بلاگنئون

خانگي اسڪول مافيه کي صرف سرڪاري اسڪولن جي بهتر ڪارڪردگي ختم ڪري سگهي ٿي

خانگي اسڪول هڪ وڏي مافيا آهن، جيڪا قوم کي تعليم جي نالي تي لُٽي ٿي۽ هر مهيني ڪروڙين ۽ اربين رپيا تعليم جي نالي تي والدين جي کيسي مان ڪڍي ٿي. خانگي اسڪول جي مالڪن عوام کي ته جيئن جو تيئن لُٽيو آهي، پر هنن استادن جو هميشه استحصال ڪيو آهي. ڇا خانگي اسڪول واقعي هڪ مافيا آهي؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته پوءِ روز انهن ۾ اضافو ڇو پيو ٿئي. ننڍي ۾ ننڍي شهر ۾ ڏسجي ته هر گليءَ ۾ هڪ ٻه خانگي اسڪول کليل ڏسجن ٿا جتي ڏهه ٻار ملن ٿا اتي اسڪول قائم ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي اسڪول داخلا في جي نالي تي ڪيترائي هزار رپيا وٺن ٿا ۽ انهن مان ڪجهه ته لکين رپيا داخلا في به وٺن ٿا. انهن اسڪولن جو نصاب ايترو مهانگو آهي جو جيڪڏهن مون جهڙو ماڻهو ڪنهن شاگرد لاءِ ايترو ڪجهه خريد ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس گهر ۾ ڪا قيمتي شيءِ وڪڻڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته ان جي قيمت منهنجي آمدني کان تمام گهڻي آهي. انهن مان ڪيترن ئي اسڪولن جي ماهوار في حڪومت پاران مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي اڌ يا مڪمل پگهار جي برابر آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن اسڪولن ۾ داخلا سڄو سال بند رهندي آهي. داخلا سال ۾ صرف ڪجهه ڏينهن لاءِ کليل هوندي آهي ۽ داخلا وٺندڙن جون خواهشون وڏين سفارشن کانپوءِ پوريون ٿينديون آهن. جڏهن ته ڪجهه کي چيو ويندو آهي ته توهان جي ٻار جو نالو رجسٽرڊ ٿي ويو آهي، سڀ واجبات ادا ڪريو ۽ ايندڙ سال ٻار کي داخلا ڏيو. جڏهن ته ڪجهه بدقسمت ماڻهو ٻار جي قسمت تي ڳوڙها ڳاڙيندا آهن جو کين داخلا نه ملي سگهندي آهي. اهي اسڪول، جيڪي هڪ عام ماڻهو لاءِ مافيا آهن، پر اشرافيه لاءِ بهترين تعليمي نظام آهي. اهي اسڪول ملڪ جا آهن، پر خالص اشرافيه جي ٻارن لاءِ آهن، جيڪي خوشيءَ سان پنهنجن ٻارن کي انهن اسڪولن ۾ موڪلي رهيا آهن. هڪ عام پاڪستاني پنهنجي ٻارن کي انهن اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ کان قاصر آهي. جيڪڏهن هو قرض کڻي يا گهر جو ڪجهه سامان وڪڻي داخلا وٺندو آهي ته پريشانين کي منهن ڏيندو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي 95 سيڪڙو اسڪولن تي نظر وجهون ته يقينن انهن ۾ سٺا ۽ خراب اسڪول به هوندا، پر انهن اسڪولن کي مخصوص دڪانن تان ڪاپيون، ڪتاب يا يونيفارم خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. اهڙن اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. صوبائي حڪومتون اهڙي تعليم کي نئين نسل لاءِ غير صحت بخش تعليم قرار ڏئي. پنجانوي سيڪڙو خانگي اسڪول جتي وچولي طبقي يا غريب ماڻهن جا ٻار پڙهن ٿا، اهي ڪرائي جي عمارتن ۾ آهن. انهن اسڪولن کي لکين رپيا ڪرائي تي ڏيڻا پوندا آهن. حڪومت انهن اسڪولن لاءِ اهو به لازمي قرار ڏنو آهي ته انهن اسڪولن ۾ شاگردن جي ڪل تعداد جو ڏهه سيڪڙو هجي، جيڪي ٻار في نٿا ڏئي سگهن انهن کي داخلا ڏني ويندي، اهي شاگرد مفت ۾ پڙهندا. بدقسمتي سان انگن اکرن ۾ ته اهي شاگرد ڳڻجن ٿا، پر عملي طور انهن کان مڪمل في ورتي وڃي ٿي. ڇا انهن اسڪولن کي ڪاروبار نه چئجي؟ جن اسڪولن ۾ غريب طبقي جا ٻار پڙهن ٿا انهن جي ماهوار في پندرهن سئو کان ڏهه هزار جي وچ ۾ آهي. هن في ۾ به ڪيترن کي واقفيت، غربت يا سياسي اثر جي بنياد تي رعايت ڏني ويندي آهي. اسڪولن ۾ شاگردن جي في ڊفالٽنگ تناسب پڻ ڏهه سيڪڙو تائين آهي، مطلب ته اسڪول ۾ ڏهه سيڪڙو شاگرد مفت ۾ پڙهندا آهن، رڪارڊ هر اسڪول وٽ پڻ موجود آهن جنهن کي ڪو به اختيار رکندڙ ماڻهو آساني سان وڃي ڏسي سگهي ٿو. اسان کي پنهنجن ٻارن کي اتان ڪڍڻو پوندو. اهي اسڪول جيڪي هڪ عام ماڻهو لاءِ مافيا ۽ اشرافيه لاءِ بهترين تعليمي نظام وارا ادارا آهن. اهڙن اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڇو ته تعليم جهڙي حساس ادارن اندر غريب ۽ امير وارو فرق مٽائي پاڻ کي ترقي يافته ملڪن جي قطار ۾ آڻڻو پوندو. خانگي اسڪول هر سال پنهنجي فين ۾ اضافو ڪرڻ ۽ استادن کي بهتر پئڪيج نه ڏيڻ سبب هن وقت هن ملڪ ۽ قوم لاءِ  مٿي جو سور بڻيل آهن. خانگي اسڪولن جو واپار تڏهن شروع ٿيو جڏهن سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪرگي ٻڙي تي اچي وئي. ان جو سڀ کان وڏو حل اهو آهي ته سرڪاري اسڪولن جي معيار کي بهتر ڪيو وڃي، انهن جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪري اندر تعليمي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ لاءِ سرڪار کي ڀرپور صلاحيتون استعمال ڪرڻ گهرجن. جڏهن سرڪاري اسڪول سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته خانگي اسڪول پنهنجو موت پاڻ مري ويندا.