بلاگنئون

عالمي جنگين جي تناظر ۾ ايران تي مڙهيل جنگ ڪٿي دنگ ڪندي

پهرين عالمي جنگ 1914 ۾ شروع ٿي ۽ 1918ع تي ختم ٿي. هن جنگ ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ فوجي مارجي ويا. جڏھن ته ڇھه کان اٺ ڪروڙ انسان هن جنگ جو کاڄ بڻيا. دنيا جي هي پهرين جنگ هئي جيڪا بري، بحري ۽ هوائي محاذن تي وڙهي وئي. هن جنگ جو محاذ گهڻون يورپ ئي هو. ھي جنگ آسٽريا جي شهزادي جي قتل تان شروع ٿي، جيڪو سربين ويڙهاڪ جي هٿان سربيا اندر پنهنجي زال سوڌو قتل ٿيو هو. ان وقت سڄو يورپ بادشاهيءَ نظام هيٺ هو. آسٽريا، برطانيا، روس، جرمن، فرانس ۽ ترڪيه سڀئي بادشاهت هيٺ هيون. ترڪيه واحد ملڪ هو جيڪو مسلمان سلطنت/عثماني سلطنت جنهن کي آٽومن ايمپائر پڻ سڏبو هو. هن جنگ جي نتيجن سڄي يورپ کي لهو لهان ڪري ڇڏيو. ڪروڙين انسان اجل جو شڪار ٿي ويا. روس سوڌو ڪيترن ئي ملڪن جا نظام تبديل ٿيا، بادشاھتون ختم ٿيون. روس اندر پهريون ڀيرو انقلاب آيو ۽ لينن جي اڳواڻي ۾ زار شاهي نظام ختم ٿيو ۽ پرولتاريا (عوامي) انقلاب آيو. سلطنت عثمانيه ختم ٿي ۽ موجوده عرب رياستون وجود ۾ آيون. هن جنگ ۾ وڏو رول ۽ وڏو نقصان جرمنن ۽ روسين جو ٿيو هو. هي اها ئي جنگ هئي جنهن جي شڪست ۽ فتح اڳتي هلي ٻي عالمگير جنگ کي پڻ جنم ڏنو. سيڪنڊ ورلڊ وار وري هٽلر شروع ڪئي، جيڪا پوءِ سڄي دنيا اندر پکڙجي وئي. آمريڪا جي شموليت، پرل هاربر تي جاپان جي بمباري جي نتيجي ۾ آمريڪا پاران جاپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرائڻ سان لکين انسانن جي قتلام آمريڪا کي سپر پاور بڻائي ڇڏيو. ٻي عالمگير جنگ جي نتيجي ۾ اقوام متحده جو وجود عمل ۾ آيو. يورپ مڪمل طور جمهوريت ڏانهن وڌي ويا. سيڪنڊ ورلڊ وار جي نتيجن ۾ دنيا وڌيڪ ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي. جنھن ۾ جرمن قوم گهڻو ڀوڳيو.

هن جنگ جي نتيجي ۾ برطانيا جي اسرار تي اسرائيل کي فلسطين ۾ زوري آباد ڪيو ويو. ايئن سڄي دنيا اندر ٽڙيل پکڙيل يهودين کي هڪ ملڪ ٺاهي ڏنو ويو. سيڪنڊ ورلڊ وار ۾ هڪڙي پاسي جرمن، اٽلي ۽ جاپان هئا ته ٻئي پاسي آمريڪا، روس، برطانيا ۽ فرانس هئا. جرمني تي هٽلر اٽلي تي مسلوني جهڙا شدت پسند اڳواڻ هئا ته وري آمريڪا تي آئيزن هاور، روس تي اسٽالن ۽ برطانيا تي چرچل حڪومت ڪري رهيا هئا. هي جنگ 1939 ۾ شروع ٿي ۽ 1945 تائين هلي. جنگ جو آغاز جرمني پاران پولينڊ تي حملي ۽ قبضي تان شروع ٿيو، جيڪو پوءِ آهستي آهستي سڄي دنيا تائين پکڙجي ويو. هن جنگ جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ ساڍا پنج ڪروڙ انسان موت جو کاڄ بڻيا. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوجي جرمني ۽ روس جا ماريا ويا. روس جي سرزمين تي سائبيريا ۽ لينن گارڊ ۾ جرمنن کي ڪاپاري شڪست آئي، پر آمريڪا پاران ايٽم بم جي استعمال هن جنگ کي خونخوار روپ ڏيئي ڇڏيو. ان جنگ جي نتيجي ۾ جرمن ۽ جاپاني قوم پنهنجو پاڻ کي مڪمل تبديل ڪري. نئين سر تعمير شروع ڪئي ۽ قليل وقت اندر ٻئي قومون جديد سائنس جي ميدانن تي ڇائنجي ويون. وڏي صنعتي ترقي ڪري باوقار انداز سان اقوام عالم ۾ نروار ٿي بيٺيون. ٻئي طرف نئين سپر پاور بڻيل طاقت آمريڪا دنيا اندر جنگي جنون جي علامت طور سامهون آيو، جيڪو اڄ تائين ان جنون مان ٻاھر ناهي نڪري سگهيو. آمريڪا نه رڳو جنگين کي جاري رکندو اچي، پر انهن جنگين لاءِ جنگي انڊسٽري کي توثيق ڏيندو رهيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ دنيا اندر جنگي هٿيارن جي ڊوڙ شروع ٿي ٻين ملڪن پڻ ايٽم بم ٺاهي ورتا. آمريڪا اقوام متحده کان وٺي هر ان اداري تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو، جيڪو دنيا جي جيو پوليٽيڪل حالتن تي اثر انداز ٿيندو هجي.

سيڪنڊ وار کانپوءِ آمريڪا ٻي وڏي لڙائي ويٽنام سان وڙهي جيڪا ٽيھه لک ويٽنام جي ماڻھن ۽ سٺ هزار آمريڪا جي فوجين جي مارجڻ کانپوءِ ختم ٿي. هن جنگ ۾ به آمريڪي فوج جي وڏي شڪست ۽ تذليل ٿي. آخر ۾ آمريڪي فوجي هيلي ڪاپٽرن ۾ لٽڪي ويٽنام مان ڀڳا. وري افغانستان پڻ آمريڪا ساڳي ذلت ڏٺي، پر پوءِ جڏھن 1991 ۾ سوويت يونين ٽٽي روس وڃي بچيو ته آمريڪا دنيا جو اڪيلو والي وارث بڻجي ويو. آمريڪا جي سپرميسي ۽ جارهيت کي قائم رکڻ لاءِ سي. آئي. اي عالمي مالياتي ادارن ۽ يهودي لابي وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هيل تائين ستر ملڪن ۾ آمريڪا رجيم تبديل ڪرائي چڪو آهي. ڀٽو کان وٺي خامنائي تائين سوين عالمي ليڊرن کي مارائي چڪو آهي. اقوام متحده، ورلڊ بينڪ، آئي. ايم. ايف اهڙا ادارا آهن جيڪي آمريڪي مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا. اهي ئي ادارا پاڪستان جهڙن ملڪن کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿا، سو چئي سگهجي ٿو ته ايران مٿان مڙهيل جنگ پڻ آمريڪا جي ان غليظ سوچ جو نتيجو آهي، پر عالمي طور آمريڪا هن جنگ ۾ تنها بيٺل نظر ٿو اچي. سندس ڊپ، هٿيارن جي سپرميسي ختم ٿيندي نظر پئي اچي. پھريون ڀيرو يورپ هن جنگ ۾ آمريڪا سان بيٺل نظر نٿو اچي. جاپان ۽ آسٽريليا به پري ٿي ويا آهن.

صدر ٽرمپ وائڙو ٿي ويو آهي. روز پنهنجا بيان بدلائي رهيو آهي، هيءَ جنگ آمريڪا لاءِ ڏاڍي ڀوائتي ثابت ٿي رهي آهي.