سـحـر شـاهـه رضـوي انٽرويو زاهده ابڙو Aug 2020
تعارف:
جواب: آئون ھڪ آرٽسٽ ۽ ميڊيا پرسن آھيان۔ منھنجو اصل تعارف منھنجو آرٽ آھي۔، پر سنڌ واسي مون کي “سحر ۽ سنڌ” ڪري سڏيندا آھن ۽ ڪڏھن سونين آڱرين واري ڇوڪري به چوندا آھن۔.
سوال: توهان تخليقي ڪم طرف ڪيئن راغب ٿيون؟
جواب: ھر ٻار اندر ھڪ آرٽسٽ ھوندو آھي،۔ آئون ننڍي ھوندي کان سٺي ڊرائنگ ڪندي ھئس ۽ طبيعتن حساس ھجڻ ڪري آرٽسٽڪ سينس رکندي هئس. وڏي ٿيس ته تمام محنت سان ميڊيڪل جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ گڏ آرٽ ڪاليج جو ٽيسٽ به ڏنو ھو.۔ مون ۾ ھميشه فيصلا وٺڻ وارو حوصلو رھيو آھي،۔ پريڪٽيڪل زندگي جو اھو پھريون فيصلو ھو ۽ مون آرٽ ڪاليج کي چونڊيو. ڪيترن ئي ماڻھن حوصلا شڪني ڪئي ته آرٽ جو اسڪوپ ناھي۔، پر بابا سمجھايو ته اسڪوپ انسان پاڻ ٺاھيندو آھي۔ سو ائين شروعات ٿي۔ پوءِ اتان ڊسٽنڪشن ماڻي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا ۽ پنھنجي پينٽنگز جون نمائشون (exhibitions) ڪرڻ شروع ڪيون،۔ خبر ڪونه ھئي ته دنيا منھنجي پينٽنگز کي ايڏو پسند ڪندي۔.
سوال: هن فيلڊ ۾ نوجوانن لاءِ ڪيتري قدر ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، ڇا اهي هن فيلڊ مان ڪجهه ڪمائي به سگهن ٿا؟
جواب: تمام وڏي تعداد ۾ نوجوان آرٽ پاسي اچي رهيا آهن، پر پاس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ سڌي گس نه ھجڻ ڪري پريشان ٿيندا آھن۔ ۽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھن. ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ استاد آھن، پر مينٽور ناھن اھو به سبب آھي ۽ لازمي محنت ڪجي ٿي ۽ سٺو ڪم ڪجي ٿو ته آرٽسٽ ڪمائي به ٿو۔، پر نوجوانن وٽ نوڪريون ناھن انھن جي صلاحيتن جو جيسين صحيح استعمال ڪونه ٿيندو۔ تيسين ڪجھه به سڌري نٿو سگھي.۔ تعليم صحت ۽ ھر شعبي کي نوجوانن جي اڳواڻي ۽ انھن جي توانائي جي ضرورت آھي.۔ سنڌ ۾ گھڻي قدر نوجوان بيروزگار آھن.۔ ان جي باوجود به نوجوانن کي مايوس ٿيڻ نه گهرجي.
سوال: توهان هڪ آرٽسٽ طور به ڪم ڪيو پيون، هڪ ايڪٽيوسٽ به آهيو ۽ ميڊيا ۾ ڪم ڪيو آھي۔ انهن سڀني شين جو پاڻ ۾ ڪهڙو رابطو آهي؟
جواب: آئون هڪ آرٽسٽ آهيان منهنجو ڪم تخليقي آهي جتي دنيا سوچي به نٿي سگهي آئون انهن خيالن کي پنهنجي آرٽ ذريعي ھر ماڻھون تائين پهچايان ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته آئون ايڪٽوسٽ نه بلڪه ميڊيا پرسن آهيان جنهن ڪري آئون عام ماڻهن جي مسئلن کي عوام آڏو رکندي آهيان. ڇو ته آرٽسٽ حساس هوندو آهي ۽ ميڊيا پرسن هجڻ ڪري مان سمجهان ٿي ته اها منهنجي ذميواري پڻ آهي ۽ ميڊيا ۽ ويووئل آرٽ ٻئي خيالات جي اظھار لاءِ بھترين ذريعا آھن.
سوال: ڇا آرٽ سکڻ جي شيءِ آهي يا اها توهان جي فطرت ۾ لڪل ڪا صلاحيت هوندي آهي.
جواب: آرٽ ڪريئيٽوٽي ۽ تخليق کي چئبو آھي۔ انسان جي تاثرات جي نمائندگي ڪندو آھي۔ انسان جي فطرت ۾ آرٽ ۽ تخليقي صلاحيت موجود ھوندي آھي۔، پر وڏو ٿيڻ سان معاشرو ۽ سماج ان ٻار جي ذهن مٿان پنهنجا اثر ڇڏيندو ويندو آهي ۽ ان ٻار کان ان جي دلچسپي ڇڏائجي ويندي آھي.
سوال: توهان جو پسنديده پينٽنگ ميڊيم ڪهڙو آهي ۽ اهو ڇو آهي؟
جواب: مون کي ڏھ سال ٿيا آھن آرٽ کي پريڪٽس ڪندي. منيئيچر پينٽنگ ۾ مون تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، جيڪو واٽر ڪلر ۾ ٿيندو آھي، پر اڄڪلھه آئل پينٽ ۾ ڪم ڪري رھي آھيان۔ اھي ٻئي ميڊيم مون کي وڻندا آھن. ڇو ته ٻنهي ميڊيئمز ۾ رنگن سان کيڏڻ ۽ پرفام ڪرڻ سٺو لڳندو آھي.
سوال: اسان جي معاشري ۾ نوجوان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي ڪهڙا مسئلا درپيش آهن.
جواب: نوجوانن کي اسان جي سماج ۾ انيڪ مسئلا درپيش آهن جن مان هڪ ته نوڪريون نه هئڻ جي برابر آهن. ٻي ڳالهه ته نوجوانن جي رهنمائي ڪونه ٿي ٿئي جنهن سبب هو وڌيڪ مايوسي جو شڪار بڻجي ٿا وڃن، تنهنڪري هو محنت نٿا ڪن ۽ شارٽ ڪٽ جي طرف وڌڻ لڳن ٿا جيڪو سندن صلاحيتن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
سوال: ٽيڪنالاجي جتي اسان کي سڄي دنيا سان ڳنڍيو آهي اتي آرٽ اندر به ان جو استعمال ٿي رهيو آهي ان سان آرٽسٽ کي ڪيترو فائدو رسي رهيو آهي.
جواب: ڊجيٽل آرٽ تمام وڏي پيماني تي ٿئي ٿو۔ جيڪي آرٽسٽ ڪمپيوٽرز ۾ سٺا آھن اھي ڊجيٽل آرٽ يا گرافڪس جي پاسي اچن ٿا۔ ۽ سوشل ميڊيا جي ڪري تمام وڏي تعداد ۾ ماڻھن تائين آرٽسٽ جو ڪم پھچي ٿو۔. آن لائين گيلريز به آرٽسٽ کي فائدو ڏنو آھي.
سوال: توهان ڪٿي ڪٿي پنهنجي ڪم کي نمائش ڪيو آهي. هن وقت تائين اهڙو ڪو پراجيڪٽ جيڪو توهان جي دل جي تمام ويجهو رهيو هجي ۽ توهان ان کي انجواءِ ڪيو هجي.
جواب: سنڌ ۾ ڪراچي، حيدر آباد، ڄامشوري ۾، باقي بھاولپور، ملتان، اسلام آباد، لاھور ۽ آمريڪا، اٽلي، ايران، دبئي، انڊونيشيا، ميڪسيڪو، ڪوسووو، چائنا، ترڪي. آرٽ جي دنيا جا تمام قيمتي ايوارڊ ۽ مڃتائون مليون آھن۔ ۽ مون کي پنھنجون سڀ سيريز دل جي تمام گهڻو ويجھو آھن۔. ڇو ته آرٽسٽ جيسين پنھنجي ڪم سان پيار نه ڪندو يا ان کي انجوءِ نه ڪندو تيسين اھو مڪمل نٿو ٿي سگھي.
سوال: آرٽ يا تخليقي ڪم معاشري تي ڪهڙا اثر وجهي سگهي ٿو.
جواب: آرٽ ھڪ نئين سوچ پيدا ڪري ٿو۔ ماڻھن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.
سوال: هڪ فيميل آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر طور توهان کي ڪهڙا ڪهڙا چئلينجز برداشت ڪرڻا پيا آهن.
جواب: عورت ھوندي هن مردن جي سماج ۾ پاڻ کي مڃرائڻ پاڻ ھڪ وڏو چئلينج آھي،۔ صرف مون لاءِ نه پر ھر عورت لاءِ چئلينج آھن ۽ سڀ کان وڌيڪ صنفي تفريق برداشت ڪرڻي پوي ٿي.۔
سوال: ڪا خواھش؟
جواب: ھن معاشري ۾ عملي ڪم ڪرڻ چاھيان ٿي۔ ھڪ ته يتيم ٻارن لاءِ گھر ٺاھڻ چاھيان ٿي، ٻيو ماڻھن کي اھو شعور ڏيڻ چاھيان ٿي ته انھن ٻارن کي ايڊاپٽ ڪن ۽ معاشري کي سٺا ۽ باشعور فرد ڏين.
سوال: آرٽ ۾ سڀ کان سٺي ڪھڙي شيءِ آھي؟
جواب: دنيا جون عظم تھذيبون آرٽ ذريعي اڄ تائين زنده آھن۔ آرٽسٽ ڪنھن به وقت يا دور ۾ وڃي ان کي پنھنجي تصور ذريعي اڄوڪي مصنوعي دنيا ۾ وٺي اچي سگھي ٿو۔ ۽ پنھنجي وڻندڙ ڪنھن به شخصيت سان تصوير به ڪڍائي سگھي ٿو.
سوال: عورت جي حوالي سان گھڻيون پينٽنگز ڪيون آھن توھان؟
جواب: ننڍپڻ ۾ ئي اھو ڏٺو ته عورت کي پنھنجي جائز حق لاءِ به وڙھڻو پوي ٿو۔، تعليم جو حق ان کان ڦرجڻ ۽ ان پابندي جي ڪري اکين آڏو انيڪ زندگيون تباهه ٿيندي ڏٺيون. پوءِ ماڊرن ۽ ڪنٽيمپريري آرٽ ۾ عورت جي زندگي جي سڀن پاسن کي مون منيئيچر پينٽنگ ۾ پينٽ ڪيو آهي.
***

