خاص

حڪومتي اتحاد سپريم ڪورٽ پروسيجر بل تي جوڙيل لارجر بينچ رد ڪري ڇڏيو

حڪومت ۾ شامل پارٽين سپريم ڪورٽ پروسيجر بل تي عدالت سڳوري جي 8 رڪني بينچ جي قيام کي رد ڪري ڇڏيو. گڏيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪمران پارٽين سپريم ڪورٽ پروسيجر اينڊ پريڪٽس بل تي تڪراري بينچ جي جوڙجڪ واري قدم کي رد ڪري ٿي. اهڙي نوعيت جو قدم پاڪستان ۽ عدالت جي تاريخ ۾ ان کان اڳ ڪڏهن به  ناهي آيو، هي ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت جي ساک ختم ڪرڻ، انصاف جي آئيني عمل کي بي معنيٰ ڪرڻ جي برابر آهي. پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ جي ورهاست سان حڪومت ۾ شامل پارٽين جي موقف جي ٻيهر تائيد ٿي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کان ڪوبه جج بينچ ۾ شامل نه ڪرڻ به افسوسناڪ آهي. حڪمران پارٽيون اهڙي قدم کي پارليامينٽ ۽ ان جي اختيار کي راتاهو قرار ڏين ٿيون. اهڙي قدم جي مزاحمت ڪئي ويندي. حڪمران پارٽين پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ کان اختيار ڦرڻ ۽ ان جي دستوري اختيارن ۾ مداخلت جي ڪوشش جي مزاحمت ڪئي ويندي.