بلاگ

عبدالقادر جوڻيجو (يادگيريون)

هر جيئرو انسان مرڻ کانپوءِ هڪڙي يادگيري بڻجي ويندو آهي. هتي مون کي چيڪ اديب ڪنڊيرا جو هڪڙو خوبصورت جملو ياد اچي رهيو آهي، جيڪو هن سال 94 سالن جو ٿي ويو آهي: A mans Struggle against power is memory’s struggle against forgetting!. جڏهن ترقي پسند تحريڪ ۾ ڪم ڪبو هو ته اهو جملو اسانجو فيوريٽ هو. عبدالقادر جوڻيجي سان منهنجي دوستيءَ جو ڪارڻ مراد علي مرزا صاحب بڻيو اهو 1978 جو زمانو هو. جڏهن اسين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شاپنگ سينٽر (گل سينٽر جي سامهون) جي مٿان هڪ ڪمري ۾ ملياسين جتي سنڌي اديبن جي هڪڙي گڏجاڻي ٿي هئي. جنهن ۾ مراد علي مرزا، نجم عباسي، اعجاز قريشي، محمد ابراهيم جويو، خليل قاضي (جيڪو ان دور ۾ ڪهاڻيون لکندو هو) ۽ ٻيا به ڪافي اديب ۽ شاعر موجود هئا. اسان ٽنهي ۾ جيڪا مشترڪ ڳالهه هئي سا ڪتابن پڙهڻ جي هئي. مراد علي مرزا وٽ سيڪنڊ هئنڊ ۽ پيپر بيڪ انگريزي ناولن جو وڏو ذخيرو هو، جيڪو مون کي ۽ عبدالقادر جوڻيجي کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. ان کانسواءِ مراد علي مرزا ۽ آئون صدر حيدرآباد ۾ موجود آزاد بڪ ڊيپو تي پڻ ويندا هئاسين، جتي هڪڙو پوڙهو ويٺو هوندو هو، اسين اتان به سستا ڪتاب وٺندا هئاسين ۽ هڪ ڀيري فٽ پاٿ تي ڪتابن جي ڍير مان مون هڪڙو پراڻو ڪتاب ڳولي ڪڍيو. اهو ڏاڍو خوبصورت انگريزي ڪتاب هو، جنهن جو نالو هو: “Sappho” سيفو يوناني شاعره هئي، جنهن تي Lesbian هجڻ جا الزام لڳا هئا، بهرحال ان ڪتاب جي انر ٽائيٽل تي نادر بيگ مرزا جو نالو لکيل هو. سو مون ورتو ۽ مراد علي مرزا کي وڃي ڏنم ۽ چيو مانس: هي ڪتاب توهان جي مائٽ (مرزا قليچ بيگ جي وڏي پٽ) جو آهي. هن تحفو سمجهي مون کان اهو ڪتاب ورتو. مراد علي مرزا ان کان اڳ ڪافي ريڊيو ڊراما، ڪهاڻيون، پرڏيهي ڪهاڻين جي ترجمي جو ڪتاب ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه لکي چڪو هو ۽ منهنجي دوستيءَ کانپوءِ هن نوبل انعام کٽيل مصري اديب نجيب محفوظ جي ڪنهن ڊرامي جو ڪتاب پڻ ترجمو ڪيو هو. ان بعد هن شاهه لطيف تي ناول لکيو. هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي هڪڙي ڪمري ۾ ويهي ڪم ڪندو رهندو هو ۽ مون سان هميشه Whispering انداز ۾ ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري ڳالهائيندو هو، ڇو ته اهو جنرل ضياءَ جو دور هو، هن کي خدشو هوندو هو ته اسانجون ڳالهيون ڪو دشمن ٻڌي نه وٺي. جماعت اسلامي کي هو هميشه نالي وٺڻ بجاءِ ’ڇتي ڪتي‘ جي نالي سان سڏيندو هو. اسين ڳالهائيندا ۽ ٽهڪ ڏيندا رهندا هئاسين ۽ اڪثر شامن جو وري عبدالقادر جوڻيجو به انهن ٽهڪن ۾ شامل هوندو هو. هاڻ جڏهن مراد علي مرزا جي ڳالهه نڪتي آهي ته هيءَ ڳالهه به ڪري وٺان ته مراد علي مرزا جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي ناول ”سامي سج وڙاءُ“ لکيو ته هن ان لاءِ ڪافي فارسي ڪتاب به پڙهيا هئا.

عبدالقادر جوڻيجو جڏهن سنڌالاجي ۾ پبليڪيشن آفيسر جي عهدي تي ڪم ڪندو هو ته هو مون کي وري اتي ايندڙ ڪتاب پڙهائيندو هو. هڪ ڀيري هن مون کي پبلو نرودا جي شاعريءَ جو هڪڙو انگريزي ۾ ڇپيل ڪتاب ڏنو جيڪو پڙهڻ بعد مون وري حسن درس کي پڙهڻ لاءِ ڏنو، جيڪو هن وڃائي ڇڏيو. حسن کي مون جويي صاحب وارو ڇپرايل شاهه سچل، سامي جي شاعري جي ڪتابن جو سيٽ به پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. ان بعد فيض احمد فيض پڻ. هڪڙي ڀيري عبدالقادر جوڻيجي مون کي فرينچ ليکڪا (Francoise Sagan) فرانسواز ساگان جو هڪڙو ناولA Certain Smile پڙهايو. هن جي عادت هئي ته هو جيڪو ڪتاب پڙهندو هو، ان جو ذڪر دوستن سان ضرور ڪندو هو، يار! ڇا ته ناول آهي A Certain Smile بابا نوجوان ڇوڪري، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ڇوڪري پوڙهي مرد سان عشق پئي ڪري! هميشه واري عادت جيان هن مٺ ۾ جهليل سگريٽ جو سُوٽو هنيو. مون جڏهن ناول پڙهيو ته خبر پيم ته يورپ ۾ نوجوان ڇوڪريون اڌڙوٽ مردن سان عشق ڪنديون آهن ۽ پوڙهن مردن سان شاديون ته تعجب ٿيم.

عبدالقادر جوڻيجو هڪڙي سٺي ليکڪ هجڻ سان گڏ ڊاڙ ٺڪاءَ ۽ ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو هوندو هو. هو هر ڳالهه کي اهڙي شاندار انداز ۾ پيش ڪندو هو، جو ماڻهوءَ جون اکيون ڦاٽي وينديون هيون. پراسٽيٽيوشن ۽ مال چارڻ دنيا جا پراڻا ڌنڌا رهيا آهن. اٺن جا وڳ چاريندڙ جوڻيجن جي ذات مان هڪڙي پوليس جي صوبيدار مريد حسين جوڻيجي جو پٽ عبدالقادر جوڻيجو پنهنجي ابتدائي زندگيءَ ۾ پرائمري ماستري رهيو، پر هو مون کي اڪثر چوندو هو ته ادب جي ٻيڙي ماسترن ٻوڙي آهي، هو پنهنجن ڪيل عشقن جي قصن کان وٺي ادب، همعصر، بين الاقوامي ادب ۽ اديبن بابت شاندار طريقي سان ڳالهائي سگهندو هو. مان هميشه نوان ڪتاب وٺڻ کان پهرين هن کان پڇندو هئس، ڇو ته هو گهڻ ڄاڻو ۽ گهڻ پڙهيو شخص هو“

جڏهن هن جو ڊرامو ”راڻي جي ڪهاڻي“ ٽيليويزن تي هلندو هو ته شهر جون هوٽلون ماڻهن سان ڀرجي وينديون هيون ۽ هڪ ٻه ڀيرا ته سندس گهر ۾ ويهي قسطون ڏٺيوسين. انهن ئي ڏينهن ۾ ميڊم قمر واحد شايد تاريخ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آئي ته هن عبدالقادر جوڻيجي جي مان ۾ سندس گهر تي دعوت ڪئي، جنهن ۾ رڳو ٽي ماڻهو هئا. عبدالقادر جوڻيجو، مراد علي مرزا ۽ آئون. ان بعد ميڊم قمر واحد سان منهنجي به شناسائي ٿي وئي.

مان اڪثر سنڌ يونيورسٽي ويندو هئس ته سنڌالاجي به وڃڻ ٿيندو هو، انهن ڏينهن سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر انچارج غلام علي الانه صاحب هوندو هو، جنهن جي سخت ايڊمنسٽريشن جي ڪري ملازم کانئس ڏڪندا رهندا هئا، اتان وري عبدالقادر سان گڏجي پنڌ پنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ سندس گهر ايندا هئاسين، منجهند جي ماني گڏجي کائيندا هئاسين، پوءِ مان سندس ڊرائنگ روم ۾ سمهي پوندو هئس، شام جو اٿي چانهه پي ڪڏهن ڪڏهن وري يونيورسٽيءَ جي اسٽاف بس ۾ چڙهي لجپت روڊ تي ايندا هئاسين، جتان عبدالقادر پنهنجي گهر جو سامان وٺندو هو ۽ اسين واپس ڄامشورو وڃي سامان گهر ۾ ڇڏي وري پنڌ پنڌ سنڌالاجي ويندا هئاسين، (اهو سڄو عرصو اسان جي ادبي ڪچهري هلندي رهندي هئي) جتي سنڌالاجي جو هڪڙو پٽيوالو آئيس ڪريم وڪڻندو هو، جتي وڃي آئيس ڪريم کائبي هئي ۽ مان واپس حيدرآباد ڏانهن موٽندو هئس. عبدالقادر جوڻيجي ٻي شادي پنجابين مان ڪئي هئي، جڏهن ذاتي ڪچهرين ۾ هو پنهنجن ڪيل عشقن بابت حال احوال ڪندو ۽ سندس ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارائن جون تعريفون ڪري مٺ ۾ جهليل سگريٽ مان ڪش هڻي اک ڀڃندو هو ته ٽهڪ نڪري ويندو هو، سندس لاهور ۾ موجود دوستن جو ذڪر به ڏاڍا چشڪا وٺي ڪندو هو، انهن ئي ڏينهن ۾ عبدالقادر جوڻيجي مون کي ٻڌايو ته هفتي کن کان سندس گهر ۾ روحي بانو مهمان ٿي ٽڪيل آهي، 84-1983 جي زماني ۾ ٽي چار ڀيرا اسين ميرپورخاص گڏجي وياسين، اديبن جو اهو مختصر ٽولو جنهن ۾ عبدالقادر جوڻيجو، امداد حسيني، مراد علي مرزا، مدد علي سنڌي، عزيز مهراڻوي ۽ مان هوندا هئاسين پهرين طارق اشرف جي پريس تي گڏ ٿيندا هئاسين کوکر پاڙي ۾، ان بعد هڪڙي وين ۾ چڙهي ميرپورخاص ويندا هئاسين، اڪثر ڪهاڻي ڪانفرنس هوندي هئي، ڪانفرنس ختم ٿيڻ بعد ڊنر وري غلام نبي مغل صاحب ڪرائيندو هو ۽ ان جو ميزبان سنڌي زبان جو شاندار ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار غلام نبي مغل صاحب هوندو هو، جيڪو انهن ڏينهن ميرپورخاص شهر ۾ ڊائريڪٽر فوڊ هوندو هو، مانيءَ جي ان خاص انتظام ۾ مون کي ياد آهي ته سلاد به شاندار طريقي سان ڪٽيل ۽ سجايل هوندو هو.

عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن عبدالقادر سنڌالاجي ۾ ڊائريڪٽر انچارج هوندو هو، هن کي شايد وهم اچي ٿيو ته هن کي ڪا Stoneman syndrome جي بيماري ٿي آهي! جيڪا دنيا ۾ صرف ٽن ماڻهن کي ٿي هئي، يا وري ‘one in two million people!’ مون جڏهن اها خبر اخبار ۾ پڙهي ته ڄامشوري سندس گهر تي ويس ڪال بيل وڄايم ته در تي ڀاڄائي آئي مون جڏهن کانئس عبدالقادر جوڻيجي بابت پڇيو ته ٻڌايائين ادا، سنڌالاجي ويو آهي ۽ جڏهن پڇيومانس ته طبيعت ڪيئن اٿس ته سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون. مان کانئس اجازت وٺي سنڌالاجي ويس ته هو پبليڪيشن آفيسر (انهن ڏينهن ۾ ڪا عورت هئي) جي ڪمري ۾ ويٺو ڳالهائي رهيو هو ۽ ٻنهي هٿن جون آڱريون بند ڪري، کولي رهيو هو ۽ سنڌالاجي جا ڪجهه ملازم شايد قاسم ماڪا صاحب پڻ هن کي چپ ڪري ٻڌي رهيا هئا. ڪنهن منهنجي لاءِ ڪرسي خالي ڪئي ته ويهي رهيس، ان مهل هو پنهنجي بيماري دوران سندس ڪنهن روحاني تجربي جي ڳالهه ڪري رهيو هو، شايد عالم برزخ جي تجربي جي ڳالهه هئي. برزخ دراصل ماڻهوءَ جي مرڻ کان وٺي قيامت تائين واري حالت کي چئجي ٿو. منهنجي اچڻ کانپوءِ به هو مسلسل پنهنجيون آڱريون بند ڪري ۽ کولي رهيو هو ۽ سندس اعصابي بيماريءَ جي ڳالهه ڪري رهيو هو. نيٺ هن ڪڪ ٿي مون کي چيو: يار! اٿ ته پنهنجي ڪمري ۾ هلون تون ئي منهنجيون ڳالهيون سمجهندين هي ڪونه سمجهندا! اسين پوءِ هلندا سندس ڪمري ۾ آياسين جتي به هو مسلسل ڳالهائندو رهيو.

مون جڏهن اهڙي ڳالهه هڪڙي اديب دوستن سان ڪئي ته هن مزاق ڪندي چيو ته عبدالقادر جوڻيجي کي مشهور ٽي.وي اداڪارا روحي بانو پٽيو هو. ڇو ته هن روحي بانو سان شادي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.

عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي ڀٽن ۽ ڀاڻن مان نڪتل ماڻهو جنهن کي سندس ڊرامي راڻي جي ڪهاڻي ۽ پوءِ منهنجي خيال ۾ ديوارين ڊرامي جي ڪري ملڪ گير شهرت نصيب ٿي ۽ جنرل ضياءَ کيس ايوارڊ به ڏنو. مان جڏهن اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندو هئس ته عبدالقادر جوڻيجي جنرل ضياءَ جي مامي ڊاڪٽر افضل جيڪو 1985ع ۾ تعليم جو وزير ۽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جو ريڪٽر هو. کي فون ڪري ٻڌايو ته اڪبر سومرو منهنجو دوست آهي ته اڪثر شامن جو ڊاڪٽر افضل جي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائيندڙ گاڏي مون کي G-7/2 مان کڻڻ ايندي هئي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڊرائنگ روم ۾ شاندار ڪافي ۽ يونائٽيڊ بيڪري جا مکڻ ۾ پڪل بسڪيٽ ۽ سموسا کائڻ سان گڏ زبردست ڪچهريون ٿينديون هيون. منهنجيون اسلام آباد ۾ ڪافي شامون سٺيون گذريون. اهڙيون ئي ڪجهه شامون اتي امرجليل ۽ تاجل بيوس سان به گذريون جيڪي ٻئي منهنجي پاڙي ۾ رهندا هئا، عبدالقادر جوڻيجو جڏهن به اسٽيج تي بيهي ڪو مضمون يا مقالو پڙهندو هو ته سامعين کي کلائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جو فن ڄاڻندو هو. مان هميشه ساڻس ان ڳالهه تي جهيڙيندو رهندو هئس ته ڊرامي لکڻ جي شوق ۾ هن ڪهاڻيءَ کي وساري ڇڏيو آهي.

اڄ عبدالقادر اسان ۾ جسماني طور موجود ناهي، پر نه رڳو اسان جي يادگيرين ۾ هو جيئرو آهي، پر ادب جي ميدان ۾ پڻ سدا حيات آهي ۽ سدا حيات رهندو.

***