خاص

ظلِ شاهه قتل ڪيس، عمران خان جي عبوري ضمانت تي ٻڌڻي کان جج معذرت ڪري ڇڏي

عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس علي ضياءَ جي عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي جسٽس علي ضياءَ ذاتي سببن تي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ورتي. هن درخواست وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي موڪلرائي ڇڏي. جسٽس علي ضياءَ طرفان درخواست کي ڪنهن ٻي بينچ جي روبرو لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي. درخواست ۾ جسٽس علي ضياءَ ان ڪيس جي اڄ ئي ٻڌڻي ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي.