقريب دوران ڳالھائيندي چيو ته شڪر آهي ته عمران خان جو ڏمر وارو دور گذري ويو، سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن مان 80 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو چوڻ ھو ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏيو اٿئون، پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ ناهي جو ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ورتل چندا ۽ امداد کائي وڃي، ثقافتي سرگرمين ذريعي معاشري ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments