جمهوري حڪومت جون بنيادي ذميواريون
جڏهن به اسان ڪنهن شيءِ جي کوٽ محسوس ڪندا آهيون يا پنهنجي ماحول ۾ غلط عمل کي ڏسندا آهيون ته ان وقت لاشعوري طور اهو اظهار ڪندا آهيون ته حڪومت ڪجھ نه ٿي ڪري، حڪومت نااهل آهي، حڪومت جي عوام سان ذيادتي آهي ۽ حڪومت کي اهو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي، ۽ ٻين ساڳي معنيٰ وارن جملن جو اظهار ڪندا آهيون. هن ڳالھ جو تت اهو آهي ته ماڻهن جي ننڍي ۾ ننڍي کان وٺي وڏي ۾ وڏو مسئلو پيدا ٿئي ته انهن کي حڪومت ياد ايندي آهي. بيروزگاري، امن امان خراب ٿيڻ، صحت جون سهولتون نه هجڻ، تعليمي نظام جي خرابي، ٽرئفڪ نظام جي بدانتظامي، سياحت جون سهولتون نه هئڻ، گندي پاڻي جي غلط نڪاسي، ڳُتيل گهرن وارن علائقن ۾ سخت گرمي ۾ بجلي جي نه هجڻ ڪري اسان جو عوام حڪومت تي ڦٽ لعنت وجهي مطالبو ڪندو آهي ته اسان کي حڪومت هڪ سٺي زندگي مهيا ڪري. اهو اسان جو حق آهي.
اسان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي اها خبر نه آهي ته حڪومت ڇا آهي؟ ڪيئن وجود ۾ آئي؟ حڪومت جا ڪم ڪهڙا آهن؟ حڪومت جي ناڪامي جي صورت ۾ ان کي ڪيئن تبديل ڪجي؟ انهن سوالن جي جواب لاءِ پڙهندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ هي مضمون لکيو ويو آهي.
حڪومت جون بنيادي ذميواريون
وقت گذرڻ سان گڏ حڪومت جي ذميوارين ۾ اُوسر ٿيندي رهي آهي. پهرين حڪومت جون ٽيڪس اوڳاڙڻ، امن امان قائم ڪرڻ ۽ ٻاهرين خطري کان بچائڻ بنيادي ذميواريون هيون، پر آبادي وڌڻ عالمي، اقتصادي تبديلي، ٽيڪنالاجي ۽ سياسي نظام جي وجود ۾ اچڻ سان حڪومت جون ذميواريون وڌي ويو آهن. هونءَ ته سياسي سائنس مطابق جيڪڏهن سئي به ڪِري ٿي ته اهو حڪومت جي فرضن ۾ اچي وڃي ٿو، پر هتي حڪومت جي اهم ذميوارين تي بحث ڪيو ويو آهي.
- جمهوري نظام جي مضبوطي
- ٻاهرين سلامتي
- اندرين سلامتي
- قانون جي حڪمراني
- آبهوا جي تبديلي کان بچاءُ
- انساني حقن جو تحفظ
- سماجي خدمتن جي فراهمي
- معاشي ترقي
- سياحت کي هٿي وٺرائڻ
- ٻاهرين پاليسي ٺاهڻ
- بجيٽ ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ
- ٽيڪنالاجي جي ترقي
- موسمي تبديلي کان بچاءُ
حڪومت جا مٿيان ڪم ظاهر ڪن ٿا ته حڪومت ڪرڻ ايڏي آسان ناهي. ان لاءِ جمهوري پارٽين کي سياست جي تعليم ۽ تربيت وٺڻ جي ضرورت آهي. هتي واضح ڪجي ٿو ته وقت سان گڏ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ترقي، عالمي معاشي نظام جي پيچيدگي، آباديءَ جو وڌڻ، عالمي سلامتيءَ کي خطرو، واپار جي چٽاڀيٽي، عوام کي انصاف ڏيڻ ڏاڍا ڏکيا ڪم آهن. سياسي پارٽي عوام جا ووٽ وٺي پنج سال حڪمراني جو اختيار وٺي ٿي ته ان کي واپسي ۾ عوام جي اميدن مطابق مسئلا حل ڪرڻ، ماڻهن جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ، نوجوانن لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ، مڪمل طور امن امان قائم ڪرڻ، قدرتي آفتن کان بچائڻ ۽ انهن جي ڀلائي ۽ خوشيءَ جي لاءِ انفرااسٽرڪچر جهڙن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ.
خاص ڪري سنڌ جي سياسي پارٽين وٽ اها غلط فهمي آهي ته اسان ووٽ وٺي حڪومت ٺاهي پوءِ سرڪاري عملدارن سان گڏجي سنڌي عوام جي خدمت ڪنداسين. هي تصور بلڪل غلط ثابت ٿيو آهي. ياد رهي ته سرڪاري عملدار حڪومتي پاليسين تي عمل ڪندا آهن ۽ اصل چئلينج تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪهڙيون پاليسيون ٺاهڻ گهرجن. اهو سياسي پارٽين لاءِ هماليه جيڏو وڏو چئلينج آهي.
حڪومت ڪيئن وجود ۾ آئي
اٽڪل 10 هزار سالن کان اڳ جڏهن انسانن ننڍيون ننڍيون وستيون ٺاهڻ شروع ڪيون. اهي وستيون وڌي شهر ٿي ويا. انهن شهرن جي نظام کي هڪ بادشاھ طاقت ذريعي هلائڻ لڳو. انسان اڳتي اُوسر ڪندي ننڍڙي ملڪ کانپوءِ وڏي ايراضي تي قبضو ڪيو. ان ملڪ کي هلائڻ لاءِ حڪومت جي ضرورت پئي. ملڪ هلائڻ لاءِ هڪ نظام ٺاهيو ويو، جنهن کي حڪومت سڏيو ويندو آهي. هن اوسر جي سفر ۾ حڪومت جي نظام کي هلائڻ لاءِ شڪليون به تبديل ٿينديون رهيون. ايڪويهين صدي ۾ اڄ اسان وٽ 195 ملڪ آهن ۽ انهن کي هلائڻ لاءِ حڪومت موجود آهي.
اها حڪومت جمهوري اصولن جي پيداوار آهي يا غير جمهوري طاقت جي هيٺ ڪم ڪري ٿي. مثال طور؛ آمريڪا، فنلينڊ، فرانس ۽ جاپان وغيره ۾ جمهوري اصولن تحت حڪومت رائج آهي ۽ غير جمهوري ملڪن ۾ ڪٿي بادشاھ آهن، ڪٿي فوج قابض آهي ته ڪٿي آمراڻي حڪومت ڪم ڪري ٿي.آمريڪا جي “Freedom House” 2022 جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ ڪل ملڪ 195 آهن، جن مان 110 ملڪ مڪمل جمهوري آهن ۽ باقي 85 ملڪ غير جمهوري آهن. هتي اسان جمهوري ملڪن جي ذميوارين تي بحث ڪيو آهي.
جمهوري نظام جي مضبوطي
حڪومت جي آئيني ذميواري آهي ته ملڪ ۾ جمهوري نظام، جمهوري ڪلچر، قانون جي حڪمراني ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪري. جمهوري ملڪن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته انهن ۾ جيڪي به لڳاتار حڪومتون آيون، تن پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪري جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ ائين ئي جمهوري ادارا اُتي مضبوط ٿيا. اڄ اسان اهڙن ملڪن کي جمهوري ملڪ چئون ٿا. اهو ناروي هجي، يونان هجي، اسپين هجي يا بيلجيم هجي. اهڙي طرح هر جمهوري ملڪ ۾ جيڪي به سياسي جماعتون آهن انهن جي پهرين ذميواري اها آهي ته هو شفاف ۽ آزاد چونڊ جي ذريعي عوام کان اختيار وٺي جمهوريت تي عمل ڪن. صحيح جمهوريت ۾ هر شهري محفوظ هوندو آهي.
جمهوريت ۾ شهرين جي بنيادي حقن جي حفاظت ٿيندي آهي ۽ شهري پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذاريندا آهن. جمهوريت ۾ عدالت آزاد، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا آزاد هوندا آهن. عوام کي احتجاج جو حق هوندو آهي. ڪو به شهري حڪومت کان خوف محسوس نه ڪندو آهي. هر جمهوري حڪومت جي اولين ذميواري اها آهي ته هو پنهنجي شهرين کي سلامتي، آزادي، انصاف، خوشحالي ۽ خوشي مهيا ڪري. انهن آدرشن ۽ اصولن تي هلڻ کانسواءِ ڪنهن به حڪومت کي جمهوري حڪومت نه ٿو چئي سگهجي. اسان کي خبر آهي ته جمهوري ملڪ جي فلاسافي جان لاڪ جي سماجي معاهدي تي ٻڌل آهي جنهن مطابق عوام حڪومت سان معاهدو ڪري ٿو ته هو شهرين جي مرضيءَ سان اِقتدار ۾ اچي ۽ شهرين جي ضرورتن لاءِ ڪم ڪري.
پرڏيهي سلامتي
هر ملڪ جا پاڙيسري ملڪ به آهن ۽ هر ملڪ علاقائي نظام کان وٺي عالمي نظام تائين انهيءَ جو حصو آهي. جيڪو گڏيل قومن جي پڌرنامي تحت عالمي حڪمراني جو طريقيڪار آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته گهڻو ڪري ڪيترائي ملڪ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تڪرار ۾ رهن ٿا. ساڳي نموني اهي ملڪ پنهنجي بچاءَ لاءِ هر وقت جنگ جي تياريءَ ۾ هوندا آهن. هر حڪومت پنهنجي ملڪي بچاءُ لاءِ فوج رکڻ، هٿيار گڏ ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن سان تعلقاتن جي ذريعي پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪندي آهي. گهڻو ڪري سڀ ملڪ اقوامِ متحده جا ميمبر آهن ۽ اقوامِ متحده جي پڌرنامي تحت پنهنجي سلامتي برقرار رکن ٿا. جنهن کي اسان عالمي حڪمراني سڏيون ٿا.
پاڪستان هجي، ايران هجي، يا اسپين هجي اهي ملڪ گڏيل قومن جا ميمبر آهن انهن وٽ فوج آهي، جديد هٿيار آهن ۽ پنهنجي ٻاهرين سلامتي کي برقرار رکڻ ان جو حق آهي. ٻاهرين سلامتي برقرار رکڻ لاءِ وقت جي حڪومت سڀ وسيلا استعمال ڪري پنهنجي ملڪ جي سلامتي کي برقرار رکندي آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته وقت سان گڏ دنيا ۾ ملڪن جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هر ملڪ ان جي اثر هيٺ ايندو آهي. ان ڪري هر حڪومت پنهنجي سلامتي جي پاليسي جوڙيندي آهي ۽ ان تي عمل ڪندي رهندي آهي.
پرڏيهي پاليسي
جيئن ته هر ملڪ عالمي نظام جو حصو هوندو آهي ۽ هر ملڪ عالمي نظام، علائقائي ماحول، پاڙيسري ملڪن سان تعلقات ۽ عالمي اقتصادي نظام کي سامهون رکي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ٺاهيندو آهي ۽ اها پاليسي وقت سان گڏ تبديل ٿيندي رهندي آهي. بهترين پرڏيهي پاليسي اها آهي جو اها پنهجي ملڪ کي ٻين ملڪن جي دشمني ۽ مخالفت کان بچائيندي رهي ۽ ان سان گڏوگڏ عالمي سطح تي دوست ملڪن سان سهڪار ڪندي رهي. پرڏيهي پاليسي ۾ عالمي واپار اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
حڪومت ٻين ملڪن سان سهڪار ڪري ٻاهريون ناڻو ڪمائندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪ ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري وڌائي پنهجي ملڪ کي خوشحال ڪندي آهي. جمهوري ملڪ لاءِ اهو وڏي چئلينج آهي ته هو پاڻ کي امن پسند ملڪ طور مڃرائي ۽ اقوامِ متحدا جي پڌرنامي مطابق عالمي سرگرمين ۾ سٺو ڪردار ادا ڪري، جيئن ته ڪنهن به ملڪ وٽ سمورا وسيلا موجود نه هوندا آهن ان ڪري ان کي ٻاهرين ملڪن مان شين گهرائڻ جي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ٺهيل شيون ٻاهرين ملڪن ۾ کپائڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي. جنهن سان ان ملڪ جي ناڻي جو قدر مضبوط ٿئي ٿو.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هر ملڪ عالمي قانوني معاهدن جو حصو ٿي پنهنجي ملڪ لاءِ سهولتون پيدا ڪندو آهي. جيئن انٽرنيٽ، هوائي سفر، پاڻيءَ جو سفر، سياحت، ٽيڪنالاجي، دوائن جو واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي شعبن ۾ سهڪار شامل آهي. هڪ اندازي مطابق 600 کان وڌيڪ قانوني معاهدا مختلف ملڪن سان ڪيل آهن. وقت گذرڻ سان گڏ عالمي ۽ علائقائي حالتون تبديل ٿينديون رهن ٿيون. نوان تڪرار پيدا ٿين ٿا. انهن تڪرارن جي اثر کان ڪو به ملڪ بچي نه ٿو سگهي. تنهنڪري هر جمهوري حڪومت قومي سلامتي جي پاليسي ٺاهي پنهنجي ملڪ جي لاءِ پائيدار امن جو حصول يقيني بڻائيندي آهي. پرڏيهي پاليسي لاءِ تمام ضروري آهي ته مستقل طور عالمي نظام تي نظر رکي ان ۾ تبديليون آڻجن ته جيئن پنهنجي ملڪ کي نقصان نه پهچي.
اندروني سلامتي
پرڏيهي سلامتي سان گڏوگڏ اندروني سلامتي ملڪ لاءِ اهم هوندي آهي، مثال طور؛ خانه جنگي، دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ امن امان جي خراب صورتحال اندروني سلامتي کي نقصان رسائي ٿي. ساڳي وقت روزاني زندگي جي استعمال جي شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جي ڪري (کاڌو، بجلي، گئس، پاڻي، پئٽرول) اندروني سلامتي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. ان صورت ۾ حڪومت اندروني سلامتي کي يقيني بڻائي ٿي، انهيءَ لاءِ مستقل طور اندروني سلامتي کي نظر هيٺ رکي ٿي. اندروني سلامتي ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي وڳوڙن کان بچائجي، جيئن سيڙپڪاري کي خطرو نه ٿئي ۽ ملڪ معاشي طور ترقي ڪندو رهي.
جمهوري حڪومت جيئن پرڏيهي سلامتيءَ لاءِ حساس هوندي آهي تيئن اندروني سلامتيءَ لاءِ ان کي ايتري ئي ڳڻتي هوندي آهي. حڪومت اندروني سلامتيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن اُپاءَ وٺي ٿي ۽ گهربل وسيلن جو استعمال ڪري ماڻهن لاءِ سُک ۽ سلامتي واري زندگي مهيا ڪري ٿي. اندروني سلامتي لاءِ نه صرف پوليس ۽ ٻين سلامتي وارن ادارن کي مضبوط ڪري ٿي، پر ملڪ ۾ ضروري شين جي کوٽ کان بچائڻ لاءِ اُپاءَ به وٺي ٿي.
بجيٽ ٺاهڻ
حڪومت جي اهم ذميواري هوندي آهي ته سال جي بجيٽ ٺاهي ۽ ان تي صحيح عمل ڪرائي. بجيٽ ۾ ٽيڪس هڻڻ، نوان مالي وسيلا پيدا ڪرڻ، مجموعي طور ملڪي پيداوار وڌائڻ، اهم شعبن کي ترقي ڏيڻ ۽ سماجي ۽ معاشي ناهمواري کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ ايڪسپورٽ کي وڌائڻ آهي. بجيٽ ۾ ملڪي ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري کي وڌائڻ سان معاشي ترقي ۾ واڌارو ايندو آهي. ماڻهن جي في ڪس آمدني وڌندي آهي. مهانگائي تي ڪنٽرول ٿيندو آهي. عوام جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو آهي. اهم شعبن کي ترقي ڏياري ويندي آهي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته بجيٽ هڪ اڳڪٿي جو دستاويز آهي. ڇو جو ان سال ۾ ڪي ٻاهريون ۽ اندريون قدرتي آفتون به اچي سگهن ٿيون. عالمي سطح تي پئٽرول ۽ گئس جون قيمتون به وڌي سگهن ٿيون ۽ ملڪي حالتن جي ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري به گهٽجي سگهي ٿي. ان ڪري جمهوري حڪومت بهترين مالياتي ماهر گڏ ڪري ماڻهن جي ڀلائي لاءِ بهترين بجيٽ پيش ڪندي آهي.
معاشي ترقي
حڪومت هلائڻ هڪ پيچيده عمل آهي، ڇاڪاڻ ته هر سماج يا ملڪ وٽ وسيلا گهٽ آهن ۽ انهن جي شهرين جا مسئلا تمام گهڻا آهن. اڪثر ڪري اسان جا چڱا ڀلا پڙهيل ماڻهو ائين چوندا آهن ته اسان کي حڪومت ڏيو ته اسان بهشت ٺاهي ڇڏينداسين، پر ائين بلڪل ناهي، مثال طور سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙ آهي انهن جي پيئڻ جي پاڻي کان وٺي صحت، تعليم، روزگار، آمدني ۽ ٽرانسپورٽ جهڙا مسئلا ڪيئن حل ڪندوَ جڏهن توهان وٽ آمدني گهٽ هجي. جديد سماج ۾ هر شيءِ توهان کي پئسن تي ملي ٿي. ان ڪري سٺي حڪومت جي اولين ترجيح دولت جي پيداوار هوندي آهي.
ان سان گڏوگڏ وقت گذرڻ سان حالتون به تيزيءَ سان تبديل ٿينديون رهن ٿيون، مثلن ڪووِڊ-19 وبا اوچتو چين ۾ پيدا ٿي ۽ سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيائين ۽ هتي سنڌ ۾ نه صرف صحت جا مسئلا پيدا ٿيا، پر بيروزگاري ۽ غربت ۾ به واڌارو آيو. يوڪرينِ تي جڏهن روس حملو ڪيو ته تيل جي پهچ گهٽ جي وئي نتيجي ۾ تيل جون قيمتون وڌي ويون ۽ دنيا ۾ مهانگائي پڻ وڌي وئي. سٺيون حڪومتون هميشه اڻ ڏٺل واقعن ۽ ان جي خراب اثرن کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ بندوبست ڪنديون آهن.
توهان ڏٺو ته ڪووِڊ-19 ۾ يا يوڪرينِ جنگ جي خراب معاشي اثرن کان بچاءُ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سٺو بندوبست ڪيو.
حڪومت جي اڳواڻي لاءِ وڏي ۾ وڏو چئلينج اهو هوندو آهي ته هو سال ۾ دولت جي پيداوار کي ڪيئن وڌائي سگهن ٿا، ان پيداوار جو ماپو جي-ڊي-پي جي سالياني واڌ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي. جيتري اها واڌ وڌيڪ هوندي اوترو ئي ملڪ ان رفتار سان شاهوڪار ٿيندو ۽ پنهنجي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سيڙپڪاري ڪندو. ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي 2022-2023 جي پيداواري واڌ صرف 0.4 سيڪڙو اڳڪٿي ڪئي آهي. دولت جي پيداواري واڌ نوان روزگار جا موقعا پيدا ڪندي آهي ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ڪندي آهي ۽ حڪومت جي سالياني بجيٽ لاءِ وسيلن جو اضافو ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏ ترقياتي ڪمن لاءِ وڌيڪ سيڙپڪاري ٿيندي آهي. دولت جي پيداوار ۾ واڌارو هماليه جيڏو ڪم آهي جو عالمي منڊي ۾ ڳاٽي ٽوڙ چٽاڀيٽي هوندي آهي.
ان ڪري سٺي حڪومت پنهنجي سماج يا ملڪ ۾ معياري چٽاڀيٽيءَ کي هر سال وڌائيندي آهي. چٽاڀيٽيءَ جي ڪري امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ واڌارو ايندو آهي. ان جو سڪو مضبوط ٿيندو آهي. ملڪ کي ٻاهرين ادارن ۽ ملڪن کان قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوندي آهي. چٽاڀيٽي ڪمزور ٿيڻ سان ملڪ جي سالياني دولت جي پيداوار گهٽجي وڃي ٿي. امپورٽ وڌي وڃي ٿي، ايڪسپورٽ گهٽجي وڃي ٿي ۽ ان جو سڪو ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو. هتي اها حقيقت موجود آهي ته ڪو به ملڪ خلا ۾ نه هوندو آهي. ان کي عالمي واپار جو حصو ٿيڻو پوندو آهي ۽ عالمي واپار ۾ چٽاڀيٽيءَ کي ڪامياب ڪرائڻو هوندو آهي، توهان سنگاپور، جاپان، سائوٿ ڪوريا، هانگ ڪانگ، ويٽنام، چين ۽ ٻين ملڪن جي اقتصادي انگن اکرن جو اڀياس ڪندوَ ته هو عالمي واپار جو حصو ٿي پنهنجي ملڪ لاءِ وڌيڪ دولت حاصل ڪن ٿا.
حڪومت کي هر شعبي ۾ پئسن جي ضرورت هوندي آهي. ڀلي حڪومت جا اڳواڻ سنجيده ۽ سچا ڇو نه هجن، پر جيڪڏهن اهي دولت جي پيداوار کي نظرانداز ڪندا ته حڪومت ڪنهن به شعبي ۾ خدمت نه ٿي ڪري سگهي، مثال طور؛ جيڪڏهن تعليم جو شعبو هجي ته ان جي ترقي ۾ پئسي جي ضرورت پوندي آهي، ماڻهن کي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻيون آهن ته ان ۾ به پئسي جي ضرورت پوندي آهي.
جيڪڏهن روڊ ٺاهڻ، پلين جي تعمير ڪرڻ، روزگار ڏيڻ، ماڻهن کي کاڌو مهيا ڪرڻ يا قدرتي آفتن کان بچائڻ هجي اهو سڀ تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن ان ملڪ جي پيداوار تمام گهڻي هجي. مثال طور؛ آئرلينڊ جنهن وٽ ايترا وسيلا به ڪونهن، پر ان جي 2022 جي جي.ڊي.پي 102,217$ آهي، پر پاڪستان جهڙو ملڪ جنهن کي قدرت تمام گهڻا وسيلا ڏنا آهن ان جي جي.ڊي.پي صرف ,658.36$ آهي.
دنيا جي مختلف ملڪن جو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ اها ڄاڻ ملي ٿي ته صحيح ۽ عقلمند اڳواڻي اها ئي آهي جيڪا دولت جي پيداوار تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي باقي سڀ شعبا دولت جي پيداوار تي دارومدار رکن ٿا ۽ انهن لاءِ اهي هر سال جي.ڊي.پي جي واڌ تي پوري حڪومتي مشينري استعمال ڪن ٿا.
بنيادي ضرورتن جي فراهمي
ڪنهن به جمهوري حڪومت ۾ شهرين کي بنيادي ضرورتون مهيا ڪرڻ وڏو چئلينج آهي. بنيادي ضرورتن ۾ پيئڻ جو پاڻي، گهر، تعليم ۽ صحت، ٽرانسپورٽ، کاڌو، امن امان ۽ يوٽيلٽيز (بجلي، گئس ۽ فون) اچي وڃن ٿا. جيئن هتي بحث ڪيو ويو آهي ته جمهوري حڪومت جو وجود ئي شهرين جي حفاظت ۽ ڀلائي لاءِ آهي.
ان ڪري حڪومت پنهنجي پاليسين تي عمل ڪري. ماڻهن جي بنيادي ضرورتن کي مهيا ڪرڻ جو ڪيترو خيال رکي ٿي. اسان جڏهن ترقي ڪيل ملڪن جو اڀياس ڪيون ٿا ته واضح نظر اچي ٿو ته اتان جا شهري ڪيترو مطمئن آهن، گهڻو ڪري بنيادي ضرورتن کي غربت سان ڀيٽيو ويندو آهي. جنهن به ملڪ ۾ غربت وڌيڪ هوندي اوتروئي شهري بنيادي ضرورتن کان محروم هوندا آهن. جن ملڪن ۾ غربت تمام گهٽ آهي مجموعي طور اتان جا شهري خوشحال آهن.
اڻ برابري جو خاتمو
اڻ برابري حڪومت جي لاءِ وڏو چئلينج هوندو آهي ته سماج ۾ معاشي ۽ سماجي اڻ برابري کي ڪيئن گهٽائي سگهجي ٿو. بجيٽ ۾ شاهوڪار ماڻهن تي وڌيڪ ٽيڪس مڙهي ۽ غريب ۽ لاچار ماڻهن جي ترقي لاءِ سڌي ۽ اڻ سڌي طور مدد ڪئي ويندي آهي، ساڳي طريقي سان جي.ڊي.پي ۾ واڌارو آڻي غريب ماڻهن کي ان جو فائدو ڏئي سگهجي ٿو.
غريب طبقي لاءِ تعليم، صحت، روزگار ۽ ٻين بنيادي ضرورتن ۾ سيڙپڪاري ڪري اڻ برابري کي گهٽائي سگهجي ٿو. جيئن چين ۽ ويٽنام تمام ٿوري عرصي ۾ پنهنجن ملڪن جي غربت کي گهٽائي ڇڏيو آهي. ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ يورپ ۾ اتان جي اڳواڻن ترقياتي ڪم ڪرائي غربت ختم ڪئي، ان ڪري سٺي حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ مستقل طور معاشي ۽ سماجي اڻ برابري ختم ڪندي رهي ٿي.
ٽيڪنالاجي
اسان پنهنجي ڪمري کان وٺي ملڪي سطح تائين نظر ڪيون ٿا ته صرف ٽيڪنالاجي ئي ٽيڪنالاجي نظر اچي ٿي. موبائل فون، گهر جي عمارت، روڊ، بجلي، ريل، جهاز، اسپتال جو آپريشن ٿيٽر، پاڻيءَ جي لاءِ ڪينال ۽ ڊيم، ڪپڙن جي لاءِ ڪارخانه يا زندگي بچائڻ جون دوائون ٺاهڻ جا ڪارخانه ۽ ان سان گڏوگڏ دولت جي پيداوار صرف ۽ صرف جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ذريعي پيدا ٿئي ٿي. حڪومتي اڳواڻ کليل دل ۽ دماغ سان نئين ٽيڪنالاجي جو آڌرڀاءُ ڪندا آهن ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن ته ٻاهرين ملڪن مان جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪري پنهنجي ملڪ ڏانهن منتقل ڪجي.
توهان جاپان، سنگاپور، ملائيشيا، ترڪي، روس يا ناروي جو مثال وٺو انهن ملڪن جي جيڪا سياسي اڳواڻي آهي، اهي حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾ هجن انهن جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته اسان جو ملڪ ٽيڪنالاجي ۾ مٿڀرو هجي، هاڻي ته روبوٽڪس، نقلي ذهانت، آٽوميشن، مواصلات جهڙن شعبن ۾ دنيا تيزيءَ سان ترقي ڪري ٿي. جمهوري ملڪن جي سياسي اڳواڻي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ادارن کي مڪمل مدد ڪري ٿي. تنهنڪري سٺي حڪومت ۾ سياسي اڳواڻپ جي هڪ اها به نشاني آهي ته اهي ٽيڪنالاجيءَ جو ڪيترو قدر ڪري ٿي ۽ ان کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪيتري سيڙپڪاري ڪري ٿي.
موسم جي تبديلي کان بچاءُ
موسم جي تبديلي دنيا لاءِ ڪيڏو اهم مسئلو ٿي ويو آهي ۽ ڌرتيءَ تي 1.50 سينٽي گريڊ تي گرمي پد ڪرڻ لاءِ هر ملڪ پنهنجو ڪردار ادا پيو ڪري. حڪومت عالمي ادارن سان سهڪار ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. جمهوري حڪومت تي فرض آهي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي پيداوار گهٽائي گهڻي وڻڪاري ڪري ۽ موسم جي تبديلي جي خلاف جيڪا به ٽيڪنالاجي موجود آهي ان کي استعمال ڪري.
جمهوري حڪومت تي فرض آهي ته هو بجلي واريون گاڏيون وڌ ۾ وڌ استعمال ڪري، ڪوئلي جي سڙڻ کي گهٽائي ۽ عالمي سطح تي موسمي تبديلي جي خلاف جيڪي به اُپاءَ ورتا وڃن ٿا، انهن سان سهڪار ڪري. اڳ حڪومتن لاءِ اهو مسئلو نه هو، پر هاڻي جمهوري حڪومتن تي وڏي ذميواري آهي ته موسم جي تبديلي کي روڪڻ لاءِ خود پنهنجي ملڪ ۽ عالمي سطح تي گڏجي گرمي پد کي گهٽائي. هي مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سنگين ٿيندو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته موسم جي تبديلي جي ڪري وڌيڪ برساتون، ٻوڏون ۽ سوڪهڙي جو خطرو وڌي ويو آهي.
۽ ڪو به ملڪ موسم جي تبديلي کان اڪيلي سرِ بچاءُ نه ٿو ڪري سگهي پر پوءِ به جمهوري حڪومت تي وڌيڪ ذميواري اچي ٿي ته پنهنجي ملڪ ۾ برساتن، ٻوڏن، سوڪهڙي ۽ سامونڊي چاڙھ جي خلاف ڀرپور قدم کڻي ۽ پنهنجي ملڪ جي عوام کي موسم جي تبديلي جي سبب جيڪي نقصان ٿين ٿا انهن کي گهٽائي. جمهوري حڪومت جون تمام گهڻيون ذميواريون آهن ۽ مٿي اهم ذميوارين تي بحث ڪيو ويو آهي. حڪومت جو هر شعبو انتهائي اهم آهي ۽ ٻين شعبن سان مليل به آهي حڪومت ڪنهن جهاز يا ڪار جي مشين وانگر آهي جنهن جو هر پرزو اهم به آهي ۽ ٻين پرزن سان مليل به آهي، پر هن مضمون ۾ انهن شعبن بابت لکيو ويو آهي جيڪي شعبا خاص جڳھ والارين ٿا ۽ پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ انهن تي وڌيڪ تفصيل سان لکيو ويو آهي، هتي هن مضمون ۾ جو سياسي اڳواڻن، دانشورن ۽ حڪومت جي سائنس جي شاگردن، عام شهرين ۽ ميڊيا لاءِ لکيو ويو آهي ته اهي حڪومت بابت ڄاڻ حاصل ڪن ۽ اهو مڃرائڻ لاءِ ته حڪومت جي نظام ۾ ڪيترا شعبا آهن ۽ انهن کي ڪيئن گڏائي حڪومت جي مقصد کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. حڪومت جو هڪڙوئي مقصد آهي ته ملڪ جا شهري ڪيئن محفوظ هجن، انهن جي بنيادي حقن کي ڪيئن بچائجي، مجموعي طور انساني حقن جو ڪيئن احترام ڪجي. معاشي ترقيءَ کي ڪيئن وڌائجي، عوام لاءِ روزگار ۽ آمدني ۾ ڪيئن اضافو ڪجي، شهرين کي ڪيئن بنيادي سهولتون مهيا ڪجن، سياحت، رانديون ۽ ثقافتي پروگرامن کي هٿي ڏجي. ۽ سڀ کان اهم ته انهن کي قدرتي آفتن کان ڪيئن بچائجي.
***