خاص

ننڍيون مارڪيٽون، دڪان ۽ هارڊ ويئر اسٽور کلندا: حماد اظهر

صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته جڏهن ڪورونا وائرس شروع ٿيو ته سموري واپار کي بند ڪيو ويو هو ۽ روزاني جي شين ۾ دوائون ٺاهيندڙ صنعت ۽ اڏاوتي فيز-1 جي صنعت ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد ۾ بريفنگ ڏيندي حماد اظهر چيو ته جن صنعتن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو، انهن ۾ پائپ ملز جنهن ۾ اسٽيل ۽ پولي وينائل ڪلورائڊ (پي وي سي) شامل آهن انهن کي کوليو ويندو. پينٽ ٺاهيندڙ سمورين فيڪٽرين ۽ انهن جي دڪانن کي کوليو ويندو. سيرامڪس، سينيٽري ويئر ۽ ٽائلز جي صنعت ۽ دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. اليڪٽريڪل ڪيبلز ۽ سوئچ گيئر مينو فيڪچرنگ يونٽن ۽ دڪانن کي کوليو ويندو. المونيم ۽ اسٽيل جا سمورا دڪان ۽ مينو فيڪچرنگ يونٽ کوليا ويندا، هارڊ ويئر اسٽور کولينداسين ان کانسواءِ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پاڙن ۾ موجود دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حماد اظهر چيو ته سمورا دڪان فجر کان شام 5 وڳي تائين کليل رهندا ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن بند هوندا، پر ان دوران فارميسي ۽ ضروري شين جا دڪان کليل رهندا. شاپنگ مال کولڻ جي اجازت نه آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته وڌيڪ شعبا به کولينداسين