خاص

منهنجي سيني ۾ وڏا راز آهن، پرويز الاهي جي ڪاميابي يقيني بڻائيندس: عثمان بزدار

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته خواهشون ۽ خواب گهڻا هئا، پر اهي سڀ پورا نه ٿي سگهيا آهن. لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عثمان بوزدار چيو ته هو وزيراعليٰ هائوس مان ويندو ته ٻڌائيندو ته وزيراعليٰ هائوس ڪيئن آيو. سندس دل ۾ ڪيترائي راز آهن، جن کي راز ئي رهڻ گهرجي، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن، جيڪڏهن ڪتاب لکيائين ته رڪارڊ وڪرو ٿيندو. ڪوهه سليمان کان 7 ڪلب جي سفر تي ڪتاب لکڻ جو سوچي رهيو آهي. عثمان بوزدار چيو ته سندس خلاف ڪرپشن يا اسڪينڊل جو هڪ به ڪيس ناهي ٿيو، سندس دور ۾ سرڪاري خرچ تي ڪو وفد به ٻاهر نه ويو، وزيراعظم حڪم ڪري ته سياست به ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان، وزيراعظم، پرويز الاهي کي وڏو وزير نامزد ڪيو آهي، سندس ڪاميابي يقيني بڻائيندس، ڪو بوزدار گروپ ناهي، عمران خان جو سپاهي آهيان. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ استعيفيٰ جي آڇ ڪئي هئي، ڪجهه متبادل آپشن تي غور ڪيو ويو، مون چيو ته پارٽي ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکڻو پوندو