“لطيف ادبي انجمن” جو ساليانو ميڙ 1985ع ۾ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي سبز زار تي منعقد ڪيو ويو هو، ان تقريب جو مهمان خاص ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جڏهن ته صدارت سنڌ جي ڏاهي اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪئي هئي. لطيف ادبي انجمن کي مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردي واري دور ۾ محمد علي شيخ (بعد ۾ وائيس چانسلر سنڌ مدرسته السلام ڪراچي) قائم ڪيو هو. اهو (دور جنرل ضياءُ الحق جي مارشلا جو هو، ايم آر ڊي جي هلچل جي نتيجي ۾ غير جماعتي چونڊن کانپوءِ ملڪ جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي چونڊيو ويو هو). سڄاڻ ڌرين پاران محمد خان جوڻيجو تي تنقيد ٿيندي رهندي هئي. ڊاڪٽر تنوير عباسي لطيف ادبي انجمن ۾ صدارتي تقرير دوران لطيفو ٻڌائيندي چيو ته هڪ پٺاڻ پنهنجي روزاني ڪم ڪار کان فارغ ٿي جڏهن گهر پهتو ته زال کان پڇا ڪيائين ته مانيءَ ۾ ڇا ٺاهيو اٿئي، تنهن تي زال جواب ڏنس ته اڄ دال ۽ گوشت کي گڏائي ڀاڄي تيار ڪئي آهي. پٺاڻ اهو ٻڌي تپي باهه ٿي ويو ۽ زال کي چوڻ لڳو ته خانو خراب ٿيئي هي ڪهڙو ظلم ڪيو اٿئي جو مارشلا سان گڏ جمهوريت کي به ملايو اٿئي. ڊاڪٽر تنوير عباسي پٺاڻ واري لطيفي جي تسلسل ۾ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ به دال ۽ گوشت وارو حال آهي يعني مارشلا ۽ جمهوريت گڏ هلي رهيون آهن، ان وقت قومي اسيمبلي ۾ نوجوان، خوبرو ۽ باوقار شخصيت جي مالڪ سيد فخر امام وڏي اڪثريت سان آمر ضياءُ الحق جي حمايتي اميدوار کي اسپيڪرشپ جي مقابلي ۾ شڪست ڏني هئي. جنهن پنهنجي قابليت سان مارشلا جي رعب ۽ دٻدٻي جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي هئي. سيد فخر امام جڏهن تجربيڪار اسيمبلي جي ايوان جي واڳ سنڀالي ته هو انساني فطرت جي عين مطابق ان قوت ۽ توانائي کي آزامائڻ کان باز رهي نه سگهيو. هن پنهنجي ايوان جو وقار بلند ڪرڻ خاطر پنهنجي استحقاق کي ضمير جي مطابق استعمال ڪيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ سيد فخر امام اقتدار جي مزي ماڻڻ لاءِ سياست نه ڪئي، پر ان وقت جي آمرانه دور جي خاتمي ۽ حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ قدم کنيا جيڪي سندس کي هٽائڻ جو سبب بڻيا. هن ”دال ۽ گوشت“ کي الڳ ڪرڻ ۾ مارشلا جي خلاف قرارداد بحث لاءِ منظور ڪئي ۽ ميمبرن کي کلي طرح ان تي بحث ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ آخر ۾ هن بحث کي ويڙهيندي تاريخي رولنگ ڏني ته؛ مارشلا جو جاري رهڻ ايوان جي استحقاق کي مجروح ڪرڻ جي برابر آهي. ان رولنگ سان غير جماعتي ايوان جو تقدس ۽ وقار بلند ٿيو. غير جمهوري قوتن ۽ ان جي ساٿارين پنهنجين روايتن پٽاندڙ کيس مشڪل سان چوڏهن مهينا برداشت ڪرڻ بعد هٽائي ڇڏيو، اهڙي ريت دال ۽ گوشت جي ڀاڄي پچائڻ جو عمل به ختم ٿي ويو.