تاريخ جو سفر اڪثر ڪري رت جي لڪيرن سان طئي ٿيندو آهي. اڄ جڏهن اسان 21 هين صديءَ جي موڙ تي بيٺا آهيون ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر بارود جي ان ڍير تي اچي بيٺي آهي، جتي هڪ معمولي چڻنگ به پوري تهذيب کي خاڪ ڪري سگهي ٿي. هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي تباهيءَ کان وٺي اڄ جي جديد جوهري هٿيارن تائين، انسان رڳو تباهيءَ جا نوان نوان طريقا ڳولهيا آهن. اڄ جي دنيا، جيڪا بظاهر تهذيب ۽ ترقيءَ جي دعويدار آهي، حقيقت ۾ هڪ اهڙي بارود جي ڍير تي بيٺي آهي، جتي اولھه جي سرمائيدار عالمي طاقتن جي انا ۽ جوهري هٿيارن جي ڊوڙ سڄي عالمِ انسانيت کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي اها پراڻي ڇڪتاڻ، جيڪا آيت الله خامنائي جي 1979ع جي انقلاب کان شروع ٿي، اڄ پنهنجي خطرناڪ ترين موڙ تي آهي.NPT جهڙا عالمي معاهدا رڳو طاقتورن جي هٿن ۾ ٻارن جا رانديڪا بڻجي ويا آهن، جڏهن مدي خارج ۽ طاقت جي نشي ۾ ڌت ملڪ پنهنجي بقا جي نالي تي تباهي جا لامحدود هٿيار گڏ ڪن ٿا ته پوءِ ارسطوءَ جي اخلاقيات جا سڀ دليل ڪمزور ٿي وڃن ٿا، آبنائي هرمز صرف هڪ جاگرافيائي آبي لنگهه ناهي، پر عالمي معيشت جي شهه رڳ آهي. هرمز سامونڊي گذرگاهه تهذيبن ۽ طاقت جي سياست جو سنگم رهيو آهي. قديم دور ۾ جڏهن دنيا جا وڏا واپاري قافلا هندستان، ايران ۽ عرب جي وچ ۾ سفر ڪندا هئا، تڏهن به هي تنگ سامونڊي لنگهه عالمي واپار جي اهم دروازن ۾ شمار ٿيندو هو، هرمز جي بندش سڄي دنيا جي انرجي سپلائي چين کي متاثر ڪيو آهي، وڏين وڏين اولھه اوڀر جي معيشتن لاءِ ڪنهن زلزلي کان گهٽ ناھي، ان جو سڌو اثر پاڪستان جھڙي ترقي پذير ملڪ تي اثرانداز ٿيندو جتي مهانگائي جو هڪ نئون طوفان غريبن جو ساهه ڪڍندو. سوال اهو آهي ته ڇا اسان ورلڊ آرڊر جي خاتمي ۽ ملٽي پولر دنيا جي جنم جا شاهد بڻجي رهيا آهيون، ڇا آمريڪي سلطنت جو سج لھي رهيو آهي، چين روس جهڙا نوان معاشي فوجي طاقت جا مرڪز اڀري رهيا آهن، تهذيبن جي ٽڪراءُ وارو فڪر اڄ مذهبي ۽ ثقافتي مورچن تي وڌيڪ چٽو نظر اچي رهيو آهي، پر انهن مذهبي نظمن ۽ سياسي بيانن جي پويان اصل ويڙهه وسيلن تي قبضي ۽ جاگرافيائي سياست سان لاڳاپيل طاقت جي آهي.