نوجوانن لاءِ بنا وياج، گهٽ مارڪ اپ تي وزيراعظم قرض اسڪيم بحال
حڪومت نوجوان ڪاروباري ماڻهن لاءِ وزيراعظم جي بنا وياج ۽ رعايتي قرض اسڪيم جي ٻيهر اجراءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان گذريل ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ان اسڪيم تحت ٽن مختلف سليب تحت 75 لک رپين تائين جو قرض رعايتي شرح وياج (ٻُڙي کان 7 سيڪڙو تائين) تي وڌ ۾ وڌ 9 سال جي مدي لاءِ ڏنا ويندا. نوٽيفڪيشن مطابق پاڪستان جا سمورا شهري هن اسڪيم مان فائدو کڻڻ جا اهل آهن، جيڪي قومي شناختي ڪارڊ رکن ٿا ۽ جن جي عمر 21 کان 45 سال جي وچ ۾ آهي. آءِ ٽي ۽ اي ڪامرس بابت ڪاروبار لاءِ عمر جي گهٽ ۾ گهٽ حد 18 سال هوندي جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گهربل تعليمي قابليت ميٽرڪ يا ان جي مساوي مقرر ڪئي وئي آهي.

