خاص

سي ئي سندر آهن قسط-1

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-1

سي ئي سندر آهن

الطاف شيخ

نيويارڪ جي غريب ۽ نڀاڳي علائقي هارلم ۾ آئون ڄايس ۽ اتي ئي وڏو ٿيس. اسان جو علائقو منحوس ضرور هو، پر اسان پاڻ کي ڪڏهن به منحوس نه سمجهيو. اسان جو گهر غربت جي خلاف جنگ جو ميدان هو، جتي اسين هر وقت جيئرو رهڻ جي جدوجهد ۾ هئاسين. فقط جيئرو ته جانور به رهي سگهي ٿو، پر اسان عزت ۽ ناموس سان جيئرو رهڻ چاهيو ٿي.

اسان جي گهرو فوج ۾ ست ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي، جنهن جا اڳواڻ امان بابا هئا. زنده رهڻ جي جاکوڙ ۽ غربت سان وڙهڻ لاءِ اسان جا هٿيار هئا: سخت پورهيو، ڪٽنب جي ساک ۽ سڀ کان اتم تعليم ۾ ڀروسو. اسان جو روز جو قول آهي: اونداهه کي پِٽڻ بدران ڪا جوت جلائڻ جي ڪجي.

 

گهر ۾ اڀرو سڀرو جيڪو ملندو هو، ان ۾ خوش رهي پڙهڻ کي لڳا رهياسين ٿي. تن ڏينهن ۾ ته اسان کي اها به خبر نه هئي ته سمهڻ لاءِ هنڌ نرم هئڻ کپي. اسان لاءِ ته ڪاٺ جي تختي ۽ گاديلي، ساڳيو مطلب رکيو ٿي. مون کي اها به خبر نه هئي ته ونجهوٽيءَ لاءِ سوڙهي گهٽي نه پر چورس ميدان سٺو ٿئي ٿو. آئون ان وقت راند ۾ ايڏو رڌل رهندو هئس جو انهن ڳالهين ڏي ڌيان ئي نه ويندو هو. مون کي ته اها به خبر نه هئي ته ٻڪريءَ يا ڍڳيءَ جي گوشت جو ڪهڙو حصو وڌيڪ سوادي ٿئي ٿو ۽ ڪهڙو گهٽ. اسان لاءِ ته فقط ٻه ڳالهيون سامهون هونديون هيون: “کائڻو اٿوَ ته کائو نه ته اٿي وڃو.” گهڻو ڪري دال ۽ ڪُهرن تي گذر ٿيندو هو. امان انهن کي ڪوفتن جو ٻوڙ سڏيندي هئي. اڄ جڏهن آئون وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان ته به سچ ته انهن ڪوفتن جي ٻوڙ جو مزو اصلي گوشت جي ٻوڙ مان نٿو اچي. مهيني جا اڌ کان وڌيڪ ڏينهن پاروٿي ساروٿي تي گذر ٿيندو هو.

اسان جي پاڙي ۾ ويهه کن پراڻن فليٽن واريون جايون هيون. هر عمارت ۾ ٽيهه کن ڪٽنب رهيا ٿي (انهن ۾ مهمان شامل نه آهن، جي هر وقت پاڇي وانگر غريبن سان لڳل هوندا آهن). محڪمي مردم شماري مطابق هر ڪٽنب کي اٽڪل پنج ڏهائي ڇهه ٻار هئا، اهي انگ اکر گڏ ڪرڻ وارو جي ٿورو ئي صبر ڪري ها ته ڏهائي بدران کيس سڄا انگ حاصل ٿي سگهن ها.

آمريڪا ۾ اهڙا به شهر آهن جن جي آدمشماري اسان جي علائقي کان گهٽ آهي. بهرحال اسان جو علائقو ايڏو ڳُتيل هوندي به مون ڪڏهن سوڙهه محسوس نه ڪئي، چوندا آهن ته شاهوڪارن کي سڀ غريب هڪجهڙا لڳندا آهن، پر مون لاءِ اسان جي غريب پاڙيسرين انفرادي حيثيت رکي ٿي. اسان کي هنن بابت هر ڳالهه جي خبر هئي ۽ هنن کي اسان جي. اسان ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو ته هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ ماٺ جي ضرورت آهي. سڀ ٻار هڪ هنڌ گڏ ٿي سائنس ۽ جاگرافي جا سبق ياد ڪندا هئاسين ته حساب به. انهن ڏينهن ۾ آئون ان کان به اڻ ڄاڻ هئس ته مائرن کي ٻارن تي نفسيات استعمال ڪرڻ کپي. ان زماني ۾ مائرون اهو ئي استعمال ڪنديون هيون جيڪو هنن جي هٿ چڙهي ويندو هو: وڃڻو، لڪڻ، ڇٽي جو ڳن يا ٻيو ڪجهه نه ته پادر يا ٿڦڙ ته هوندو ئي هوندو هو. مون کي اها خبر نه هئي ته ڏنگائي ڪرڻ تي پيءُ کي مارڻ کپي يا نه پر جنهن ٻار کي موچڙا نه ملندا هئا، اهو پاڻ دل ۾ ڪندو هو ته شايد پيءُ کيس سڌارڻ نٿو چاهي يا ته سندس ويڳو پيءُ آهي.

اسان جو گهر سڄي پاڙي ۾ مثالي ليکيو ويو ٿي. مائٽن جو سڄو زور تعليم تي هو. اسان جي صحت ۽ پيٽ قوت لاءِ امڙ هميشه خدا کي ٻاڏائيندي رهندي هئي. اسان کي اهو ئي سبق ڏنو ويو ٿي ته ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي پٺيان لڳجي، محنت ڪجي، بچائجي. ڇڙو ٻانهون ٻڌي انتظار ڪرڻ سان ڪڏهن به ڪجهه ملي نه سگهندو، پوءِ کڻي علم هجي يا روزگار. انسان جو ڀاڳ ۽ بخت به هجڻ ضروري آهي، پر منهنجو جيڪو تجربو آهي ته جيتري ڪو محنت ڪري ٿو اوترو ئي ڀاڳ به سندس ويجهو اچي ٿو.

اسان کي ان احساس کان پري رکڻ لاءِ ته اسان غريب آهيون امان ڇا ڪيو هو هڪ دٻي تي “غريبن لاءِ” لکي، خيرات لاءِ رکي ڇڏيو هو. جنهن ۾ اسان کي غريبن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه وجهڻو پوندو هو. ايئن ڪرڻ سان اسان پاڻ کي خوشنصيب ۽ شاهوڪار سمجهندا هئاسين. ڪڏهن ڪنهن شيءِ جي سڌ ڪندا هئاسين ته امان وراڻيندي هئي: هينئر نه پهرين اسان کي ضرورت جون شيون حاصل ڪرڻ کپن ۽ ضروري شيون ڪهڙيون هيون: فقط ڪتاب! راند روند جون شيون، جهڙوڪ: بلور، لاٽون، سائيڪلون سڀ پوءِ. مان اهو ان وقت به محسوس ڪندو هئس ته امان کي اسان جي ٻاروتڻ جا شوق پورا نه ڪندي ڏاڍو ڏک ٿيو ٿي، پر غربت ڪري مجبور هئي. پوءِ اسان کي پنهنجي منهن سمجهائيندي هئي ته ٻچا سڀاڻي جو ڏينهن آرام ۾ گذارڻ چاهيو ٿا ته اڄ لاءِ ٿوري قرباني ڏيو.

اسان ٻارن جي ننڍي هوندي کان ٻڌي هئي. هڪٻئي سان وڙهڻ بدران پڙهائي ۾ مدد ڪندا هئاسين. وڏي ڀاءُ جو وڳو واري وٽي تي ڦرندو جڏهن مون تائين پهچندو هو ته ليڙون ليڙون ٿيڻ تي هوندو هو، سڀني ڀائرن ۾ ننڍو هئس ان ڪري اڄ به ٻار سمجهيو ويندو آهيان. آئسڪريم جي ضرورت پوندي هئي ته مون کي ڊوڙائيندا هئا. اسان ستن ڀائرن کي رڳو هڪ ڀيڻ ڊورا آهي، ڊورا جي ڄمڻ تي بابا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ امان تي ڪاوڙ ڪيائين ته: تو منهنجي پٽن جو رڪارڊ ڀڃي ڇڏيو، پوءِ پاڙيوارن سمجهايس ته ايئن به ٿيندو آهي.

امان کي وڏن ڀائرن جا نالا چڱي طرح ياد هوندا، پر ننڍي هجڻ ڪري منهنجي نالي تي ڪڏهن ڪڏهن منجهي پوندي هئي. خاص ڪري ڪاوڙ مهل مون کي مخاطب ٿيڻ لاءِ ٻين ڀائرن جا نالا وٺندي ويندي هئي: “جئڪ. نه نه. ڊيوڊ، نه نه…” پوءِ امان بيزاري مان مون کي چنبو هڻي چوندي هئي: “ڇورا تون. ڇا ٿئي نالو، توکي پئي چوان، ٻوڙا”.

هونئن امڙ سڄي پاڙي ۾ سگهڙ ۽ سليقي شعار سمجهي وئي ٿي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو گهڻو وقت نه رهندا هئا، پر شيون رهنديون هيون. پراڻين شين کي اڇلائڻ بدران رڌڻي ۾ ٺهيل خانن تي رٽائر ڪيو ويندو هو. هر گهر ۾ اهڙو ڪٻٽ ضرور هوندو هو، جنهن ۾ ڀڳل ڪينچي، ڏندن ڀڳل ڦڻوٽو، شيشن بنا عينڪ، چٿريل ۽ ڳن ڀڳل ڪوپ، ويسلين جون ڍڪ بنا شيشيون، گهڙيال جو منهن، نموني نموني جا ڪوٽ جا بٽڻ، پراڻيون چاٻيون، انڊپين جو ڍڪ ۽ ٻيون اهڙيون شيون ڪٻٽ جي خانن ۾ ڏسڻ ۾ اينديون هيون. هر ماهي ٽماهي انهن خانن مٿان پراڻين اخبارن جا پوش چڙهندا هئا. …(هلندڙ)…