وزيراعظم شهباز شريف ايم 6 حيدرآباد سکر موٽروي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو
وزيراعظم شهباز شريف سکر پهچي ايم 6 حيدرآباد-سکر موٽروي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهتو ته وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، نون ليگ ۽ جي يو آءِ اڳواڻن سندس آجيان ڪئي. 306 ڪلوميٽرز تي ٻڌل ايم سڪس موٽر وي رٿا تي 3 کرب 7 ارب رُپيا خرچ ايندو، رٿا 33 مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي.