سعادت حسن منٽو چيو هو: “جيڪڏهن منهنجن افسانن ۾ توهان کي فحاشي نظر اچي ٿي ته ان جو قصور مون ۾ نه، پر سماج ۾ آهي.” اڄ به سندس هي جملا سماج جي منهن تي هڪ چماٽ وانگر لڳن ٿا. خاص طور تي انهيءَ دور ۾ جتي سوشل ميڊيا تي شهرت لاءِ انساني قدرن کي پامال ڪيو وڃي ٿو، صرف لائڪ، شيئر ۽ فالوئرن جي حاصل ڪرڻ لاءِ. آئون سوشل ميڊيا کي سالن کان استعمال ڪري رھيو آهيان. روز نوان چهرا، نيون وڊيوز ۽ نوان ٽرينڊ نظر اچن ٿا، پر دل کي تڪليف تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن پڙهيل لکيل، عزتدار خاندانن جون نياڻيون صرف وڌيڪ ويوز لاءِ ناچ ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ افسوس جي ڳالهه ته، اهي ان تي فخر به محسوس ڪن ٿيون.
ياد اٿوَ؟ هڪ ڇوڪري پنهنجي تقرير ۾ چيو هو: “هڪ ڇوڪري جا وائرل ڊانس اسٽيپس، اوهان جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ۽ ريسرچ کي تباھ ڪري سگهن ٿا”! ۽ اهوئي اهو ڪڙڪندڙ سچ آهي، جيڪو اسان تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. اڄڪلهه ماڻهن کي تعليم، محنت يا ذهانت جي ڪا پرواهه ناهي، انهن لاءِ صرف ٽرينڊ اهم آهن.
۽ اڄ جو ٽرينڊ آهي: پاڻ کي ايئن ڏيکارڻ جيئن ڪو دڪان تي وڪري لاءِ رکيل سامان هجي، جنهن کي هاڻ “ڪاميابي” چيو وڃي ٿو.
شايد اهوئي چوڻي جو اثر آهي: “جيڪو پوکيندين، سوئي لڻندين”..! اهي ڇوڪريون انهن ئي امير خاندانن جو اولاد آهن، جن جا وڏا (ابا، ڏاڏا) غريب ڇوڪرين کي نچڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا، پر اڄ، اهي ڇوڪريون پاڻ ئي “ريلز” ذريعي هڪ قسم جو ڊجيٽل ناچ پيش ڪري رهيون آهن. نه ڪنهن جي مجبوريءَ سبب، پر رڳو جعلي شهرت ۽ فالوئرز حاصل ڪرڻ لاءِ.
پر مان پڇڻ ٿو چاهيان: عزت جو مطلب آخر تبديل ڪيو ڪنھن آھي؟ هڪ ماءُ پنهنجي ڌيءَ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري ٿي، ڇا انهيءَ لاءِ ته سندس ڌيءَ ٽڪ ٽاڪ يا انسٽاگرام تي ناچ ڪري ۽ وائرل ٿئي؟ هي لائڪز ۽ ويوز جي ڊوڙ اسان کي اندروني طور خالي ڪري رهي آهي. هاڻ ڪنهن کي نه تعليم جي پرواهه آهي، نه قابليت جي، نه ڪوشش جي، صرف هڪ وڊيو ٺاهڻي آهي، ڀلي ان سان خاندان جي عزت تي تاءُ اچي.
سوشل ميڊيا جو استعمال غلط ناهي، پر سوال اُهو آهي ته استعمال ڪهڙي مقصد لاءِ ڪيو پيو وڃي؟
توهان علم، هنر، ڪوڪنگ، ڪتابن، تعليم يا حوصلي افزائي تي وڊيوز ٺاهي سگهو ٿا، پر افسوس ته اڪثريت ڇوڪرين جي سوچ صرف ايتري آهي. “جيڪڏهن اُها وائرل ٿي ته مان ڇو نه ٿي سگهان؟”
اي منهنجون ڀيڻون! توهان وٽ ان کان وڌيڪ صلاحيتون آهن، توهان ڪيترن ئي ماڻهن کان بهتر آهيو، پر پهرين پاڻ کي سڃاڻو. اهي لائڪز، ويوز، فالوئرز سڀ ختم ٿي ويندا، پر عزت، ڪردار ۽ سڃاڻپ اهي هميشه گڏ رهندا.
ڪڏهن سوچيو اٿوَ؟ اوهان جي هڪ وڊيو اوهان جي پيءُ جي دل آزاري جو سبب بڻجي سگهي ٿي، اوهان جي ماءُ جي ننڊ کسي سگهي ٿي، اوهان جي ڀاءُ کي ٻين جي سامهون شرمنده ڪري سگهي ٿي يا اوهان جي وڊيو ڪنهن ٻي ڇوڪري لاءِ غلط مثال بڻجي سگهي ٿي ۽ اهي ڇوڪريون، جيڪي واقعي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿيون، تعليم، قابليت ۽ سٺن قدرن سان تبديلي آڻڻ چاهين ٿيون، انهن کي اوهان جي ڪري ٻيڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي ته پاڻ کي ثابت ڪن.
ياد رکو، سستي شهرت گهڻي وقت تائين نٿي رهي. اڄ جيڪي ماڻهو اوهان لاءِ تاڙيون وڄائي رهيا آهن، اهي سڀاڻي اوهان کي ذليل ڪرڻ ۾ به دير نه ڪندا.
عورت جي خوبصورتي صرف سندس جسم ۾ ناهي، اها سندس عقل، علم، حيا ۽ ڪردار ۾ آهي. ها، اوهان جو جسم اوهان جي مرضي آهي، پر سوشل ميڊيا ڪو اهڙو ڪچو بازار ناهي، جتي ويهي سمجهو ته ڪوبه نه ڏسندو. ماڻهو اوهان جي نيت نٿا ڏسن، اهي اوهان جا عمل ڏسن ٿا ته پوءِ چونڊ اوهان جي آهي. چاهيو ٿا ته پاڻ کي دنيا جي سامهون هڪ ڊجيٽل فاحشه وانگر پيش ڪريو يا هڪ عزتدار، پڙهيل، قابل ڇوڪري طور جيڪا ٻين لاءِ مثال بڻجي؟
مان ڄاڻان ٿو ته گهڻا ماڻهو، خاص طور تي مرد ان ڳالهه تي ناراض ٿيندا ۽ ان جو به هڪ سبب آهي، پر مان هتي ان جو ذڪر نه ڪندس. هي پيغام تنقيد لاءِ ناهي، ھي پيغام هڪ مخلصاڻو مشورو آهي، جيڪو اوهان کي شعور عطا ڪري صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق جو احساس ڏياريندو ۽ اهو ئي احساس توهان کي تبديل ڪرڻ ڏانهن وٺي ويندو.