بلاگنئون

عاشقن لاءِ جنتون قرار ڏنل 25 آزاد ۽ خوشحال ملڪ، جن ۾ فوج ڪونهي

فوج بنا ڪنهن ملڪ جي وجود کي برقرار رکڻ جو عام طور تي تصور به نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ ته فوج ئي آھي جيڪا ملڪ جي اندروني ۽ بيروني خطرن کي منھن ڏيئي ملڪ بچايو ويٺي آھي. آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، روس، چائنا، انڊيا، سميت ڪوبه ملڪ فوجي طاقت کانسواءِ قائم نٿو رھي سگھي. انھن ملڪن جي فوجي بجيٽن ۾ ھر سال اضافا اچن ٿا، انڊيا فوجي بجيٽ ۾ اضافو ڪري ٿو ته ان جو ٽينشن پاڪستان ۾ محسوس ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ باوجود دنيا ۾ 25 کن اهڙا به ملڪ آهن جن ۾ فوج جو وجود ۽ تصور به نه آهي. اهي سڀئي ملڪ جن ۾ فوج ۽ دفاع جو ڪوبه خرچ نٿو ٿئي، خوشحال ملڪن جي فهرست ۾ شمار ٿين ٿا، انهن بنا فوج وارن 25 ملڪن جو انڪشاف سڀ کان پهرين سعودي عرب جي هڪ روزاني اخبار ڪيو. اهي ملڪ آمريڪا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ يورپ جي وڏن ملڪن جي آسپاس ۾ آهن.

انهن ملڪن ۾ انڊورا (Andorra)، بارباڊوس (Barbados)، ڪوسٽاريڪا (Costa Rica)، ڊومينڪن جمھويه(Dominican) ، گريناڊا(Grenda)  هيٽي آئس لينڊ، ڪيربتي، ليڪٽس سيٽن، مارشل جزائر، ماريش، مائيڪرونيشيا، موناڪو، پيلاو، پانامه، طوالو، سان مارينو، ساموآ، سولمن جزائر، سينٽ ونسنٽ، گريناڊينز، سينٽ ڪٽس ونيوس، سينٽ لوشيا، ناوُرو، ويٽي ڪن ۽ وناوُٽو شامل آهن. اهي سمورا ملڪ آزاد خود مختيار آهن، پر ايراضي آبادي ۽ وسيلن جي حوالي سان نهايت ننڍڙا ملڪ هوندي به فوج ۽ دفاع جي ساز و سامان کانسواءِ به پنهنجو وجود برقرار رکيو اچن. نه رڳو ايترو، پر اهي ملڪ پنهنجن محدود وسيلن مان ڏينهن به ڏينهن ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌندڙ به آهن. انهن ننڍڙن ملڪن مان ڪجھ ملڪن اهڙا اعزاز به ماڻيا آهن جن کان دنيا جون وڏيون قومون ۽ وڏا ملڪ به محروم رهندا آيا آهن.

انهن ملڪن ۾ ڪوسٽاريڪا، آمريڪا جو ملڪ آهي جيڪو 1825ع ۾ اسپين کان آزاد ٿيو، ان ملڪ اندر 1945ع تائين گهرو ويڙھ رهي جنهن سبب آمريتن، ڊڪٽيٽرن ۽ سياسي عدم توازن وارين سنگين حالتن مان گذرڻ باوجود هن ملڪ مان 1946ع ۾ فوج کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو جنهن سان ملڪ خوشحالي ۽ آسودگي طرف وڌڻ لڳو آهي، هن ملڪ ۾ سمورن ماڻهن لاءِ تعليم مفت ۽ لازمي ڪئي وئي آهي .

ليڪٽس سٽين يورپ ۾ آسٽريا ۽ سوئٽزرلينڊ جي وچ ۾ ننڍڙي بادشاهت وارو ننڍڙو ملڪ آهي. هي 1866ع ۾ آزاد ٿيو ۽ ٻن سالن جي ننڍڙي عرصي کانپوءِ يعني 1868ع ۾ هن ملڪ مان فوج کي ختم ڪيو ويو، هي دنيا ۾ فوج ختم ڪندڙ ملڪن ۾ پهريون ملڪ هو. 1978ع ۾ هن ملڪ ۾ يورپ جو گهٽ ۾ گهٽ عمر وارو وزيراعظم برنهارٽ چونڊيو ويو، هن ملڪ ۾ ماڻهن جو معيار زندگي يورپ جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ بهتر آهي ۽ ملڪ ۾ هڪڙو به غريب ماڻهو موجود نه آهي. فوج کانسواءِ وارن ملڪن ۾ آئس لينڊ دنيا جو پهريون ملڪ آهي، جتي يورپ جي پهرين پارليامينٽ 1930ع ۾ جڙي هئي. هتي 1980ع ۾ دنيا جي پهرين عورت مسزوگرس فن بوگادوٽر صدر چونڊي وئي جيڪا لڳاتار چار ڀيرا صدر چونڊبي رهي.

انڊورا ملڪ فرانس ۽ اسپين جي وچ ۾ واقعي آهي، جنهن جي ڪل آبادي 67 هزار جي لڳ ڀڳ آهي، پر ان ملڪ ۾ هر سال هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو سياحت جي لاءِ اچن ٿا ۽ انتهائي پر سڪون ۽ امن امان واري هن ملڪ جو سڀ کان وڏو معاشي ذريعو سياحت آهي، سياحت جي حوالي سان گهڻو مشهور ٻيو ملڪ مارشل جزائر به آهي، جيڪو 1991ع ۾ آمريڪا کان ٽٽي آزاد ٿيو هن ۾ 24 هوائي اڏا آهن، جيڪي ان ملڪ جي سياحت لاءِ استعمال ٿين ٿا. آمريڪا هن ملڪ ۾ به جوهري ڌماڪو ڪيو هو، جنهن تي جوهري آلودگي گدلاڻ ڦهلائڻ جو الزام هڻي هن ملڪ آمريڪا کان 183 ملين ڊالر ڀرائي ورتا هئا. اهڙي طرح سپر پاور آمريڪا کان ڏنڊ وصول ڪندڙ هي پهريون ملڪ آهي. ناورو 1993ع ۾ ماحولياتي گدلاڻ ڦھلائڻ جو الزام هڻي آسٽريا کان 73 ملين ڊالر جي رقم ڀرائي ورتي. هي دنيا جو سڀ کان ننڍو هوندي به فاسفيٽ ڀاڻ ٺاهڻ ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ان هڪڙي صنعت ئي هن ملڪ کي جياري ڇڏيو آهي. هيٽي ڪريبٽين ويسٽ انڊيز جي پراڻي جمهوريت وارو ملڪ آهي. هتي پهرين پارليامينٽ 1804ع ۾ قائم ٿي ۽ اڄ به ڪاميابي سان هلي رهي آهي. ڊومينڪن جيڪو هيٽي ملڪ جو پاڙيسري آهي 1844ع ۾ آزاد ٿيو، جتي اڄ تائين سئو کان وڌيڪ حڪمران جمهوري طريقي سان ڪامياب ٿي آيا ۽ جمهوري طريقي تحت اقتدار کان الڳ ٿيا، جيڪا نهايت گهڻو حيران ڪندڙ حقيقت آهي. بارباڊوس برطانيه کان آزادي ماڻيندڙ ملڪ آهي ۽ ويسٽ انڊيز جو هڪ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ آهي. هن ملڪ جا هڙئي وزيراعظم جمهوري انداز سان اقتدار ۾ آيا ۽ هرهڪ وزيراعظم 10، 10 سال اقتدار ماڻيو ۽ ڪنهن کي اقتدار تان زبردستي نه لاٿو ويو. ڪيربتي 33 جزيرن جو ننڍڙو مجموعو آهي، هي به برطانيه کان آزاد ٿيو. 1979ع ۾ آزادي ماڻيندڙ هن ملڪ ۾ به فوج ۽ هٿيار نه آهن. هن ملڪ جي ماڻهن 29 سالن جي نوجوان جرمياح تبائي نالي شخص کي صدر طور چونڊيو جيڪو دنيا جو ننڍي عمر وارو صدر مشهور آهي، سو 12 سالن تائين لڳاتار ملڪ جو صدر رهيو.

ماريش هندي سمنڊ جو هڪ ٻيٽ آهي، فوج کانسواءِ هلندڙ هن ملڪ جو باني ۽ پهريون وزيراعظم سرسيووساگردام 18 سالن تائين لڳاتار وزيراعظم چونڊبو رهيو، جنهن جو تعلق هندستان سان هو. ماريش 1968ع ۾ برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي. هن ملڪ کي اهو احساس حاصل آهي ته هي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ سياح حاصل ڪندڙ ۽ پوري دنيا جي ٽين وڏي ڪمپني جوڙيندڙ ملڪ آهي.

مائيڪرونيشيا 1991ع ۾ آزادي ماڻي هن ملڪ جي ماڻهن جي سڀ کان وڏي فضيلت اها آهي جو هن ملڪ ۾ اڄ تائين ڪنهن وڻ کي نه وڍيو ويو آهي. موناڪو يورپ ۾ آهي جيڪو دنيا جو ٻيو نمبر ننڍو ملڪ ڳڻجي ٿو هن ملڪ کي دولتمند عاشقن جي جنت جو لقب مليل آهي. هن ملڪ جي آبادي ايراضي جي نسبت سان وڏي آهي ان ڪري هن کي دنيا جو گهڻي گهاٽي آبادي وارو ملڪ به چيو وڃي ٿو، جنهن جي هڪ چورس ڪلو ميٽر ايراضي ۾ سراسري طور تي 5 هزار 321 ماڻهو رهن ٿا، انهيءَ جي باوجود موناڪو دنيا جي سياحن جي وسيلي هر سال ايتري دولت ڪمائي وٺي ٿو جيتري جاپان هر سال گاڏين جي وڪري مان حاصل ڪري سگهي ٿو.

پيلاوُ ملڪ 1994ع ۾ آزاد ٿيو، هي مختلف ٻيٽن تي مشتمل آهي، هي دنيا جو اڪيلو ملڪ آهي جتي جج تاحيات ڀرتي ڪيا ويندا آهن، هي ملڪ زراعت جي نعمت سان ايترو ته مالا مال آهي جو پوري آمريڪا کي ڀاڄيون مهيا ڪري ٿو.

پانامه 1903ع ۾ ڪولمبيا کان آزادي ورتي هي ملڪ به ڪوسٽاريڪا وانگر بغاوتن ۽ گهرو ويڙھ جو ڊگهي عرصي تائين شڪار رهيو، پر پوءِ 1994ع ۾ هن ملڪ جي پارليامينٽ ملڪ مان فوج کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن سان حالتن ۾ سڌارو اڻٽر ٿي ويو، پانامه ۾ 51 ميلن تائين ڊگهو واھ وهي ٿو جنهن جو نالو پانامه آهي، جنهن جي وسيلي سان هي ملڪ 9 ارب ڊالر تائين هر سال ڪمائي ٿو.

طوالو 1978 ۾ برطانيه کان آزاد ٿيو جنهن سياحت کي سڀ کان وڏي صنعت بڻائي فوج بنا پنهنجو وجود برقرار رکي خوشحالي حاصل ڪئي آهي، سان مارينو ۾ مڪمل جمهوريت آهي جيڪا صدين کان قائم دائم آهي، جيڪا ملڪ جي خوشحالي ۽ سڪون جو ذريعو رهي آهي.

ساموآ 1962ع ۾ آزادي ماڻيندڙ ملڪ آهي، جنهن جي 4 هزار ڪارڪنن لڳاتار 90 ڏينهن تائين هڙتال ڪري دنيا ۾ هڙتال جو رڪارڊ قائم ڪيو، هن ملڪ ۾ فوج کانسواءِ بادشاهي نظام آهي پوءِ به ملڪ خوشحال ۽ عوام خوش آهي.

سولومن 1978ع ۾ برطانيه کان آزاد ٿيو هن ملڪ ناريل جي پوکي سياحت ۽ مڇي جي پيڪنگ ۾ ڪمال حاصل ڪيو آهي ۽ قومي دولت ماڻهن تي خرچ ڪري ماڻهن کي خوشيون مهيا ڪيون آهن. هن ملڪ ۾ بين الاقومي يونيورسٽي به قائم آهي. فوج بنا قائم ملڪن ۾ سينٽ ڪٽس لوڻ کي روزگار جو وسيلو بڻايو آهي، سينٽ لوشيا بجلي جي پرزن جي مارڪيٽنگ هٿ ۾ کنئي آهي، هتان جي هڪ شاعر ڊيرڪ والڪوٽ 1992ع ۾ نوبل پرائيز به ماڻيو.

فوج ۽ جنگي ساز و سامان کانسواءِ قائم رهندڙ مٿين سڀني ملڪن جي خوشحالي ۽ ترقي، امن ۽ آسودگي، جو راز ئي اهو هڪڙو سامهون آيو آهي ته انهن ملڪن ۾ جنگي جنون واري ڪيفيت ڪونهي، نه ئي انهن جي قومي آمدني جو وڏو حصو فوج ۽ هٿيارن تي خرچ ٿئي ٿو. سموري آمدني ماڻهن جي ڀلائي تي خرچ ٿئي ٿي، نتيجي ۾ ماڻهو خوشحال ٿي ويا آهن. دنيا جي جن جن ملڪن ۾ وڏي تعداد ۾ فوج ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار آهن، اهي ڏينهن به ڏينهن هٿيارن جي ڊوڙ ۾ اڳيان وڌندي پنهنجي قومي آمدني جو تمام وڏو حصو فوجي خرچن ۾ وڃائڻ سان گڏوگڏ ڀر وارن ملڪن لاءِ خطرن جو باعث بڻجڻ جي نتيجي ۾ پنهنجو داخلي ۽ خارجي سک به وڃائي ويٺا آهن، پر انهن ملڪن جي ماڻهن جي تمام وڏي اڪثريت، غربت ۽ جهالت جي ٻن پڙن واري چڪي ۾ پيسبي رهي آهي. هنن مٿين 25 ملڪن ۾ فوج ناهي، انهن مان ڪنهن ڀر واري ملڪ يا دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ کي تر جيترو به خطرو محسوس نٿو ٿئي، ان ڪري به اهڙا ملڪ دنيا جي طاقتور ملڪن جي ڌيان جو مرڪز نه رهيا آهن، نه ئي اتي ڪا دهشتگردي آهي.

سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته دنيا جو لٺ سردار آمريڪا جنهن جي سڀ وڏي صنعت هٿيار آهي، اتي به ماڻهن جو چڱو خاصو تعداد بيروزگارن جي لسٽ ۾ شمار ٿئي ٿو. برطانيه ۾ 99 سيڪڙو خواندگي، سالياني قومي آمدني 1242 ٽرلين ڊالر، في ماڻهو جي سراسري آمدني 21200 ڊالر سالياني هجڻ جي باوجود اتي به 5.5 سيڪڙو بيروزگاري آهي، روس ۾ خواندگي جي شرح 98 سيڪڙو هجڻ باوجود اتي 9 سيڪڙو بيروزگاري آهي. هندوستان ۾ به بيروزگار ماڻهن جو وڏو تعداد آهي ۽ اتي مجموعي طور تي وڏي غربت آهي ۽ ڪروڙن جي وڏي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر آهن. پاڪستان ۾ بيروزگاري ۽ غربت جي حالت سڀني اڳيان آهي. اهڙيءَ طرح پاڻ کي سپر پاور جي ڊوڙ ۾ شامل ڪندڙ ملڪن ۾ بدحالي، بيروزگاري ۽ جهالت جي لعنت موجود رهڻ جو سبب ئي اهو آهي ته انهن ملڪن جي قومي دولت جو تمام وڏو حصو غير پيداواري خرچن ۾ هليو وڃي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ انهن ملڪن جو اڪثريتي عوام پيٽ تي پٿر ٻڌي، فاقا ڪشي ڪري، بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. اهڙا ايٽم بم ۽ خطرناڪ هٿيار، طاقتور فوج، جديد ميزائيل مارٽر گنون ۽ ٻيو تباهي جو سامان ڪهڙي ڪم جو جنهن جي خرچن جي گهڻائي جي مجموعي نتيجي سبب ملڪن جا ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو قابل علاج بيمارين ۾ ننڍي وهي دوُران موت جو کاڄ ٿي ويندا هجن، ڪروڙين ماڻهو مالي تنگي سبب پنهنجن ٻچن کي اعليٰ تعليم نه ڏياري سگهندا هجن، معاشي عدم آسودگي ۾ ذهني توازن وڃائي ويهندڙ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي يا ٻين کي قتل ڪري رهيا هجن. اهڙا ڪروڙين انساني جسم ڪهڙي ڪم جا جن مان هرهڪ جي دفاع تي لکين رپيا سراسري خرچ ٿيندو هجي، پر هو سڄي سال ۾ ڪنهن به ڏينهن تي پيٽ ڀري ماني نه کائي سگهندا هجن، سال ۾ هڪڙو وڳو يا پيرن ڍڪڻ لاءِ هڪڙو چپل به نه وٺي سگهندا هجن. سرحدن ۽ ماڻهن جي دفاع تي تمام وڏيون بجيٽون رکندڙ انهن سمورن ملڪن کي دنيا جي مٿي ذڪر ڪيل انهن ملڪن مان سبق سکڻ گهرجي جن فوج ۽ هٿيار نه هوندي به پنهنجو خود مختياري ۽ آزادي وارو وجود برقرار رکيو آهي ۽ ماڻهن کي بارود جي بوءِ کان بچائيندي خوشحالي ۽ امن واري زندگي عطا ڪئي آهي ۽ عاشقن لاءِ جنت هجڻ وارو اعزاز ماڻيو آهي.