خاصنئون

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن کي ايڇ آءِ وي تي ڳالهائڻ کان روڪيو ويو

ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ پرزنس ڪريڪشنل فيسلٽيز بل 2019 پاس ڪيو ويو. بل اسيمبلي آڏو پيش ٿيڻ وقت اپوزيشن اڳواڻن پاران احتجاج ڪندي چيو ويو ته انهن کي اجازت ڏني وڃي ته جيئن هو صوبي اندر ايڊز جي خطرناڪ صورتحال تي قرار داد پيش ڪن. جنهن جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته توهان ڏينهن جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قرار داد پيش ڪري سگهو ٿا. هن موقعي تي صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته هن معاملي ته سڀني جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف اپوزيشن وارا پنهنجي موقف تي قائم رهيا ۽ قرار داد پيش ڪرڻ لاءِ اجازت گهرندا ۽ نعريبازي ڪندا رهيا. هن موقعي ته مڪيش چاولا چيو ته پي ٽي آءِ وارا مرڪزي حڪومت جي نااهلي تي پردو رکڻ لاءِ هي تماشو ڪري رهيا آهن. ٻي طرف اپوزيشن جي احتجاج ۽ نعريبازي جي گوڙ ۾ اسيمبلي پرزنس بل 2019 پاس ڪري ڇڏيو.