لاهوتي ميلو 2019
زاهده ابڙو
سنڌ ۾ ميلا ۽ ملاکڙا صدين کان ٿيندا اچن، اهو اسان جو ثقافتي ورثو آهي ته صوفين ۽ بزرگن جي درگاهن تي هر سال ميڙا ڪري هڪ ته صوفي بزرگن کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي ۽ ٻيو اتان جي وسنديءَ وارن کي تفريح به مهيا ٿيندي آهي ته وري ڪاروبار جا موقعا به هٿ ايندا آهن. اهڙن موقعن تي هر عمر جو ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي ميڙن ۾ تفريح جو مزو ماڻيندو آهي. وقت جي تبديليءَ سان شيون به تبديل ٿينديون رهن ٿيون ۽ ميڙن ملاکڙن به پنهنجو رنگ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. نائين ۽ ڏهين فيبروريءَ 2019 تي ڄامشورو سنڌ يونيورسٽيءَ جي حيدر بخش جتوئي اسٽيڊيم ۾ سنڌ جي نوجوان فنڪار سيف سميجي به لاهوتي ميلي جي نالي سان ميلو ملهايو جيڪو ڪجهه سالن کان لڳاتار هو ملهائيندو اچي.
هن ميلي جو ٿيم هر سال ڌار هوندو آهي. هن سال ان جو ٿيم عورت هئي. هن ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مون کي ڪيتريون ئي شيون نظر آيون. هڪ ته سنڌ جو سماج ڪيترن ئي سالن کان گُهٽ ۽ ٻوسٽ جو شڪار رهيو آهي ان ۾ هڪ منفرد انداز جو ميڙاڪو تمام شاندار خيال آهي. خاص طور تي نوجوان نسل جي لاءِ ان قسم جي موقعن تي سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي. مان جڏهن اسٽيج جي پويان ٺهيل لائونج ۾ وڃي ويٺيس ته اتي مون کي احساس ٿيو ته نه رڳو پاڪستان جا ڪيترين ئي ٻولين ڳالهائڻ وارا ماڻهو اتي موجود هئا پر اتي اٽلي، فرانس ۽ جرمنيءَ کان به نوجوان ۽ فنڪار هن ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيل هئا جن سان اسان جو سنڌي نوجوان گڏجي اٿي ويهي پيو ۽ ڳالهائي ٻولهائي رهيو آهي.
اهو هڪ نئون ٽرينڊ آهي جنهن جو سڀ کان وڏو فائدو اسان جي نوجوان کي اهو رسندو ته هو اهڙن موقعن تي تنظيم جي مختلف ڪمن ڪارين کي ڪندي ڪيترائي تجربا حاصل ڪندو ۽ ان جي سوچ ۾ وسعت پيدا ٿيندي هو پاڻ کي ڪا الڳ مخلوق نه پر گلوبل سٽيزن طور ڏسڻ شروع ڪندو ۽ پنهنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ هڪجهڙائي تلاش ڪندو. ان کانسواءِ هن کي روزگار لاءِ ڪيترائي ڪانٽيڪٽ فراهم ٿي سگهن ٿا ۽ ڪيترائي نوان خيال ملي سگهن ٿا ته ايندڙ سال هو هن ميلي مان ڇا حاصل ڪري سگهي ٿو. ان کانسواءِ هڪ ٻيو وڏي ۾ وڏو فائدو جيڪو هن ميلي مان اسان کي ملي رهيو آهي سو آهي سنڌي ماڻهن جي وقار ۾ اضافو. هن ميلي ۾ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن کان ماڻهو اچن ٿا جيڪي اهو ڏسي حيران ٿي وڃن ٿا ته ڇا سنڌ جو نوجوان به ايترو باشعور آهي. اسان کي ته جاهل ۽ پٺتي پيل سمجهيو وڃي ٿو پر لاهوتي ميلي جي موقعي تي هڪ رٽائرڊ انڪم ٽيڪس ڪليڪٽر سان منهنجي ملاقات ٿي جنهن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته سنڌ جو سماج پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ رکي ٿو.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ جي ماڻهن جو مزاج صوفياڻو رهيو آهي ۽ منجهن گڏجي رهڻ ۽ ٻين جي خيالن ۽ عقيدن جي لاءِ برداشت ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ پنهنجي دشمنن جي حملن ۽ ناپاڪ ارادن جي باوجود به اڃان تائين پنهنجو وجود قائم ۽ دائم رکيو اچي. هن وقت محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هي لاهوتي ميلو ان پيغام کي وڏي واڪي عام ڪرڻ جي هام هڻي رهيو آهي.