بصر جا اڻ ڳڻيا فائدا
بصر کائڻ سان صحت تي ڪيترائي فائدا پون ٿا، ماهرن بصر بابت سائنسي حوالي سان ڪيترائي فائدا بيان ڪيا آهن، جيڪي صحت لاءِ ڪارائتا آهن. طبي ماهرن موجب بصر ۾ 40 گرام ڪيلوريز، 89 سيڪڙو پاڻي، 1.1 گرام پروٽين، 9.3 گرام ڪاربو هائيڊريٽ، 4.2 گرام کنڊ، 1.7 گرام فائبر ۽ 0.1 گرام چرٻي ۽ فوليٽ (وٽامن بي 9) شامل آهن. ماهرن موجب بصر ۾ وٽامن بي 9 جي موجودگيءَ سبب اهو ڳورهارين عورتن لاءِ فائديمند آهي، جڏهن ته دل جي صحت لاءِ پڻ بهتر آهي. بلڊ پريشر گهٽائي ٿو، ماهرن موجب بصر بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ فائديمند آهي، جنهن کي سلاد جي طور تي معمول ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي، بصر بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، بصر ۾ فائبر ۽ پري بائيوٽڪ جي موجودگيءَ جي ڪري ڪوليسٽرول جي سطح به ڪنٽرول ۾ رکي ٿو. وارن کي صحت مند بڻائي ٿو، روزانو بصر جو استعمال وارن جي صحت کي بهتر بڻائي ٿو، ان جي رس ڪڍي وارن تي لڳائي وڃي ته اهو هڪ بهترين ٽانڪ ثابت ٿئي ٿو، جيڪو وارن جي پاڙن کي مضبوط ڪري ٿو ۽ وارن جي واڌ ويجهه کي تيز ڪري ٿو. گرميءَ کان بچائيندو آهي، بصر جو استعمال گرميءَ کي گهٽائڻ لاءِ به فائديمند آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ موجود ڪيميائي مرڪب ’ڪوئرسٽن‘ ٿڌ جو احساس ڏياريندو آهي ۽ گرميءَ کان بچڻ ممڪن بڻائيندو آهي، اونهاري ۾ بصر کي سلاد طور ڪچو کائي سگهجي ٿو. اينٽي بيڪٽيريل غذا جي ماهرن موجب فاسفورس، منرل ۽ وٽامنز سان مالا مال بصر ۾ وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ به وڏي مقدار ۾ موجود آهن، جن جو استعمال نه رڳو صحت پر چمڙي ۽ وارن تي به اثر وجهي ٿو، بصر جو استعمال ڪيترن ئي وائرل انفيڪشنن کان بچائيندو آهي.

