نيپرا مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي ڪيرائي ڇڏي
نيپرا بجلي 34 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي، اضافو مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي. لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين اضافي قيمتن کان آجا هوندا، صارفين تي 2 ارب 90 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو. سي پي پي اي هڪ رپيو 17 پئسا بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، پاور ڊويزن سي پي پي اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

