بلاگ

تعليم جي سڌاري لاءِ ڪجهه تجويزون! يوسف جميل لغاري | # جنوري 2022

جڏهن ڪنهن به معاشري ۾ قائم ٿيل اصول يا ضابطه جن تحت اُهو معاشرو پنهنجي بقا کي يقيني بڻائيندو آهي، اُهي فرسوده بڻجي وڃن يا بڻجندي نظر اچن ته پوءِ اُتان جي هر پڙهيل لکيل توڙي باشعور فرد تي اها لازمي طور ذميواري عائد ٿئي ٿي ته ان معاشري ۾ واقع ٿيل انهن فرسوده ۽ غير معياري اصولن جي نشاندهي ڪري ۽ سندن ناڪاره بڻجڻ جا سبب ڳولهي. ان سان گڏوگڏ سندن ناڪاره بڻجڻ ڪري ان معاشري کي جيڪي نقصان لاحق ٿيڻ وارا هجن انهن کان به کين آگاهي فراهم ڪري. علم جو مقصد روشني حاصل ڪرڻ آهي روشني جي هوند سوند ۾ اگر ڪو فرد اونداهين جي گهيري ۾ خاموش سڪونت حاصل ڪري ويٺو هجي ته ان کي سندس ناداني جي انتها نه چئجي ته ڀلا ٻيو ڇا چئجي؟ اهڙي علم حاصل ڪرڻ جو مقصد ئي ڪهڙو جيڪو علم انسان کي پنهنجي بنيادي حقن جي خبر رکڻ کان محروم رکي يا انهن جي حاصلات لاءِ ڪا مناسب راھ فراهم نه ڪري سگهي. سالن جا سال هڪ ئي پارٽي جا سرگرم ڪارڪن رهي ڪري به جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جا ڪي هلڪا ڦلڪا مسئلا به حل نٿو ڪرائي سگهي ته کيس اهو چٽي نموني سمجهڻ گهرجي ته سندس اهميت هاڻ ڪابه نه رهي آهي. ان سان گڏوگڏ ان فرد کي پنهنجي اردگرد جي ماحول جو چڱي طرح جائزو وٺڻ گهرجي ۽ اهو ڏسڻ گهرجي ته انهن اسان کي اڄ تائين ڏنو ڇا آهي جن جي ڪري اليڪشنن ۾ ٽاڪ منجهند جو اسان پنهنجا ٻچا گرمين ۾ دربدر ڪري قطارن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪري کين ووٽ ڏيون ٿا، ان لاءِ وقت سر پنهنجون اکيون کيس کولڻ گهرجن، پنهنجي اولاد، پنهنجي خاندان، پنهنجي شهر ۽ پنهنجي قوم سان هاڻ کيس سچو ٿيڻ کپي، تاريخ هميشه انهن ئي ڪردارن کي ياد ڪندي آهي جيڪي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن ۽ پنهنجي وسئون ڪين گهٽائيندا آهن. دنيا هر روز ترقي جا ڏاڪا چڙهندي اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسان هر روز پستين ۾ ڪرندا ٿا وڃون. اسان لاءِ بدحالي بيروزگاري ۽ بدامني هر روز وڌنڌي ٿي وڃي، ترقي جون راهون اسان لاءِ تنگ ڪيون پيون وڃن. ڊگرين جا ڍير هوندي سوندي به اسان جا نوجوان بيروزگاري جي بلا کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسان وٽ علم، صحت توڙي تحفظ فراهم ڪندڙ ادرا عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندا ٿا وڃن، غريب جو ٻار اڄ به ڪاٺ جي پٽي ۽ سليٽ تي الف اک ۽ ب بلا پڙهي رهيو آهي ۽ کيس اهو ماحول به فراهم نٿو ڪيو وڃي جنهن ماحول ۾ هو الف واري اک جي ايناٽامي سمجهي سگهي ۽ ب بلا جي حرف کان مڪمل واقفيت حاصل ڪري سگهي. غريب جو ٻار اڄ به ڦاٽل ڪپڙن ساڻ پيرين اگهاڙي اسڪول وڃي ٿو، غريب کي اڄ به اسپتالن ۾ پاڻي جي سُئي هڻي شفا جي آسري تي خيراتي طور ڪي ٻه ٽي گوريون ڏئي ڪري ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي ڪندا آهن. بدقسمتي سان اسان ان معاشري جا فرد ٿي پيا آهيون جنهن معاشري ۾ تبصره ته گهڻا ئي ڪيا ويندا آهن، پر عملي قدم کڻڻ کان هرڪو ڪيٻائيندو آهي. هر ڪنهن جي اندر ۾ هڪ خوف ويٺل هوندو آهي جيڪو سندس صلاحيتن تي ايترو ته حاوي بڻيو ويٺو هوندو آهي جو کيس ڪڇڻ ۽ لُڇڻ کان روڪي رکندو آهي. علم ته دليري جو ثبوت هوندو آهي. علم جي هوندي سوندي اگر ڪو خوف ۾ مبتلا هجي ته پوءِ سندس علم کي ڪهڙو نانءُ ڏجي. اهڙي علم رکندڙ فرد کان اهو لا علم فرد بهتر ليکيو ويندو جيڪو علم جي روشني کان بي خبر هوندي اونداهي کان نڪرڻ جي مزاحمت ته ڪري ٿو، هر روز مختلف اخبارن ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ انيڪ ڪالم پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، جن ۾ تعليم جي ڪريل معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ انيڪ صلاحون ۽ تجويزون پيش ڪيون وڃن ٿيون، اڪثر ڪالمن ۾ تعليم جي تباھ ڪاري تي ڳالهايو ويندو آهي. حالانڪه اِهو اسان جو الميو بڻجي چڪو آهي جو اسان مسئلن جي حل بدران مسئلن تي ڳالهائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهيون، جنهن سبب اسان جو معاشرو ترقي کان ڪوهين ڏور آهي. جيتوڻيڪ مسئلن تي تبصري ڪرڻ جي بدران هر اهل علم انهن مسئلن جي حل تي غور فڪر ڪري انهن جي مناسب ۽ ترت حل لاءِ ڪي ڪارڳر تجويزون پيش ڪري ته يقينن اسان جي تعليم کاتي ۾ موجوده مسئلا ۽ مونجهارا جلد حل ٿي ويندا. بحثيت استاد جي مون وٽ به تعليم جي موجوده مسئلن جا ڪجھ مناسب حل ۽ تجويزون آهن، جيڪي آئون اوهان جي نظر ڪريان پيون. تعليم کاتي جي شعبي ۾ جيستائين نجي اسڪولن جي ڪاروبار تي بندش نه وڌي ويندي تيستائين اسان وٽ بنيادي تعليم جو معيار ڪونه سڌري سگهندو. نجي اسڪولن جي ڄار، سرڪاري اسڪولن جي معيار کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، ان جو سبب اِهو آهي ته سرڪاري اسڪول اعليٰ تعليمي معيارن کان وانجهيل هئا جنهن سبب سندس بجيٽ گهٽ هجڻ آهي ان جي برعڪس نجي اسڪولن ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿوري ٿڪي تعليمي معيار قائم ڪري ان کانپوءِ اُتي خرچ ڪيل رقم کي ڳرين فيسن جي عيوض شاگرد کان اُوڳاڙي ڪري هڪ قسم جو تعليمي دڪان کوليو ويندو آهي. ان لاءِ بهتر اِهو آهي ته اگر جي تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻو آهي ته پوءِ سڀ کان پهرين نجي اسڪولن تي بندش وڌي وڃي ۽ ان تعليمي دڪان جي دروازي کي بند ڪرڻو پوندو. ان کانپوءِ مستقبل جي بهتر اڏاوت ڪندڙ ۽ مستقبل جي معمار يعني ٻارن جي تربيت جو حق تربيت يافته استادن جي حوالي ڪيو وڃي. سياسي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل توڙي پراڻي زماني جي استادن کي گولڊ هينڊ شيڪ ڏئي کين جبري طور رٽائر ڪري انهن جي جڳھ تي نوجوان توڙي نئين دنيا جي تقاضائن کان واقف ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا جي ماهر نوجوانن کي استاد طور ڀرتي ڪري اسڪولن ۾ متعين ڪيو وڃي، کين جديد دنيا جي سهولتن يعني ڪمپيوٽر، موبائل ٽيبليٽ ۽ پروجيڪٽر مهيا ڪيا وڃن، جيئن اُهي جديد دور جي اوزارن سان شاگردن کي تعليم ڏيئي سگهن. باقي هن جديد دور ۾ اڄ سليٽ واري پڙهائي ڪو به انقلاب برپا نه ڪري سگهندي. ڇو ته جديد دنيا جا شاگرد اڄڪلھ ٽيبليٽ ۽ پروجيڪٽر وسيلي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪو پڻ سندس ڪاميابي جو هڪ اهم جز آهي. ان کان علاوه هر شهر، هر تعلقي توڙي ضلعي ۾ موجود غير ضروري ۽ بند پيل اسڪولن جي سروي ڪري کين باقاعده طور ختم ڪيو وڃي. ان وسيلي ان جي عيوض مفت ۾ بجيٽون هڙپ ڪرڻ کان بچي پونديون ۽ سندن ڀر وارن اسڪولن ۾ شاگردن جو تعداد به وڌندو ۽ تعليمي معيار وڌڻ سان گڏوگڏ تعليم به بهتر ٿيندي. حڪومت کي تعليمي نصاب جوڙڻ مهل ٻهراڙين جي حالاتن کي مدنظر رکندي وڌ ۾ وڌ جديد تعليمي نصاب جوڙڻ کپندو جيئن شهرن کان ڏور فرد به جديد دنيا جي ترقي جي حالن احوالن کان واقف رهن ۽ پنهنجي پاڻ کي جديد دنيا جي تقاضائن مطابق تيار ڪن. پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه اسان جو هي ڏتڙيل معاشرو ٿوري عرصي ۾ ترقي ڪري ٿو ۽ اسان جي قوم دنيا جي هر جديد قوم سان هڪ ٽيبل تي ويهي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي قابل بڻجي ٿي. اهڙي نموني قديمي ۽ فرسوده نصاب کي وقت بوقت خارج ڪندو رهجي ۽ جديد کان جديد تر نصاب کي پنهنجي تعليم جو حصو بڻائجي پوءِ ترقي اسان جي قوم جو نصيب بڻجي پوندي ۽ هر فرد خوشحال زندگي گذارڻ جي قابل بڻجي ويندو.

***