بلاگنئون

چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو ڇا ٿيو؟

چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پي اِي سي) جيڪو بيجنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جي سڀ کان وڌيڪ پرجوش منصوبن مان هڪ منصوبو آهي، جنهن جو اعلان 2015 ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ ان کي مسلسل پاڪستان جي معيشت لاءِ گيم چينجر طور سڃاتو وڃي ٿو، پر ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو رستو هڪ انتهائي ڊگهو ۽ وچڙندڙ ثابت ٿيو آهي. رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ سي پيڪ منصوبن جي رفتار سست ٿي رهي آهي. ساڳئي وقت چين واحد ملڪ آهي جيڪو پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. تنهنڪري سي پيڪ جي سست رفتاري پاڪستان جهڙي ملڪ جنهن وٽ نقد رقم جي کوٽ رهي ٿي، جيڪو پاڪستاني معيشت لاءِ ڪو سٺو اشارو نه آهي. هي ملڪ پنهنجي سياسي پاليسين جي ڪري بيشمار مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. پاڪستان سي پيڪ 2015 ۾ پنهنجي اعلان کان وٺي مسلسل بحث هيٺ رهيو آهي، ان حقيقت جي باوجود ته سالن کان ڪا وڏي ترقي نه ٿي آهي. ترقي جي کوٽ سبب ملڪ ۾ سي پيڪ جي لڳ ڀڳ بند هجڻ بابت ڪيتريون ئي رپورٽون سامهون آيون آهن. ان جو مثال سي پيڪ تي تازي بلومبرگ جي هڪ وڊيو رپورٽ پڻ آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته چين جي پرچم بردار بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي کي ڪيئن ٻاهرين طاقتن سان روڪيو ويو آهي. بلومبرگ وڊيو خاص طور تي گوادر جي بندرگاھ واري شهر تي بحث ڪري ٿي. اهو نوٽ ڪرڻ دلچسپ آهي ته گوادر اربين ڊالرن جي منصوبن جو مرڪز هجڻ جي باوجود سست رفتار رهيو آهي. گوادر ۾ ٻين سهولتن کي ڇڏي جيڪڏهن پاڻي ۽ بجليءَ جي ڳالهه ڪجي ته اهي به اڃان تائين اڻ لڀ آهن.

چين ۽ پاڪستان جا سرڪاري حلقا شايد هن رپورٽ کي مغربي پروپيگنڊا جو هڪ مثال قرار ڏين، جيئن اهي اڪثر ڪندا آهن جو جڏهن به ڪا پرڏيهي ميڊيا رپورٽ انهن جي حق ۾ نه هوندي آهي، پر اهو ڪيترن ئي عنصرن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪي خدشا غلط ثابت ٿي ويا آهن ۽ آخرڪار پاڪستان ۾ سي پيڪ جي منصوبن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ٻين شين سان گڏ گوادر جو بندرگاھ وارو شهر تازو ڪيترن ئي سببن جي ڪري خبرن ۾ رهيو آهي، جنهن کي حفاظتي مسئلن جي ڪري لوهي ڪنڊيدار تار سان بند ڪيو ويو آهي. بلوچ قوم پرست گروپن پاران احتجاج سميت تمام گهڻي گوڙ کانپوءِ اختيارين کي ان ڪنڊيدار تار تي ڪم بند ڪرڻو پيو. جيڪڏهن ڪنڊيدار تار مڪمل ٿي وڃي ته پوءِ بلوچستان ۾ سي پيڪ منصوبن جي مخالفت ڪندڙ بلوچ قوم پرست گروپن جي پريشاني کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي. ڪجھ ماڻهن اهو به تجويز ڪيو آهي ته ڪنڊيدار تار گوادر کي بلوچستان کان الڳ ڪرڻ ۽ ان کي سڌي طرح وفاقي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ لاءِ هڪ ماسٽر پلان جو حصو آهي. صوبي ۾ چيني سيڙپڪاري کي روڪڻ لاءِ گوادر ۽ صوبي ۽ ملڪ جي ٻين هنڌن تي وقفي وقفي سان حملا ڪيا ويا آهن، پر چين حفاظتي صورتحال جي حوالي سان يقين ڏياري ٿو. چيني حفاظت جي ضمانت جي مقصد لاءِ هن پوري شهر کي سيل ڪرڻ بلڪل غلط طريقو آهي. خالص معاشي نقطهءِ نظر کان به اهو ڊگهي مدت ۾ بلوچن کي غلط تاثر ڏئي سگهي ٿو، جيڪو مستقبل ۾ امڪاني سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي روڪي سگهي ٿو.

هن بندرگاھ تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ سان جيتوڻيڪ چيني سيڙپڪارن جي درخواست تي عمل ڪرڻ هو، پر ڪاروباري دنيا بشمول چينين تي واضح ٿي ويو ته ملڪ امڪاني سيڙپڪارن لاءِ غير محفوظ ۽ غير يقيني آهي. ان ڪري گوادر ۾ ڪنڊيدار تار جي تعمير کي ختم ڪرڻ هڪ سٺو قدم هو، جيڪو اختيارين هاڻي تائين ڪيو آهي. اختياريون گوادر کي سيڙپڪاري دوست بنائڻ چاهين ٿيون، پر ڊگهي مدت ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل ترقي لاءِ رستو هموار ڪرڻ جو بهترين طريقو مقامي ماڻهن جي آئيني حقن جو تحفظ ڪرڻ به آهي. ان جي بدران مقامي ماڻهو پاڻ کي ترقي کان محروم محسوس ڪن ٿا ۽ گوادر ۾ پنهنجي مستقبل بابت پريشان آهن. تعمير جي تيزي سان بدلجندڙ رفتار کان بي گهر ٿيڻ بابت پريشان آهن ۽ اهو بندرگاھ تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جي ڪم کان اڳ واري مزاحمت هئي. ڇو ته بندرگاھ واري شهر اندر ۽ ان کان ٻاهر سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبا سست ڪيا ويا، ملڪ جي ٻين حصن کي ڇڏي ڏيو، پر گذريل سال علائقي ۾ جيوپوليٽيڪل ترقي جي بهاني سي پيڪ منصوبن کي ڦهلايو ويو، نتيجي طور پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ هائيڊرو پاور منصوبن لاءِ ٻه نوان معاهدا تيزي سان صحيحون ڪيا ويا. فيصل آباد ۾ هڪ خاص اقتصادي زون (ايس اي زي) معاهدي تي صحيون ڪيون ويون. انهن قدمن سي پيڪ جي حامين کي اهو يقين ڏياريو ويو ته ملڪ ۾ منصوبا هڪ ڀيرو ٻيهر صحيح ڪم ڪري رهيا آهن. نون معاهدن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جا عملدار مطمئن هئا ته سي پيڪ پنهنجي پوئين رفتار تي واپس اچي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سي پيڪ جي حق ۾ تجزين جو هڪ طوفان اچي ويو.

پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومت ۾ سي پيڪ منصوبن کي بحال ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن تي زور ڏنو هو، جيڪي 2018 ۾ حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ وري سست ٿي ويا، پر ان کانپوءِ سي پيڪ منصوبن سان لاڳاپيل ترقي جي سست رفتاريءَ اهو ظاهر ڪيو ته 2020 جا قدم بيجنگ جي امڪاني دٻاءُ جي ڪري هئا. 2020 ۾ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ کان وٺي سي پيڪ تي سرد خاموشي هڪ ڀيرو ٻيهر واپس آئي ۽ منصوبن تي گهٽ ترقي ٿي، پر نواز شريف جي دور ۾ سي پيڪ جي ترقي جي رفتار بلڪل ابتڙ هئي، خاص طور تي سندس اباڻي صوبي پنجاب ۾ جتي چين ۽ پاڪستان ٻئي خطي ۽ رياست جي طرفان ايندڙ رڪاوٽن کان واقف هئا. پاڪستان ۾ سي پيڪ اٿارٽي چين جي درخواست تي ٺاهي وئي هئي ته جيئن ٻنهي پاسن جي اسٽيڪ هولڊرن جي وچ ۾ منصوبن کي بهتر طور تي هم آهنگ ڪري سگهجي. رٽائرڊ جنرل عاصم سليم باجوه جي سربراهي ۾ نئين اٿارٽي قانون ۾ شامل ٿيڻ جي عمل ۾ سي پيڪ منصوبن جي راھ هموار ٿي ۽ عملدرآمد جي منصوبابندي ۾ هم آهنگي آئي ۽ مجموعي طور تي 70 ارب ڊالر جي سيڙپ ٿي، پر ڪجھ آزاد تجزيه نگارن جو خيال آهي ته سي پيڪ اٿارٽي لاڳاپيل منصوبن کي منتقل ڪندي پاڪستان ۾ سول حڪومت کان وٺي فوجي اختيارين تائين سڀني لاءِ هڪ چئلينج آهي.

پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سست رفتاري مخالف پارٽين کي خاص طور تي شريفن جي اڳواڻي ۾ رياست کي هڪ کليل موقعو فراهم ڪيو آهي. توڙي جو مخالف ڌر جي اڳواڻن بار بار موجوده حڪومت تي تنقيد پڻ ڪئي آهي ته هو بند ٿيل منصوبن جا ذميوار آهن. موجوده حڪومت سي پيڪ منصوبن جي بحالي تي ڌيان ڏئي ۽ مخالفن کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. ان ڪري گذريل ڊسمبر جي آخر ۾ چين ۽ پاڪستان سي پيڪ منصوبن جي رفتار کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ تي ڪم ڪيو، جنهن دوران انهن اهو اعلان ڪيو ته ٻئي ڌريون ترقي کان مطمئن آهن ۽ هن ميگا منصوبي کي سڄي دنيا لاءِ هڪ رول ماڊل ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. اجلاس چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تي بين الاقوامي تعاون تي هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ ذريعي منعقد ڪيو ويو، جيڪو 25 ڊسمبر 2020 تي چين جي سنڪيانگ علائقي ۾ ٻيو ڀيرو رٿيو ويو.

پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي چيني هم منصبن سان هٿ ملائي ڪم ڪرڻ جي سخت ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ اميد هئي ته سي پيڪ ماضيءَ جي غلطين جو پورائو ڪندي، پر بدقسمتي سان موجوده حڪمران پارٽي جي سي پيڪ بابت روش غير حل ٿيل ڳڻتين کي وڌيڪ اڀاريو، جيڪا انهن جي نااهلي آهي. جيڪا اربين ڊالرن جي منصوبن جي عملدرآمد ۾ رڪاوٽن جو سبب بڻجي رهي آهي، بلڪل اهڙي وقت تي جڏهن چيني سيڙپڪار غير منافعي بخش، پر سياسي طور تي صحيح منصوبن ۾ دلچسپي وڌائي رهيا آهن. اهوئي سبب آهي ته سي پيڪ جو رستو ڏينهن ڏينهن ڊگهو ٿيندو پيو وڃي. سي پيڪ ڏھن سالن ۾ مايوسيون ڏٺيون آهن، پاڪستان ۾ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو ترقي ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏنو آهي ۽ خطي ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرار کي وڌايو آهي. اصل ۾ ڏکڻ ايشيائي شايع ٿيل رپورٽن موجب هي منصوبو 2013 ۾ باضابطه طور تي شروع ڪيو ويو هو ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جي فليگ شپ منصوبي جي شروعات ڪئي وئي هئي ۽ چين سي پيڪ ذريعي 62 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو هو. جڏهن ته چين ۽ پاڪستان ٻئي سي پيڪ کي هڪ وِنِ وِنِ انيشيئيٽو سڏين ٿا، جيڪو پاڪستان کي تمام ضروري انفرااسٽرڪچر فراهم ڪري ٿو ۽ گوادر بندرگاھ ذريعي هندي سمنڊ تائين سڌي رسائي سان چين لاءِ واپاري رستن کي آسان بڻائي ٿو، پر گذريل ڏهاڪي ۾ ترقي ڪا خاطر خواھ ناهي ٿي. هاڻي سي پيڪ جي شروعات کان هڪ ڏهاڪي بعد هي منصوبو اڻڄاتل خدشن جو شڪار آهي، جنهن سبب بيشمار تڪرار هلي رهيا آهن. گذريل ڏهاڪي دوران نه رڳو پاڪستان جا ترقياتي منصوبا رڪجي ويا آهن، پر سي پيڪ پاڪستان جي بلوچستان صوبي ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تڪرار کي به وڌائي ڇڏيو آهي.