ايڊيٽوريلنئون

خانگي شعبي کي گيس جي خريداري ۽ وڪري جي اجازت

            پيٽروليم ڊويزن گيس جي خريداري ۽ وڪري جي لاءِ خانگي شعبي کي پڻ شامل ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ نئين طريقيڪار جو تعين به ڪيو ويو آهي. انهيءَ فيصلي سان گيس جي خريداري ۽ وڪري ۾ سوئي گيس جي ڪمپنين جي اجاره داري ختم ٿي ويندي. ملڪ ۾ گيس جون مکيه تقسيم ڪار ڪمپنيون سوئي ناردرن گيس ڪمپني ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپنيون آهن. انهن ڪمپنين ملڪ ۾ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻايو آهي، پر سرڪاري ڪمپنين ۾ هميشه مسئلا پئي رهيا آهن. وڏي تعداد ۾ صارفين جي هجڻ جي ڪري وصولي جو نظام متاثر پئي رهيو آهي ۽ تقسيم ڪار ڪمپنيون گيس جي پيداوار ڪندڙ ڪمپنين کي بروقت ادائگي نه ڪري سگهيون آهن. انهيءَ ڪري اسانجي گردشي قرض جي وڌڻ جو هڪ سبب سرڪاري شعبي جي انتظام ۾ ڪمزوريون به رهيون آهن.

            انهيءَ ڪري سرڪار خاص طور تي پيٽروليم جي وزارت جو اهو فيصلو ته گيس جي پيداوار ۽ ترسيل جي نظام جو ڪجهه حصو خانگي شعبي کي ڏنو وڃي. اسان جو ملڪ زراعت کان وٺي معدنيات تائين خود ڪفيل آهي، پر انتظامي ڪمزوري جي ڪري گهربل نتيجا نه ملي سگهيا آهن. اسان جو ملڪ جيئن ته وسيلن ۾ شاهوڪار ملڪ آهي. ان جو ثبوت بلوچستان صوبي ۾ ڊيره بگٽي جي علائقي ۾ 1950 جي سال ۾ سوئي گئس جي دريافت ٿي هئي. دنيا جي گهڻن ملڪن کي اها نعمت تڏهن به نصيب ڪونه هئي ۽ هاڻي به نه آهي. گئس تي اسان جي گهرن جا رڌڻا ۽ گاڏين جي فيول کان وٺي ۽ ڪيميائي ڀاڻ جي تياري تائين اسان کي گيس جي ضرورت آهي. اسان وٽ ڇاڪاڻ جو وسيلا سرڪاري انتظام هيٺ رهيا آهن، انهيءَ ڪري انهن جا نتيجا گهڻا بهتر نه آهن. اسان وٽ گيس جا ذخيرا سڄي ملڪ ۾ آهن. سوئي گيس اُچ فيلڊ، قادرپور، ڪنڌڪوٽ گيس فيلڊ، چاچڙ گيس فيلڊ ۽ مزاري گيس فيلڊ ۽ ٻيون ڪمپنيون گيس جي دريافت جو عمل لاڳيتو جاري رکيو اچن. ملڪ ۾ گيس جي پيداوار، رسائي ۽ ورهاست جو نظام هميشه دٻاءُ ۾ رهيو آهي ۽ پيداواري گيس فيلڊز مان گهربل گيس جو نه ملڻ هميشه مسئلو پئي رهيو آهي. جنهن ڪري اسان جو ملڪ پرڏيهي ناڻو خرچ ڪري ايل اين جي خريد ڪندو رهيو آهي ته جيئن ملڪ جي گيس جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. ٻئي طرف گيس جون پيداواري ڪمپنيون ۽ ورهائيندڙ ڪمپنيون جيئن سوئي سدرن ڪمپني لميٽيڊ ۽ سوئي ناردرن ڪمپني لميٽيڊ وڏي پئماني تي نوجوانن کي روزگار ڏينديون رهنديون آهن. هيستائين اسان سرڪاري شعبي ۾ گيس جي خريداري ۽ ورهاست جو نظام هلائيندا رهيا آهن، پر موجوده وفاقي سرڪار جي پيٽروليم ڊويزن اهو غير معمولي فيصلو ڪيو آهي ته گيس جي پيداوار، خريداري ۽ ورهاست جي نظام ۾ خانگي شعبي کي شامل ڪيو وڃي. اهو فيصلو وقتائتو آهي ۽ اميد ڪجي ٿي ته خانگي شعبو سرڪاري انتظام کان بهتر نتيجا ڏيندو. انهيءَ فيصلي سان توانائي جي شعبي ۾ ترقي جا امڪان بهتر ٿيندا.

            اسين هتي واضح ڪندا هلون ته گيس جي پيداوار جي شعبي ۾ اسان وٽ غير ملڪي سرمائيڪاري موجود آهي ۽ بين الاقوامي ڪمپنيون گيس جي پيداوار جي عمل ۾ شامل آهن. گيس جي ورهاست جو نظام اسان وٽ سرڪاري شعبي ۾ بهتر نتيجا نه ڏئي رهيو آهي. انهيءَ ڪري هاڻي خانگي شعبي کي اجازت ڏني وئي آهي ته 100 ملين مڪعب فٽ گيس ڪمپنيون هڪ سال ۾ فروخت ڪري سگهن ٿيون. ان پاليسي جي تحت گيس جي تلاش ۽ پيداواري ڪمپنين جو سالانه بنيادن تي جائزو ورتو ويندو ته جيئن انهيءَ شعبي ۾ 5 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري جو رستو هموار ٿي سگهي. گيس جي شعبي ۾ نجي سرمائيڪار اچڻ سان هڪڙو مقابلي جو عمل شروع ٿيندو. جنهن جي ڪري اهو امڪان به آهي ته سرڪاري انتظام هيٺ هلندڙ ڪمپنيون به بهتر نتيجا ڏينديون. اها اهم ڳالهه آهي ته گيس جو شعبو اسان لاءِ اهم آهي جو اسان وٽ گيس جا ذخيرا موجود آهن. خانگي شعبي جي اچڻ جي ڪري گيس جي پيداوار ۽ ورهاست جو عمل بهتر ٿي سگهندو.