خاص

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران يونيورسٽي سطح تي سنڌي ٻولي ۽ لسانيات تي تحقيق کي هٿي وٺائڻ لاءِ مالي سهائتا جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ته جيئن ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي ۾ داخلا وٺندڙ شاگرد وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي موضوعن تي تحقيق ڏانهن مائل ٿين. هن وقت جيڪي شاگرد ايم.فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخل آهن ۽ انهن جا تحقيقي موضوع سنڌي ٻولي ۽ لسانيات آهن. اهي پنهنجو تحقيقي خاڪو (Outline) موضوع جي انفراديت يا نواڻ، ڪم جو تفصيل ۽ داخلا جو سال لکي اداري جي سيڪريٽري ڏانهن موڪلي سگهن ٿا. پهتل درخواستون ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيون وينديون. جيڪي شاگرد ايم.اي جي مونوگراف ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن نئين/اڻ ڇهيل موضوع تي تحقيق ڪندا ته انهن جي سهائتا پڻ ڪئي ويندي.